آمري شهر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آمري شهر

آمريءَ (انگريزي: Amri) جو ڳوٺ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري تي، موھن جي دڙي کان 85 ميل، لڪي شاھ صدر کان 6 ميل ڏکڻ طرف ۽ سن شھر کان 9 ميل اتر، تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ديهه ’ڇڇر‘ ۾ آباد آھي، جنھن جي آبادي ھن وقت پنجن ھزارن جي لڳ ڀڳ آھي، ھتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ اسڪول موجود آھن. ھن ڳوٺ ۾ ھڪ ڊسپينسري به آھي.
آمريءَ جو احوال ابتدائي ڪتابن مان تاريخ تحفة الڪرام ۾ تفصيل سان آيل آھي. ھتي آڳاٽي وقت کان وٺي لڪي واري سيد علي جي اولاد مان حضرت لڪي شاھ صدر ۽ سندس ٻيا رشتيدار برزگ سيد رھندا ھئا. حضرت لڪي شاھ صدر، لڪي شاھ صدر شهر ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي پر ٻيا آمري ۾ ئي رهيا. سندن اولاد ھن وقت به ھتي رھندو آھي، انھن ۾ ھڪ سيد الھرکيو شاھ ٿي گذريو آھي، مسڪين ماڻھن جي پر گھور لھندو ھو. پاڻ وقت جو وڏو زميندار ھو ۽ 1952ع ڌاري 60 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين، کيس ٽي فرزند ٿيا. مقبول شاھ، غلام رسول شاھ، ۽ محمد حسن شاھ. ان وقت آمريءَ ۾ مھر، سيد، ماڇي، ميربحر، خاصخيلي، ٻجورا، ڏونگر، ۽ دنڀڙ ذاتيون رھنديون ھيون. ھندو به ڪافي تعداد ۾ ھوندا ھئا. سنڌ جو نالي وارو مصور ۽ سنڌ ميوزيم حيدرآباد جو اڳوڻو ڊائريڪٽر مرحوم ظفر ڪاظمي ۽ ناميارو فنڪار علڻ فقير به ھن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا، ھتي ريلوي اسٽيشن به آھي. آمريءَ کان ٿوري مفاصلي تي ٻه قديم دڙا آھن، جيڪي آثار قديمه جي ماھرن جي توجھ جو مرڪز بنيل رھيا آھن. اصل آمريءَ جو شھر اھو ھو، جيڪو اليگزينڊر برنس جي چوڻ مطابق قديم زماني ۾، ھڪ وڏو شھر ۽ راجائن جي رھڻ جو ماڳ ھو. پر سنڌو درياھ جي ٻوڏن سبب تباھ ٿي ويو.[1]

حوالا[سنواريو]