مواد ڏانھن هلو

لڪي شاھ صدر

لڪي شاھ صدر
لڪي
شھر
صدر الدين شاھ لڪياري جي درگاھ جو منظر
صدر الدين شاھ لڪياري جي درگاھ جو منظر
لڪي شاھ صدر is located in سنڌ
لڪي شاھ صدر
لڪي شاھ صدر
لڪي شاھ صدر is located in Pakistan
لڪي شاھ صدر
لڪي شاھ صدر
متناسقات: 26°15′45″N 67°54′11″E / 26.2626°N 67.9031°E / 26.2626; 67.9031
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن حيدرآباد ڊويزن
ضلعو جامشورو
تعلقو سيوھڻ
مقامي ٻولي سنڌي
واقع انڊس ھاء وي
باني صدر الدين شاھ لڪياري
يونين ڪاؤنسل صدر مقام لڪي شھر
حڪومت
  ايم پي اي مراد علي شاھ (پاڪستان پيپلز پارٽي)


لڪي شاھ صدر (انگريزي: Laki Shah Sader) سنڌ جي ڄامشورو ضلعو جو قديم شهر آهي. لڪي شاھ صدر سيوهڻ کان 19 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سنڌو درياھ جي ساڄي ڪناري انڊس هاءِ وي سان صفحه هستيءَ تي موجود آهي.[1] ڪتاب اھي ڏينهن آھي شينھن ۾ پير علي محمد راشدي لکي ٿو تہ لڪي اڳئين زماني ۾ ته لڪياري ساداتن جو ڳڙهه هئي، جتان سيد علي مڪي جي اولاد ٽڙي پکڙي ڪيئي وٿاڻ وڃي وسايا، پر اسان جي ابتدائي زماني ۾ هندن جو تيرٿ بڻجي چڪي هئي. ريلوي اسٽيشن جو نالو ئي ”تيرٿ لڪي“ رکرايو هئائون(جو پاڪستان ٺهڻ کان پوء ”لڪي شاهه صدر“ ۾ تبديل ٿي ويو). لڪي شهر ۽ اسٽيشن جي سامهون پهاڙن ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما هندو پنهنجي قبضي ۾ ڪري، ات مندر وغيره ٺهرائي مست ٿي ويهي رهيا هئا. کـَـل جي بيمارين جا سٽيل انهن چشمن ۾ وهنجڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ مان پيا ايندا هئا. ان کان سواءِ دنيا جهان جي هندو فقيرن، سنياسين، نانگن، ڀٽن ۽ ڪن چير ڪاپڙين جا ات ڳاها هوندا هئا. مسافرن جي اچڻ وڃڻ لاءِ لڪي اسٽيشن جي سامهون هڪ ڌرمشالا ٺهيل هئي، جت آيو ويو دم پٽي چشمن ڏانهن ويندو هو ان ڌرمشالا جا کنڊر اڄ تائين موجود آهن.[2]


لڪي تيرٿ

[سنواريو]

لڪي هڪ انتهائي اهم ماڳ آهي، جيڪو اهو اتر ۽ ڏکڻ سنڌ جي وچ ۾ گذرگاهه تي ڪنٽرول رکي ٿو. سما دور ۽ پوءِ ارغونن جي حڪومت هيٺ، لڪي اتر ۽ ڏکڻ سنڌ جي وچ واري انتظامي ورهاست جو مرڪزي هنڌ رهيو. هي ماڳ سيوهڻ شهر کان لڳ ڀڳ ٻه ميل ڏکڻ طرف واقع آهي. لڪي سنڌ ۾ شيو مت جي پوڄا جا سڀ کان اهم مرڪزن مان هڪ به رهيو. لڪي کي “تيرٿ” سڏيو ويندو هو، يعني زيارت ۽ ياترا جو مقدس مرڪز. هِنگلاج ويندڙ ياترين لاءِ لڪي تي حاضري لازمي سمجهي ويندي هئي. مختلف ماخذن موجب، هي ماڳ ڪڏهن ڪالي ديوي ۽ ڪڏهن شِو سان منسوب ڪيو ويندو آهي. هتي هڪ مقدس غسل خانو موجود آهي، جتي عقيدتمند مندر ۾ عبادت ڪرڻ کان اڳ پنهنجون سڀ ناپاڪيون ڌوئڻ ضروري سمجهندا هئا. ڪن ٻين روايتن مطابق، لڪي اهو هنڌ هو جتي هاردوار وڃڻ بدران آخري رسمون (ڏهاڙا) ادا ڪيون وينديون هيون [3]</ref>[4]. ريچرڊ برٽن، جنهن هن ماڳ کي “ڌرم تيرٿ” سڏيو، ان جو مقابلو فرانس جي فونتين-دي-ووڪليوز ۾ نيورون جي غسل سان ڪيو آهي. برٽن موجب، جڏهن صوبي ۾ برهمڻ مت غالب هو، تڏهن هتي هڪ خاص رسم ادا ڪئي ويندي هئي: اهي سنياسي، جيڪي پاڻ کي انتهائي بلند روحاني درجي تي پهتل سمجهندا هئا، هتي اچي رسمي خودڪشي ڪندا هئا (برٽن، 1877، جلد ٻيو، ص 174–175). اڄ به لڪي جو دورو خاص طور هندو ڌرم جا پوئلڳ ڪن ٿا، خاص ڪري هوارتي ۽ ويساکي جي موقعي تي</ref>[5]. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته لڪي، جيڪو اڄ “لڪي شاهه صدر” جي سرڪاري نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، اهو ماڳ هڪ اهم صوفي بزرگ شاهه صدر جي رهائشگاهه پڻ رهيو آهي. روايت موجب: (1) جڏهن لعل شهباز قلندر سيوهڻ پهتو، تڏهن هن علائقي تي شاهه صدر جو اثر ۽ ڪنٽرول هو، ۽ (2) شاهه صدر سنڌ ۾ سيدن جي هڪ اهم نسل جي شروعات ڪئي، جنهن کي “لڪياري سيد” چيو وڃي ٿو. 1996ع ۾، جڏهن سيد عبدالله شاهه لڪياري سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ بينظير ڀٽو پاڪستان جي وزيراعظم هئي، تڏهن هتي هڪ نئين درگاهه تعمير ڪئي وئي. جنهن جو طرزِ تعمير وچ ايشيائي يادگارن کان متاثر آهي. جيڪڏهن صوفي روايتن کي علامتي گفتگو سمجهيو وڃي، ته پوءِ لعل شهباز قلندر جو لڪي جو دورو ڪرڻ ۽ شاهه صدر کي عقيدت پيش ڪرڻ، شيو مت جي ورثي کي تسليم ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ طور به سمجهي سگهجي ٿو</ref>[6].

تاريخ

[سنواريو]

تاريخ جنت السنڌ جي مصنف رحيمداد خان مولائي شيدائي ۽ تحفته الڪرام جي مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي[7] مطابق راجا دلوراءِ پنهنجي حڪمرانيءَ جي دور ۾ پنهنجي ڀاءُ ڇٽو امراڻي تي ظلم ڪيو. ڇٽو امراڻي بغداد جي خليفي وٽ دانهين ويو جنهن سؤ عرب سيد علي جي رهنمائي ۾ موڪليا. سيد علي راجا دلوراءِ کي شڪست ڏئي لڪي جبلن جي لڪ وٽ رهائش اختيار ڪئي. جنهنڪري اهو لڪ علوي يا لڪي سان مشهور ٿيو. ڇٽو امراڻي جي درگاھ اڄ به سيوهڻ شهر ۾ آهي. لڪي شهر ۾ پير صدرالدين شاھ لڪياري جي درگاھ آهي. انهيءَ ڪري پوءِ هيءُ شهر لڪي شاھ صدر سڏجڻ ۾ آيو. شاھ صدر سان پير پاڳارن ۽ لڪياري سيدن جي نسبت ڳنڍيل آهي. شاھ صدر جي مزار ۽ ريلوي لائين جي اولهه ۾ لڳ هڪ قديم قبرستان به آهي. انهن مقبرن جي ديوارن تي نقش نگاري به ٿيل آهي. مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ:"هيءُ جبل جي ويجهو شهر آهي ۽ ساداتن جي جاءِ آهي، جن کي لڪياري سيد چوندا آهن. سڀني ۾ وڏو سيد صدرالدين هو، جنهن کي شاهه صدر چوندا آهن ۽ جنهن جو قبو اتي آهي. هو سيد محمد جو پٽ هو ۽ انهيءَ جو پٽ سيد اول شاهه سالڪ مجذوب هو ۽ ٻيو پٽ سيد ابوالحسن ۽ انهيءَ جو پٽ وري سيد عبدالرسول هو. اهي . سيد محمد شجاع به سيد صدر جي پوٽن مان هڪڙو هو ۽ طريقي نقشبنديءَ جو هو. سيد غازي خان به لڪياري سيدن جو سرڪردو هو ۽ سيد حمزه به انهيءَ کان پوءِ ناليوارو ٿيو. انهن کان سواءِ ٻيو هڪڙو سيد حيدر نالي سن شهر ۾ ڪرامت وارو ٿي گذريو. جو مخدوم بلال جي صحبت ۾ رهيو.[8] لڪيءَ جي جبلن مان ڪوسي پاڻيءَ جي ڪشتين جي پريان، ڪي غار لڌا اٿن، جي ٽڪرن مان ٽاڪيل آهن. انهن بابت رايو ظاهر ڪيو اٿن ته اڳي انهن ۾ ماڻهو رهندا هئا. هن وقت انهن غارن مان ڪي وهٽن لاءِ وٿاڻ ٿي ڪم اچن ٿا. هاڻوڪي سيوهڻ اسٽيشن جي پريان ٽڪريءَ تي، انهيءَ قديم زماني جو هڪ غار آهي. جو ”ايڪ ٿنڀو“ يا ”هڪ ٿنڀو“ سڏجي ٿو. اُن جو ذڪر ڊاڪٽر ولسن ڪيو آهي. اهو به نهايت قديم زماني جو غار آهي، جنهن ۾ ماڻهو پناهه وٺندا هئا. لڪيءَ جي جبلن مان ڪوسي پاڻيءَ جي ڪشتين جي نزديڪ، ڪيتريون قبرون لڌيون اٿن، جن بابت انهيءَ طرف جا مسلمان رهاڪو چون ٿا ته اهي آڳاٽن ”ڪافرن جون قبرون“ آهن. اهي قديم ماڻهن جون قبرون پندرهن ويهه فوٽ ڊگهيون، اَٺ نو فوٽ ويڪريون ۽ اٽڪل ٻه فوٽ اوچيون آهن. اهڙيون قديم زماني جون اڻ گهڙيل پٿر جون قبرون منگهي پير جي پريان شاهه بلاول واريءَ واٽ تان، توڙي ڪراچيءَ کان جيڪو رستو ڪوٽڙيءَ ۽ سيوهڻ ڏي وڃي ٿو، تنهن شاهي سڙڪ تي آهن. انهن هنڌن جا مسلمان رهاڪو انهن کي به ”ڪافرن جون قبرون“ ڪوٺين ٿا. هندن ۾ به اڳي ۾ُردن پورڻ جو رواج هو. ۾ُردن ساڙڻ جو رواج گهڻو پوءِ پيو. جو باهه ٻارڻ جو هنر ماڻهو پوءِ سکيا. هنن حقيقتن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو، ته هاڻوڪي حب ندي انهيءَ آڳاٽي وقت ۾ به هئي، ۽ چوماسي ۾ برسات جو پاڻي جبلن تان لهي منجهس اچي پوندو هو، جنهنڪري هن پاسي به پاڻيءَ جي سهنج ڪري ماڻهو رهي سگهيا ٿي؛ پر اها وري به بلوچستان جي حد ليکبي، تنهنڪري سنڌ جو وسيل پاسو رڳو سيوهڻ وارو طرف چئبو. سر بارٽل فريئر، جنهن جي نالي پٺيان ڪراچيءَ جو ”فريئر هال“ سڏجي ٿو، تنهن سن 1851ع ۾ تاريخ کان اڳ واري زماني جي قبرن جو بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ لکيو هو.[9]

لڪي تيرٿ

[سنواريو]

لڪي جا چشمان

[سنواريو]

لڪي شهر کان 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي لڪي جبلن ۾ سرد ۽ گرم قدرتي پاڻي جا چشما آهن. هت هڪ مسجد ۽ ٻن مندرن سان گڏ لڪي تيرٿ پڻ آهي. گرم پاڻيءَ ۾ وهنجڻ سان خارش جي بيماري ختم ٿي ويندي آهي.[10]


موجودھ شهر

[سنواريو]

شهر لڪي شاھ صدر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائيمري اسڪول، هڪ هاءِ اسڪول ۽ ريلوي اسٽيشن پڻ آهي. هت ڪچي ۾ درياھ جي پاڻي تي دالين ۽ ڪڻڪ جا فصل وڌيڪ ٿين ٿا. هن شهر جي موسم مناسب حد تائين خوشگوار آهي.[11]

حوالا

[سنواريو]
  1. {}
  2. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book10/Book_page2.html۔ خالي يا غائب |title= (مدد)
  3. ٺاڪُر، 1959، ص 153
  4. SINDH through History and Representations and French Contributions to Sindhi Studies Edited by MICHEL BOIVIN;SHIVAITE CULTS AND SUFI CENTRES A REAPPRAISAL OF THE MEDIEVAL LEGACY IN SINDH Michel Boivin, Oxford University Press, pages 38
  5. SINDH through History and Representations and French Contributions to Sindhi Studies Edited by MICHEL BOIVIN;SHIVAITE CULTS AND SUFI CENTRES A REAPPRAISAL OF THE MEDIEVAL LEGACY IN SINDH Michel Boivin, Oxford University Press, pages 38
  6. SINDH through History and Representations and French Contributions to Sindhi Studies Edited by MICHEL BOIVIN;SHIVAITE CULTS AND SUFI CENTRES A REAPPRAISAL OF THE MEDIEVAL LEGACY IN SINDH Michel Boivin, Oxford University Press, pages 38
  7. مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفته الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2004ع
  8. "قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع.  ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  9. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html۔ خالي يا غائب |title= (مدد)}
  10. https://www.google.com/#q=Laki+Shah+Sadar
  11. sindh tourism an archaeological journey - Google Search