بالٽڪ علائقو
ڏيک
بالٽڪ سمنڊ سان ڀل نہ کائو.

بالٽڪ علائقو (Baltic Region) یا بالٽڪ سمنڊ وارو علائقو، متبادل طور "بالٽڪ ڇلو" (Baltic Rim)، "بالٽڪ سمنڊ جا ملڪ"، بالٽڪ سمنڊ جي چوڌاري عام طور تي اتر يورپ جي هڪ عمومي علائقي ڏانهن اشارو ڪري ٿو. "بالٽڪ رياستن" (Baltic States) جي برعڪس، بالٽڪ علائقي ۾ اها سڀئي ملڪ ۽ علائقا شامل آهن جيڪي سمنڊ جي سرحد سان لڳل آهن.
نالو
[سنواريو]علائقي جو نالو بالٽڪ سمنڊ جي نسبت سان آهي. پهريون شخص، جنهن ان کي بالٽڪ سمنڊ (لاطيني: Mare Balticum) جو نالو ڏنو، 11هين صدي جو جرمن تاريخ نويس ايڊم آف بريمن هو.
علائقي جي مختلف لحاظ کان تعريفون
[سنواريو]تناظر جي لحاظ کان "بالٽڪ علائقو" يا "بالٽڪ سمنڊ جو علائقو" جي اصطلاح جا ممڪن طور تي استعمال هيٺيان ڏنل آهن؛
- اها ملڪ جيڪا بالٽڪ سمنڊ سان لڳڻ ٿا:
- بالٽڪ رياستون: ملڪن جا گروپ جيڪا "بالٽڪ اسيمبلي" ۽ "بالٽڪ ڪائونسل آف منسٽرز" جا ميمبر آهن ۽ مختصر طور تي "بالٽڪ رياستن"جو حوالو ڏنو ويندو آهي:[1][2][3]
- روس جو ايسٽونيا، لاتويا، لٿوانيا ۽ باقي روس کان الڳ ٿيل، ڪاليننگراڊ اوبلاسٽ.[4]
- تاريخي اوڀر پروشيا، لوونيا، ڪورلينڊ ۽ اسٽونيا جي تاريخي زمينون (سويڊش اسٽونيا ۽ روسي ايسٽونيا)
- شاهي روس جا اڳوڻا بالٽڪ گورنريٽ: اڄ جو ايسٽونيا ۽ لاتويا (موجوده اوڀر لاتويا جي حصن کي ڇڏي جيڪي ويٽبسڪ گورنريٽ جو حصو هئا).[5]
- گرينڊ بالٽڪ اينٽينٽ لاء ڳالهه ٻولهه ڪندڙ ميمبر جيڪي "بالٽڪ ليگ" جي نالي سان پڻ مشهور آهي: فنلينڊ، ايسٽونيا، لاتويا، لٿوانيا، پولينڊ.[6]
- ارضيات ۾، بالٽڪ شيلڊ ۾ فينوسڪينڊيا، اتر اولهه روس جا حصا ۽ اتر بالٽڪ سمنڊ شامل آهن.
- بالٽڪ سمنڊ جي رياستن جي ڪائونسل (CBSS) جا ميمبر: اها ملڪ، جنهن جا ساحل بالٽڪ سمنڊ سان گڏ آهن.[7] (ناروي، آئس لينڊ ۽ يورپي ڪميشن کانسواء)
- يورو ريجن B7 بالٽڪ ٻيٽ نيٽ ورڪ (Euroregion B7 Baltic Islands Network)، جنهن ۾ ٻيٽ ۽ ٻيٽن جا ميڙ شامل آهن:
- الاند (Åland)، فنلينڊ جو خودمختيار علائقو
- بورنهوم (Bornholm)، ڊينمارڪ
- گوٽ لينڊ (Gotland)، سويڊن
- هيئوما (Hiiumaa)، اسٽونيا
- اولينڊ (Öland)، سويڊن
- روگن (Rügen)، جرمني
- ساريما (Saaremaa)، اسٽونيا[8]
- تاريخي اسڪينڊينيويائي (Scandinavian) ۽ جرمن نقشن تي، بالٽڪم (Balticum) ڪڏهن ڪڏهن صرف تاريخي يا ثقافتي طور تي جرمني جي تسلط واري زمين، يا صوبا؛
- ايسٽونيا (Estonia)
- ليوونيا (Livonia)
- ڪورلينڊ (Courland)
- لٽگيلي (Latgale) (جديد ايسٽونيا ۽ لاتويا جي مطابق)
- اوڀر پروشيا (East Prussia)
- ساموگيتيا (Samogitia) (جديد اولهائين لٿوئنيا جي مطابق)
۽ انهي سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن پوميرانيا (Pomerania) ۽ ڪاشوبيا (Kashubia) کي شامل ڪندو آهي. جڏهن ته تاريخي طور تي گهٽ جرمن ٿيل مشرقي لٿونيا کي ڪڏهن ڪڏهن خارج ڪيو ويندو آهي.
پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ بالٽڪ علائقو سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- The Baltic Sea Information Centre (archived 8 February 2008)
- EU Baltic Sea Region Strategy (EUSBSR) – a strategy aiming to accelerate the integration of the region
- The Baltic University Programme – a university network focused on a sustainable development in the Baltic Sea region (archived 10 June 2010)
- Baltic Sea Region Spatial Planning Initiative VASAB
- Baltic Sea Region Programme 2007–2013 آرڪائيو ڪيا ويا 12 April 2021 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- Vifanord – a digital library that provides scientific information on the Nordic and Baltic countries as well as the Baltic region as a whole.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Republic of Estonia; Republic of Latvia; Republic of Lithuania (1994). Declaration on Unity and Co-operation by the Republic of Estonia, Republic of Latvia and Republic of Lithuania. Council of Baltic States. https://vm.ee/sites/default/files/content-editors/web-static/409/2003_11_28_BMN_pohikiri_allkirjadega_eng.pdf. Retrieved 2 June 2021.
- ↑ Misiunas, Romuald J; Bater, James H (25 May 2006). "Baltic states" (en ۾). Encyclopædia Britannica (Online ed.). https://www.britannica.com/place/Baltic-states. Retrieved 2 June 2021.
- ↑ Ministry for Foreign Affairs of the Republic of Latvia, "Co-operation among the Baltic States", Republic of Latvia, اصل کان 4 December 2008 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2 June 2021۔
- ↑ «The Baltic region includes the Baltic republics and the Kaliningrad region of the RSFSR "» — سانچو:GSEn
- ↑ Gibson, Catherine (29 March 2022). Geographies of Nationhood: Cartography, Science, and Society in the Russian Imperial Baltic. Oxford University Press. pp. 6–7. doi:. ISBN 9780192844323.
- ↑ Townsend, Mary Evelyn (September 1921). The Baltic States. The Institute of international education.
- ↑ European Commission, "CBSS - Council of Baltic Sea States", knowledge4policy.ec.europa.eu, European Union, اصل کان 2 June 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2 June 2021, "The Council of the Baltic Sea States is an overall political forum for regional inter-governmental cooperation. The Members of the Council are the eleven states of the Baltic Sea Region as well as the European Commission."
- ↑ B7 Steering Committee (8 September 2004). "Charter of the B7". B7 Baltic Islands Network. https://discomap.eea.europa.eu/map/Data/Milieu/OURCOAST_098_Baltic/OURCOAST_098_Baltic_Doc2_BalticSevenCharter.pdf.
- ↑ Dunbar, Moira (2004). "Arctic: Geology" (en ۾). Encyclopædia Britannica. https://www.britannica.com/place/Arctic#ref57843. Retrieved 30 June 2021.
- ↑ Beckholmen, Monica; Tirén, Sven A (September 2008). "The geological history of the Baltic Sea: A review of the literature and investigation tools". Swedish Radiation Safety Authority - Strålsäkerhetsmyndigheten. Report number: 2009:21. ISSN 2000-0456. https://www.osti.gov/etdeweb/servlets/purl/963502. Retrieved 30 June 2021.