سنڌ مدرستہ الاسلام يونيورسٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سنڌ مدرستہ الاسلام يونيورسٽي
Quaid-i-Azam's Will.JPG
انگريزي ۾ چونڊيل چوڻي
Enter To Learn Go Forth to Serve
قسم عوامي يونيورسٽِي
سرگرم 1885(2012 ۾ يونيورسٽي جو درجو مليو)
چانسلر گورنر سنڌ
وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ
پتو ڪراچي، سنڌ، پاڪستان
ڪيمپس 8 acres
لاڳاپا ھائپر ايجوڪيشن ڪميشن، چارٽرڊ باء سنڌ گورنمينٽ
ويب سائيٽ [1]smiu

سنڌ مدرسة الاسلام ھڪ تاريخي تعليمي ادارو آھي، جيڪو ڪراچي ۾ پھرئين اپريل ساڪ 1885ع ۾ حسن علي آفندي (تُرڪ نسل جو سنڌي ماڻھوءَ) قائم ڪيو ھيو. جنھن کي قائم ڪرڻ ۾ انڊيا جو قاضي سيد احمد خان ۽ سيد امير علي جي سھڪار رھيو.

قائداعظم محمد علي جناح ھن مدرسي مان پڑھيا ھئا۔ ھن وقت ھي ادارو يونيورسٽي جو درجو ماڻي چُڪو آھي.

قيام[سنواريو]

سن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. انگريزن، مسلمان ديني تعليم کي دُنيا جي تعليم تي فوقيت ڏيندا ھيا [1]. مسلمانن جي انھيءَ حال کي ڏسي، سن 1882ع ۾ سيد امير علي ڪلڪتي ۾ نيشنل محمدن ائسوسئيشن قائم ڪئي. ائسوسئيشن جي قيام جو مقصد هو، مسلمانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪوشش وٺڻ. سن 1884ع ۾ سيد امير علي هڪ مقدمي جي پيرويءَ جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ آيو، ڪراچيءَ جي مسلمانن سندس اعزاز ۾ هڪ جلسو منعقد ڪيو، جنهن ۾ هنن ظاهر ڪيو ته سنڌي مسلمان جديد تعليم ۾ گهڻو پوئتي آهن هنن اهو به ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ هو ڪجهه ڪرڻ گهرن ٿا. سيد امير علي سندن همت افزائي ڪئي، ۽ کين مشورو ڏنو ته هو سنڌ ۾ نيشنل محمدن ائسوسئيشن ڪلڪته جي شاخ قائم ڪن، جنهن جي ذريعي مسلمانن لاءِ جديد تعليم جو بندوبست ڪن[1] خانبهادر حسن علي آفندي، جو اصل ۾ ذات جو ميمڻ هو، ڪراچيءَ جو هڪ مشهور وڪيل هو. هن کي سدائين مسلمانن جي ترقيءَ ۽ واڌاري جو فڪر رهندو هو. هن محسوس ڪيو ته جيستائين مسلمانن لاءِ جديد تعليم حاصل ڪرڻ جو جدا ادارو نه هوندو، تيستائين کين تعليم پرائڻ جا موقعا ملي نه سگهندا. سيد امير علي جي مشوري کان پوءِ هن انهيءَ سال ڪوشش وٺي ڪراچيءَ ۾ نيشنل محمدن ائسوسئيشن جي شاخ قائم ڪئي. ان جو بنيادي مقصد هو مسلمانن لاءِ هڪ مرڪزي اقامتي درسگاهه قائم ڪرڻ. حسن علي آفندي مرحوم جي قيادت ۾ مدرسي لاءِ هڪ بورڊ قائم ڪيو ويو[1].حسن علي آفندي مرحوم وڏي جدوجهد کان پوءِ مدرسي هلائڻ لاءِ پئسو جمع ڪيو. آخر سندس ڪوششون ڪامياب ٿيون، ۽ پهرين سيپٽمبر 1885ع تي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. هي مدرسو اڳتي هلي سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي بيداريءَ جو سنگ بنياد ثابت ٿيو[1].

ڪيمپس[سنواريو]

هي مدرسو پهرايائين بولٽن مارڪيٽ جي سامهون هڪ ڪرايه جي عمارت ۾ قائم ڪيو ويو. اها جڳهه مدرسي لاءِ ناموزورن هئي، انهيءَ ڪري شاگردن کي ڏاڍي تڪليف هوندي هئي. حسن علي مرحوم ڪوشش وٺي، ميونسپل بورڊ کان 75 رپيا ماهوارڪرايه تي اها سراءِ حاصل ڪئي، جيڪا ريلوي قائم ٿيڻ کان پوءِ بيڪار پئي هئي، ان کان پوءِ شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو. ته سراءِ جي سامهون هڪ ٻه منزلي عمارت ڪرايه تي حاصل ڪئي وئي[1] سراءِ جي ڀرسان ميدان هو، جنهن ۾ قديم زماني ۾ قافلا اچي ترسندا هئا. ريلوي قائم ٿيڻ کان پوءِ اهو بيڪار پيو هو، حسن علي آفندي مرحوم اهو پلاٽ حاصل ڪري، مدرسي جي عمارت جي تعمير شروع ڪئي. سن 1890ع تائين مدرسي جي عاليشان عمارت، شاندار هاسٽل ۽ ٻه مسجدون ٺهي تيار ٿي ويون[1]. سنڌ ۾ انهيءَ مقصد کي وسيع بنائڻ لاءِ آفندي مرحوم جي ڪوشش سان ڪراچيءَ کان سواءِ لاڙڪاڻي، سکر ۽ شهدادپور ۾ نيشنل محمدن ائسوسيئيشن جون شاخون قائم ڪيون ويون. انهن جي ماتحت سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ جي نموني تي جديد تعليم لاءِ مدرسا قائم ڪيا ويا. انهن مدرسن ۾ پهريائين فقط مڊل تائين تعليم هوندي هئي، انهيءَ ڪري اتان جا شاگرد به مئٽرڪ اچي سنڌ مدرسي ۾ پڙهندا هئا، اهڙيءَ طرح هن مدرسي سنڌ ۾ جديد تعليم ڦهلائڻ لاءِ بنيادي ڪرادار ادا ڪيو[1].

مدرسي جو انتظام ۽ تعليم[سنواريو]

سرسيد احمد خان به اهڙي مقصد لاءِ عليڳڙهه ۾ هڪ درسگاه قائم ڪيو هو. حسن علي آفندي مرحوم کي، سنڌ مدرسي کي بهتر بنائڻ جو هميشه اونو رهندو هو. هن سرسيد احمد جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ به ضروري سمجهيو، انهيءَ ڪري هو سن 1888ع ۾ عليڳڙهه ويو، ۽ ڪجهه وقت اتي رهي، حالتن جو جائزو وٺي آيو. ان کان پوءِ هن مدرسي جي انتظام کي بهتر بنائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. سندس فرزند ميان ولي محمد به تعليم کاتي سان وابسته هو. هو پهريائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور جو هيڊ ماستر هو، جتي هو 8 اپريل 1887ع کان 3 آگسٽ 1887ع تائين رهيو. پر پوءِ سنڌ مدرسي جي ترقي ۽ وڌاري لاءِ سرڪاري نوڪري ڇڏي اچي مدرسي جو پرنسپال ٿيو. نو سال مدرسي جو پرنسپال ٿي رهيو، ۽ مدرسي جي واڌاري لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيائين، ۽ سنڌ جي مسلمانن ۾ انگريزي تعليم پرائڻ جو شوق پيدا ڪرڻ واريءَ تحريڪ کي اڳتي وڌا يائين. ان جي ڏينهن ۾ مدرسي وڏي ترقي ڪئي[1].سنڌ مدرسي جو پهريون پرنسپال مولوي عمرالدين هو، جيڪو پنجاب جو رهاڪو هو ۽ پنجاب يونيوسٽيءَ جو ايم اي هو. ٻن سالن کان پوءِ خانبهادر حسن علي آفندي مرحوم جي لائق فرزند آخوند ولي محمد کي تعليم کاتي جي سرڪاري نوڪري ڇڌارائي پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جنهن نوَ سال مدرسي جي نهايت خلوص ۽ محنت سان خدمت ڪئي. انهيءَ دوران آخوند ولي محمد قانون جو امتحان پاس ڪري ورتو، جنهن ڪري حڪومت کيس ڊپٽي ڪليڪٽر، سبارڊينيٽ جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي ممتازعهدي تي فائز ڪيو. 1896ع کان 1897ع تائين مدرسي جو مشهور ۽ لائق استاد مسٽر ڊي پي ڪوٽوال پرنسپال ٿي رهيو، جيڪو اڳ ۾ ۽ پوءِ مدرسي جو وائيس پرنسپال ٿي رهيو[1]..سن 1897ع ۾ خيرپور رياست جي وزير اعليٰ خانبهادر قادر داد خان انهيءَ شرط تي مدرسي کي گرانٽ ڏيڻي ڪئي. ته آئنده مدرسي جو پرنسپال يورپي مقرر ڪيو وڃي. مدرسي جي انتظاميه اهو شرط قبول ڪري، مسٽر ”پرسي هائيڊ“ کي پرنسپال مقرر ڪيو. هو آڪسفورڊ جو ايم اي هو، ۽ فوجي قبيلي جو فرد هو. سندس ڏينهن ۾ مدرسي ۾ لازمي فوجي تربيت جو بنياد پيو.[1]

مدرسي ۾ داخلا لاءِ پھريون اشتھار[سنواريو]

مسٽر پرسي هائيڊ اچڻ سان پهريون ڪم اهو ڪيو، جو سنڌي ۾ ڇهن صفحن تي مشتمل هڪ اشتهار ڇپائي عام ڪيو. هي اشتهار ڄڻ ته مدرسي جوProspectus آهي، جنهن ۾ مدرسي بابت مفصل معلومات ڏنل آهي. اهو اشتهار هو بهوهت ڏنو پيو وڃي، جنهن مان مدرسي جي انتظاميه، تعليمي شعبن، مکيه استادن جي نالن ۽ پڙهائيءَ جي طريقي جي مڪمل واقفيت ٿيندي[1]

سنڌ مدرسته الاسلام جو اشتهار ڪراچي

— هن مدرسه جي مدعا آهي ته سنڌ کاتي ۾ جي مسلمان رهاڪو آهن، تن جي پٽن کي بلڪل چڱيءَ طرح انگريزي علم سيکارجي ۽ مذهبي تعليم سني ۽ شيعن جي متن موجب ڏجي.

هن اسڪول جو جوڙجڪ هڪڙي بورڊ جي هٿ ۾ آهي، جنهن بورڊ جو پر يزيڊنٽ سنڌ جو ڪمشنر صاحب بهادر آهي ۽ جيئن ته اهو اسڪول سنڌ جي ڪنهن به ڀاڱي جي مسلمانن لاءِ آهي، تنهن ڪري مٿئين بورڊ جا ميمبر سڀئي هلنديءَ وارا سکر ماڻهو، جي سنڌ کاتي جي جدا جدا ڀاڱن ۾ رهن ٿا، سي آهن. في الحال انهيءَ بورڊ جا ميمبر هيٺيان آهن: ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ _____ پريزيڊنٽ آر جائيلس ايم. اي ____________وائيس پريزيڊنٽ پي ڪئڊيل آءِ سي ايس خان بهادر قادر داد خان سي آءِ اي (خيرپور) خان بهادر شيخ صادق علي (سکر) خان صاحب علي محمد حسن علي بي اي، ايل ايل بي خان بهادر خدا داد خان معزالدين جي. عبدالعلي ڊاڪٽر جي ايف مرزان (ڪراچي) محمد حسين وڪيل (شڪارپور) محمد حسين چاڳلو (ڪراچي) خير محمد عابداڻي (ٺٽه) خان بهادر غلام رسول جتوئي (مورو) مرزا لطف علي بيگ (حيدرآباد) اهو مدرسه ٻن شاخن ۾ ورهايل آهي انگريزي ۽ ورنيڪيولر. پهرين شاخ ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي ميٽريڪيوليشن امتحان جي درجي تائين پڙهائي ٿئي. پرنسيپال ۽ ٻيا هيٺيان چالاڪ پاڙهيندڙ انگريزي سيکاريندا آهن: مسٽر پرسي هائيڊ بي اي (بيليل ڪاليج آڪسفورڊ) پرنسيپال مسٽر ڊي پي ڪوٽوال بي اي، ايل ايل بي (بمبئي) وائيس پرنسيپال مسٽر حميدالدين بي اي (علي ڳڙه ڪاليج) فرسٽ اسٽنٽ ۽ عربڪ ٽيچر مسٽر محمد هاشم تيجاڻي -- ٻيو اسسٽنٽ مسٽر پرشوتم امرسي -- ٽيو اسسٽنٽ مسٽر ڪي علي محمد -- چوٿون اسسٽنٽ مسٽر عبدالحق -- پنجو اسسٽنٽ مسٽر محمد پير محمد -- ڇهون اسسٽنٽ مسٽر دلاور علي -- ستون اسسٽنٽ فارسي پاڙهيندڙ مولوي الهه بخش محمد شاهه ورنيڪيولر شاخ ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، يعني سنڌي، اردو ۽ گجراتي. انهن ڀاڱن ۾ بمبئي سرڪار جي منظور ٿيل ورنيڪيولر درجن جي چوٿين درجي تائين ڇوڪرن کي تعليم ملندي آهي. ورنيڪيولر جي چوٿين درجي جي پاس ڪرڻ کان پوءِ ڇوڪرا انگريزي پهرئين درجي ۾ داخل ٿيندا آهن. ورنيڪيولر شاخ جا پاڙهيندڙ هيٺيان آهن:سنڌي مسٽر احمد مراد -- هيڊ ماستر مسٽر عبدالحق -- پهريون نائب مسٽر عبدالله -- ٻيو نائب مسٽر عبدالزاق -- ٽيون نائب مسٽر عبدالمجيد -- چوٿون نائب گجراتي مسٽر لالجي -- هيڊ ماستر مسٽر ايڇ فقير محمد -- پهريون نائب مسٽر هير جي -- ٻيو نائب مسٽر ڪليانجي -- يو نائب مسٽر وسرام -- چوٿون نائب اردو مسٽر محمد باني -- هيڊ ماستر مسٽر ملڪ محمد -- پهريون نائب مسٽر غلام محمد -- يو نائب مسٽر نظام الدين -- ٽيو نائب مسٽر ابراهيم -- چوٿون نائب هن اسڪول سان ٻه مسجدون ملحق ٿيل آهن، هڪڙي سني ماسترن ۽ ڇوڪرن جي لاءِ ۽ ٻي شيعن جي لاءِ سني ۽ شيعا مولوي نه رڳو هر هڪ ڪلاس کي مذهبي تعليم ڏين ٿا، پر سڀني ڇوڪرن کي سڀڪنهن جمع جي ڏينهن جڏهن سڀيئي ٻنهي مسجدن ۾ گڏ ٿيندا آهن، و عظ به ڪندا آهن. تمام ننڍن ڇوڪرن لاءِ خاص قرآن شريف پاڙهڻ لاءِ هڪ خاص ڪلاس ٺهيل آهي ۽ پهرين چئن درجن وارن ڇوڪرن کي واڍڪو ڪم سيکاريندو آهي. هن ڪم جي نگهباني ڊرائنگ ماستر مسٽر ٺاڪر ڪندو آهي ۽ گهڻو ڪري پرنسپال به نظر داري ڪندو آهي. ورنيڪيولر شاخ جي سڀڪنهن ڪلاس ۾ بمبئي جمنيشن مان پاس ٿيل استاد هفتي ۾ ٻه دفعا ڊرل ڪرائيندو آهي. جڏهن ڪو به ڪلاس ڊرل ڪندو آهي، تڏهن انهيءَ ڪلاس جو ماستر به مٿين استاد کي مدد ڏيڻ لاءِ هميشه حاضر رهندو آهي ۽ پرنسيپال گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو هر هڪ ڪلاس کي ڊرل ڪندو ڏسندو آهي. جمنيشن سڄي اسڪول لاءِ کليل آهي ۽ ڇوڪرن کي انهيءَ راند ڪرڻ لاءِ همتائبو آهي.بورڊنگ هائوس (يعني کاڌي ۽ ٽڪڻ جي جاءِ) هن مدرسه سان ملحق شاگردن جي کاڌي ۽ ٽڪڻ لاءِ هڪڙي جاءِ، جنهن کي ”بورڊنگ هائوس“ چوندا آهن، جوڙي ويئي آهي. جن ڇوڪرن جا گهير ڪراچيءَ کان پري آهن، سي انهيءَ جاءِ ۾ ٽڪندا آهن. انهيءَ بورڊنگ هائوس ۾ 80 ڇوڪرا رهي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن گهرج ٿي ته ڪيترن ئي ڇوڪرن لاءِ جاءِ جو بندوبست ڪري سگهبو ۽ هيٺيان نرخ رهڻ ۽ کائڻ لاءِ وٺبا آهن: پهرئين درجي جا بورڊر پهرئين درجي جا بورڊر 15 روپيا در مهينو ٻئي ” “ 10 روپيا در مهينو درمياني ” “ ساڍا ست روپيا در مهينو ڪئي ” “ 5 روپيا در مهينو بورڊر، جي وڏيون فيئون ڏين ٿا، تن کي کاڌو ۽ سامان وڌيڪ چڱي قسم جو ملي ٿو. مٿين فئين ۾ کاڌي، رهڻ، روشنائي، نوڪرن ۽ ڌوئارڻي وغيره جو خرچ اچي وڃي ٿو، پر سڀڪنهن بورڊر کي ڪپڙا ۽ بسترا، پنهنجا پاڻ موجود ڪرڻ گهرجن ۽ ڪتاب به پنهنجا پاڻهين وٺندا، جن جي قيمت هڪڙي روپئي کان زياده نه ٿيندي انهيءَ بورڊنگ هائوس ۾ فري بورڊرن جو مقرر ڪيل تعداد يعني سنڌ کاتي جي هر هڪ تعلقي مان هڪڙو ڄڻو ٿئي، اهو ٽين درجي جو بورڊر ٿيندو. فري بورڊريءَ لاءِ درخواستون، جنهن ڊويزن ۾ درخواست ڪندڙ رهندو هجي تنهن ڊويزن جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب بهادر جي معرفت پرنسيپال ڏي موڪلڻ کپن. انهيءَ بورڊنگ هائوس ۾ هڪڙو مولوي رهي ٿو، جو ڏينهن ۾ پنج دفعا نماز پڙهائيندو آهي ۽ نماز پڙهڻ وقت سڀڪنهن بورڊر جو حاضر هئڻ فرضي آهي. بورڊرن جي احتياجن جي پورائي بورڊنگ هائوس جو سپرنٽينڊنٽ مسٽر نورالدين ڪندو آهي ۽ پرنسيپال به، جوڪ بورڊنگ هاﺆس جو سڀڪو ڀاڱو روز ڏسندو آهي ۽ هيءَ به نظر ڪندو آهي ته بورڊرن کي برابر کاڌو ملي ٿو ۽ پوري خاطرداري ٿئي ٿي. مسٽر حميدالدين، جو بورڊنگ هائوس ۾ رهندو آهي ۽ مسٽر لوڌي، اهي ٻئي ڇوڪرن جي نگهبانيءَ ۾ مدد ڪن ٿا. بيماريءَ جي حالت ۾ بورڊرن کي دوا دارو ڊاڪٽر جي ايف مرزا، جو مدرسه بورڊ جو هڪڙو ميمبر آهي، سو ڪندو آهي ۽ جنهن جون فهمائشون سپرنٽينڊنٽ خبرداريءَ سان بجا آڻيندو آهي. پرنسيپال سڀڪنهن ڇوڪر وٽ روز ويندو آهي ۽ ڏسندو آهي ته ڊاڪٽر جي حڪمن جي پوريءَ طرح بجا آوري ٿئي ٿي يا نه. سڀڪنهن بروڊر کي هڪڙي ڪوٺي ملي ٿي، جنهن ۾ هو پڙهندو ۽ سمهندو آهي، پر سڀني وقتن جا کاڄ سپرنٽينڊنٽ جي حاضريءَ ۾ سڀئيي هڪ هنڌ گڏ کائيندا آهن، جو ڏسندو آهي ته طعام پوريءَ خاصيت جو آهي ۽ ڇوڪرن جي هلت چلت پوري آهي يا نه. آچر جي ڏينهن مدرسو بند رهندو آهي ۽ جمعي جي ڏينهن ٻارهين لڳي جمعي جي نماز پڙهڻ لاءِ موڪل ملندي آهي، مدرسو اڌ ڏينهن بند رهندو آهي. هڪڙي نه ٻيءَ خميس جي ڏينهن اڌ ڏينهن راند ڪرڻ لاءِ انگريزي شاخ کي ۽ ڏيهي زبان جي شاخن کي واري واري سان موڪل ملندي آهي. مدرسو سياري جي تعطيل ۾ بند ٿيندو ۽ جنوري سن 1898ع جي 17 تاريخ وري کلندو ۽ مئي جي پڇاڙيءَ سوڌو پڙهائي ٿيندي. وري ٽيهن ڏينهن جي تعطيل ٿيندي ۽ وري پڙهائي شروع ٿي ڊسمبر جي پڇاڙيءَ سوڌو هلندي. مدرسي ۾ داخل ٿيڻ جي درخواست پرنسيپال کي يا اسسٽنٽ سيڪريٽري مسٽر لوڌي کي ڪئي وڃي.، پرسي هائيڊ

پرنسيپال مدرسته الا سلام سنڌ ڪراچي، 29 نومبر 1897ع

مدرسي جو بورڊ[سنواريو]

اڄ به سنڌ مدرسو تعليمي اعتبار کان ممتاز ادارن ۾ شمار ٿئي ٿو. مدرسه بورڊ طرفان قائم ڪيل ٻيا ادارا جهڙوڪ : سائنس ڪاليج، سنڌ مسلم آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج، سنڌ مسلم لاڪاليج، ايس ايم سي فاطمه جناح گرلس اسڪول ۽ ايس ايم لياري هاءِ اسڪول به تعليم جي ميدان ۾ نمايان خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن[1].

يونيورسٽي جو درجو[سنواريو]

2012 ۾ ھن اداري کي يونيورسٽي جو درجو مليو.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 مضمون:”سنڌ مدرسته الاسلام“ ڪراچي؛ليکڪ: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي رسالي جو نالو ؛ مهراڻ 1983ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 34 نمبر 4- 1983ع ڇپيندڙ :سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

مڪانيت: 24°51′03″N 67°00′15″E / 24.8507796°N 67.0040286°E / 24.8507796; 67.0040286