فياض جتوئي
فياض جتوئي Fayaz Jatoi | |
|---|---|
| ڄمڻ | ڳوٺ شادڻ جتوئي، ڏوڪري تعلقو، لاڙڪاڻو ضلعو |
| پيشو | شاعر |
| ٻولي | سنڌي |
| رهائش | ڳوٺ شادڻ جتوئي،ڏوڪري |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | ايم اي سي ڪمپيوٽر سائنس |
| مادرِ علم | شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور |
| دور | هاڻوڪو |
| موضوع | شاعري |
فياض جتوئي (انگريزي ٻولي:Fayaz Jatoi) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر آهي.
زندگي جو احوال
[سنواريو]فياض جتوئي جو پورو نالو فياض حسين جتوئي آهي. هيءُ پهرين مارچ 1991ع تي حاجي بشير احمد جتوئي جي گهر ۾ سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ شادڻ جتوئي ۾ پيدا ٿيو.[1]
تعليم
[سنواريو]فياض جتوئي پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ پرائي ۽ 2001ع ۾ 5 درجا پاس ڪيائين. هن مئٽرڪ جو امتحان 2006ع ۾ گورنمينٽ هائير پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي منجهان پاس ڪيو. انٽر سائنس جي تعليم 2008ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪيائين. فياض جتوئي ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم ايس سِي جي ڊگري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور منجهان 2012ع ۾ مڪمل ڪئي ۽ استاد جي پيشي سان واڳجي ويو.[1]
شاعري
[سنواريو]فياض جتوئي شاعري جي شروعات سال 2013ع ۾ ڪئي پر ٿوري عرصي ۾ محنت ۽ مشقت سان پاڻ مڃائي ورتو. هن تخليقي سگھ وسيلي ادبي حلقن ۾ پنهنجي جڳھ جوڙي ورتي آهي ۽ نهايت منفرد شاعر طور سڃاڻپ حاصل ڪري ورتي آهي. سندس شاعري ڪاوش ۽ ٻين معياري اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهي. هن سنڌي شاعريءَ جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل تمام گهڻو لکيو آهي. سندس غزل ئي وڌي سڃاڻپ آهي.[2][3][4] فياض جتوئي ڪن شاعرن تي نثري تاثر پڻ لکيا آهن.[5]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "فياض جتوئي:نئين ٽهيءَ جو منفرد شاعر". SindhSalamat. 2019-12-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sindhi Poetry: Poetry Of Fayaz Hussain Jatoi". Sindhi Poetry. 2019-12-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "سنڌي شاعري (Sindhi poetry): سنڌي غزل". سنڌي شاعري (Sindhi poetry). 2020-03-10 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Wassan, Muhammad Suleman (2016-09-03). "سنڌي شاعري ڪارنر: سار ٿي تنهنجي اچي اڌ رات جو". سنڌي شاعري ڪارنر. 2020-03-13 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Sindhipeoples (2017-09-05). "سنڌي شخصيتون: مسرور پيرزادو". سنڌي شخصيتون. 2020-03-13 تي حاصل ڪيل.