موهن ڪلپنا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

موهن ڪلپنا
معلومات شخصيت
ڄم 22 نومبر 1930  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ڪوٽڙي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 19 جُونِ 1992 (62 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
الھاس نگر ممبئي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت Flag of India.svg ڀارت  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو ليکڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي سنڌي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

موهن ڪلپنا سنڌي ادب جو اهو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن سهڻي سنڌي ٻولي کي شاهڪار ناول ڏنا. موهن ڪلپنا جو سپنو مرڻ ڪنان به سپنو ئي رهيو، ڇاڪاڻ ته سندس خواهش هئي ته هڪ ڀيرو سنڌ جي ڌرتيءَ تي پير پائي ڏسان، سنڌو درياءَ جو ديدار ڪري سگهان پر سندس اهي خواهشون پوريون نه ٿي سگهيون ۽ هو سنڌ جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙيندو ڌڻيءَ کي وڃي پرتو.

موهن ڪلپنا جو اصل نالو ”موهن بولچند لالا“ هو ۽ پاڻ اصل سيوهڻ جو هو پر سندس جنم جو شهر ڪوٽڙي آهي. موهن ڪلپنا جو جنم ڏينهن 22 نومبر سال 1930ع آهي. موهن ڪلپنا مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو. دنيا جي عام جفاڪشي کي منهن ڏيڻ واسطي هو اخبار نويسي جي ڌنڌي ۾ وڃي لڳو. اها اخبار هئي روزانه ”سنڌڙي“. سندس زال جو نانءُ ڪمل ۽ ڌيءَ جو گيتا اٿس. موهن ڪلپنا انڊيا جي مهراڻ ادبي سنگت جو چئرمين به رهيو. سندس پهرين رچنا ”آتم هتيا“ ڪهاڻي آهي جيڪا هن 1948ع ڌاري لکي. ان کان پوءِ هن جي لکڻين جي لنبي قطار آهي.

هن جا لڳ ڀڳ ٽيهه کن ڪتاب سنڌ توڙي هند ۾ ڇپجي چڪا آهن ۽ ڏاڍي چاهه سان پڙهيا ويندا آهن. سندس مشهور ڪتاب ”آواره“، ”رڃ ۽ پاڇا“، ”اٺين ڪٿا“، ”تون منهنجي سندرتا جو آرنڀ آهين“، ”درد جو درياءَ“، ”چاندني ۽ زهر“، ”اها شام“، ”اڃا رات باقي آ“، ”فنڪار ۽ فيلسوف“، ”جهاز جي ڊيڪ تي“، ”بک، عشق ۽ ادب“ وغيره آهن.

موهن ڪلپنا سيلف پورٽريٽ ۾ لکي ٿو، ”رات جو چنڊ نڪرندو آهي ۽ ماڻهو سمهي پوندا آهن. شاعري ان جڳهه جو نالو آهي جا مساڻن ۾ چڪر لڳائيندي آهي. تپسيا اُلوءَ جو ڌرم آهي. تهذيب ڪپڙي جو وال نه پر ان جو اگهه آهي. تاج محل مزدورن جو پگهر آهي. شاهڪار ڪمپازيٽر جي ڪمپوزنگ آهي.“ ساڳئي ئي پورٽريٽ جي آخر ۾ هو لکي ٿو، ”مون کي پوري خاطري آهي ته مان سرسوتي جي چوٽيءَ مان ڪريل ڦول جي هڪ پنکڙي نه آهيان. پر ڪڏهن، ڪٿي، ڪنهن پنهنجو پير رکيو هو، مان ان پير جو نشان آهيان ۽ مان ان پير جي ڳولها ۾ آهيان.“

سنڌ ۾ سندس گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ”سنڌي ساهت گهر حيدرآباد“ طرفان ڇپيا. هن جا ڪيترائي ڪتاب پنج کان ڇهه ڀيرا پڻ ڇپجي چڪا آهن. سندس آتم ڪٿا ”بک، عشق ۽ ادب“ گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتاب ڪوٺجي ٿو.

موهن ڪلپنا جي ڪتاب ”بک، عشق ۽ ادب“ مان ڪجهه چونڊ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا.

  • ڪڏهن سنڌ ياد ايندي هئي. ڪڏهن نياضيءَ جي. ڪڏهن شيلا جي ۽ ڪڏهن ڪملا جي.
  • مان ڪميونسٽ ته ٿي نه سگهيس، پر مون تي ان ڏينهن جي تقريرن جو چڱو اثر پيو. پر مان ادب کي پارٽي پڌرنامي تي لکڻ وارو نه هئس ۽ ڪلا کي پرچار جو ذريعو ڪڏهن به نه بڻايم. شايد ان ڪري مان ڪجهه بهتر لکي سگهيو آهيان.
  • مون کي قسمت لفظ نه وڻندو آهي، ۽ نه ان ۾ وشواس اٿم. بس اسين زندگيءَ جي ڪنهن ائبسرڊٽيءَ کي قسمت لفظ جو عنوان ڏيئي، پنهنجي جند کي ٿيل زيادتي کان بچائيندا آهيون.
  • سو موت ته اڻٽر آهي ئي، ان کي سهج سڀاويڪ قبول ڪجي، جيڪڏهن اهو سهج سڀاويڪ اچي. پر اڪثر ائين ٿئي نٿو. البير ڪاميو هڪ هنڌ لکيو آهي ته اها انساني زندگيءَ جي ڪيڏي نه ائبسرڊٽي آهي، جو هو جنهن زندگيءَ کي مطلب بخشڻ چاهي ٿو، اها بنا اطلاع جي اوچتو ختم ٿي وڃي ٿي.
  • ذاتي زندگي ۾ مون ڏٺو ته دنيا لاءِ نه، ته هندستان لاءِ هڪ اندرا گانڌي آهي، جا ماڻهن جو ڀلو ڪري سگهي ٿي. پر جنتا سرڪار کيس جيل ۾ وجهڻ لاءِ آماده آهي. سوچيم ته ان عورت جا هٿ مضبوط ٿيڻ گهرجن. ڄار ۾ ڦاٿل شينهن کي ڪڏهن ڪوئا به ڪم ايندا آهن.
  • مان ائين ئي جلاوطنيءَ ۾ ئي ڳري سڙي ختم ٿي ويندس ۽ پوءِ شايد ڪي ماڻهو ڳالهه ڪندا، هڪ هئي سنڌ ۽ هڪ هو موهن ڪلپنا، ٻنهي هڪٻئي سان ڏاڍي محبت ڪئي، پر ملي نه سگهيا!

حوالا[سنواريو]

  • ڪتاب، ”بک، عشق ۽ ادب“، ”درد جو درياءَ“ ليکڪ: موهن ڪلپنا