لسانيات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لسانيات يا علم اللسان (Linguistics) ٻولين جي داخلي ۽ خارجي مطالعي کي ’علم السان‘ چئجي ٿو. علم اللسان ڪنهن به ٻوليءَ جي آوازن، انهن جي مقرر تنظيم ۽ ترڪيب، ساخت ۽ سٽاءَ جي، اهلِ زُبان توڙي ڌارين لاءِ هڪ تشريح آهي، علم اللسان ٻوليءَ جي صَوتي، صَرفي ۽ نَحوِي سٽاءَ جو هڪ بيان آهي. هي علم، انهن جي اصولن، گهراين، معنوي ۽ صَوتي تبديلين جو رڪارڊ آهي. علم اللسان زنده ۽ روزمره وارين ٻولين جي سرشتي ۽ نظام جي اُپٽار ۽ اُن جو بيان بلڪل ايئن ٿو ڪري، جيئن اُهي ٻوليون، اُن وقت ۽ ان حالت ۾ ڳالهائبيون يا ٻڌبيون آهن. لسانيات جو علم ٻولين جي ماضيءَ، ماضيءَ جي ترڪيبن، لفظن جي اشتقاقن ۽ ڌاتن تي به روشني وجهي ٿو. [1]

لسانيات جي معنيٰ آهي زبان جو علم. لسانيات، يا علم اللسان، زبان جي اهميت، زندگي ۾ انساني ٻوليءَ جي علم کي چئبو آهي. فرانس جو مشهور عالم اي گوبلو پهريون ماڻهو هو، جنهن ڪتاب ”علمن جي ورهاست (1898ع)“ ۾ علم اللسان جي تعريف بيان ڪندي ان جي اهميت تي پڻ بحث ڪيو اٿس.ايف سي باڪٽ لسانيات جي تعريف هن نموني ڪري ٿو ”زبان جي باري ۾ منظوم علم کي لسانيات چيو ويندو آهي . گلسين وري لسانيات جي باري ۾ ڪجهه هن ريت خيال ونڊي ٿو: ”لسانيات اها سائنس آهي جيڪا زبانن جي ٻاهرين ساخت جي اعتبار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.“[2]لسانيات ھڪ اھڙو مضمون آھي جنھن ۾ انساني ٻولين جو مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ ٻولين جي موجوده صورت جو مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ ٻولين ۾ وقت سان گڏ ٿيڻ واريون تبديلين جو مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ مختلف ٻولين جي پاڻ ۾ مشابھت جي باري ۾ مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ ان سان گڏوگڏ ھن شيءِ جو به مطالعو ڪيو ويندو آھي تہ ٻولين جو ھن دنيا جي ٻين شين سان ڇا تعلق آھي۔

تاريخي لسانيات[سنواريو]

تاريخي لسانيات (Historical Linguistics): تاريخي لسانيات ٻولين جي انهن تبديلين جو جائزو وٺي ٿي، جيڪي زماني گذرڻ بعد ٻولين ۾ ظاهر ٿين ٿيون. انهن تبديلين جا سبب ۽ نتيجا معلوم ڪري ٿي، جيڪي ٻولين ۾ اندران ۽ ٻاهران ظاهر ٿين ٿا؛ تنهنڪري اها بحث هيٺ ٻوليءَ کي مختلف ۽ مسلسل دورن ۾ ورهائي، ٻن ٻن ڀر وارن دورن کي ڀيٽي ڏسي ٿي ته جيئن تبديلين جون لاڳيتيون ڪڙيون جوڙي سگهجن انهيءَ لحاظ کان تقابلي لسانيات خود تاريخي لسانيات جو جزو آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر:سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
  2. 2.0 2.1 .ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

پڻ ڏسو[سنواريو]

  • ٻوليون
  • لھجو (لسانيات)
  • اردو