مواد ڏانھن هلو

امداد علي امام علي قاضي

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امداد علي امام علي قاضي

علامہ آء آء قاضي
پيدائش 18 اپريل 1886(1886-04-18)
ڳوٺ پاٽ، ھاڻوڪو دادو ضلعو، بمبئي پريزيڊنسي، برٽش انڊيا
وفات 13 اپريل 1968 (عمر 81 سال)
حيدرآباد (تدفين: ڄامشورو)
جيون ساٿي ايلسا قاضي[1]
(m. 1910 – wid. 1967) her death

علامہ آءِ. آءِ. قاضي (Alama I. I.Kazi) مرحوم جو پورو نالو، امداد علي ولد امام علي قاضي هو. سندس وڏا انصاري خاندان سان تعلق رکندڙ، پاٽ ڳوٺ، ضلعي دادوءَ جا هئا.[2] علامه صاحب جو والد قاضي امام علي سرڪاري ملازمت جي ڪري پاٽ مان لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيو، جتي حيدرآباد جي بااثر شخصيت محمد حافظ جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان امداد علي (آءِ آءِ قاضي) 18 اپريل 1886ع ۾ ڄائو.

سندس والد، قاضي امام علي ڪجهه عرصي لاءِ دادوءَ ۽ نوشهري فيروز جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنريري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو ويو. آخوند صاحب علامه قاضيءَ کي قرآن پڙهايو ۽ ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ علم رياضيءَ ۾ پڻ سکيا ڏني. انهيءَ کان علاوه آخوند صاحب کيس ”مفتاح الصلواة“ به پڙهايو.[3]

تعليم ۽ شروعاتي زندگي

[سنواريو]

پروفيسر علي نواز جتوئي لکي ٿو تہ:قاضي صاحب جن کي ننڍپڻ ۾ ئي روزي نماز جو پابند ڪيو ويو ۽ يارنهن ورهين جي عمر ۾ کين روحاني تعليم خاطر نقشبندي طريقي ۾ داخل ڪيو ويو ۽ کين باقاعدي ذڪر خفي ۽ مراقبو ڪرايو ويندو هو. اهو مراقبو ۽ ذڪر روزانو ڪلاڪن تائين ڪيو ويندو هو. هڪ دفعي مون کانئن پڇيو ته سائين، مراقبي ۾ اوهان کي ڇا ڏسڻ ۾ ايندو هو. جواب ۾ فرمايائون: وليم جيمس (William James) پنهنجي ڪتاب “Varieties of Religious Experiences” ۾ جيڪي لکيو آهي، اهو ڏسڻ ۾ ايندو هو. پاڻ فرمائيندا هئا ته ننڍپڻ ۾ ذڪر ۽ مراقبا ڪڏهن به نه ڪيا وڃن. اِها اُها وهي آهي جڏهن حواس ترقي ڪن ٿا ۽ عقل جي ابتدا ٿئي ٿي. جيستائين انفرادي شخصيت جي تعمير تڪميل تي نه پهتي آهي تيستائين مراقبا ڪرڻ مفيد نه آهن. خودي جي تڪميل کان پوءِ ئي مراقبي جي ضرورت آهي. ”موتوا قبل ان تموتوا“ جي صحيح مهل ان وقت شروع ٿئي ٿي. دنيا جو ڪوبه فيلسوف يا نبي اهڙو ڪونه ٿي گذريو آهي جنهن ڪجهه وقت لاءِ دنيا کان الڳ ٿلڳ ٿي مراقبن جو منزلون طئي نه ڪيون آهن. علامه صاحب جن اهي مراقبن جون منزلون پوءِ وڏي هوندي طئي ڪيون، جڏهن سڀني علومن کي پڙهي، انهن جي اصولن کان باخبر ٿيا. مون کي ڪيترائي دفعا فرمايائون ته: ”جيستائين هنن ظاهري اکين پنهنجو ڪم پورو نه ڪيو آهي تيستائين کين ٻوٽي اندر ۾ جهاتي پائڻ يعني مراقبو ڪرڻ فطرتي اصول جي خلاف آهي؛ فطرت ائين ڪرڻ نه ڏيندي، بلڪ مجبور ڪندي ته اکيون کولي ظاهري دنيا کي ڏسجي. جڏهن انهن جو ڪم پورو ٿيندو تڏهن اهي پاڻيهي ظاهري دنيا کان منهن موڙينديون ۽ بند ٿينديون.“[2] علامه صاحب ارڙهن سالن جي عمر (1904ع) ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگيءَ طور پاس ڪيو ۽ فارسيءَ ۾، جيڪو ان وقت لازمي مضمون هو، پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.[3] پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ وري اچي قاضي صاحب جن کي ويراڳ لڳو، سو ڀڄي وڃي جوڳين سان مليا، جن سان اٽڪل ڇهه مهينا گذاريائون، مگر پوءِ وري اچي پڙهڻ کي لڳا.[2] مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ علامه صاحب علي ڳڙهه ۾ سر سيد احمد جي قائم ڪيل ڪاليج ۾، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. هڪ سال کان پوءِ قاضي صاحب علي ڳڙهه مان موٽي آيو ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائين. 1907ع ۾ پنهنجي ماروٽ ميان عبدالقادر حافظ سان گڏجي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو، جتي هڪ سال خانگي طرح ايڪانامڪس (اقتصاديات) جي تعليم ورتائين. 1909ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ داخل ٿيو. ڊاڪٽر ڪنٽن وٽ پڙهيو. علامه صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو، تنهنڪري لنڊن جي قيام دوران مختلف تعليمي ماهرن کان مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو. ڊاڪٽر ”برائون“ کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ فزڪس ۽ بائيلاجي خانگي طرح پڙهيو. ڊاڪٽر ”آرنولڊ“ کان فلسفي جي تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ دوران علامه صاحب کي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ 1910ع ۾ ”لنڪنس اِن“ (لنڊن) ۾، ”بار ايٽ لا“ لاءِ داخلا ورتائين. تعليم دوران علامه صاحب جي ملاقات مس ايلسا نالي جرمن خاتون سان ٿي. مس ايلسا هڪ قابل ۽ بلند پايي جي ليکڪا ۽ شاعره هئي. سندن طبيعتون هڪٻئي سان ملي ويون ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي. 1910ع ۾ ايلسا سان شادي ڪري ازدواجي رشتي ۾ منسلڪ ٿيو. 1911ع ۾ بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وطن واپس وريو[3].پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:ستت ئي بي. اي. ڪرڻ لاءِ علي ڳڙهه هليا ويا. پهرئين سال ۾ جيڪي ڪتاب درسي طور رکيل هئا، سي سندن اڳئي ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ پڙهيل هئا، سو سمجهيائون ته علم حاصل ڪرڻ جي بجاءِ وقت ضايع ٿيندو. وقت جي ضايع ٿيڻ جو احساس قاضي صاحب جن کي ان وقت کان ئي هو. اهو احساس بيدار زندگي جي اهم نشاني آهي، سو قاضي صاحب جن علي ڳڙهه ڇڏي ولايت هليا ويا ۽ مختلف علومن ۾ داخلائون ورتائون. مون کي ٻڌايائون ته: ”مختلف علومن ۾ داخلائون ڊگرين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪونه ورتيم، مگر حق کي ڳولڻ، سمجهڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ ورتم. فقط قانون ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيم، تنهنڪري بئريسٽري ڪيم. انهيءَ وقت به کين روحاني بي چيني رهندي هئي. فرمايائون ته انهيءَ بي چيني جي حل تلاش ڪرڻ لاءِ ديوان حافظ مان فال ڪڍيم ۽ هيءَ سٽ نڪتي:
ما مريدانِ، خدائيم، خدا تهبت ما است
بس، ان وقت کان وٺي پنهنجي رب جو در نه ڇڏيم ۽ اُن کان ئي رهبري پنندو رهيس. الله تعاليٰ منهنجي رهبري ڪندو رهيو. قرآن پاڪ کي ٻنهي هٿن سان چنبڙي پيس ۽ ان جي احڪامن تي سختيءَ سان پابند ٿيڻ لڳس. نماز پنجن ئي وقتن تي باقاعدي پڙهندو هوس، ايتريقدر جو ڪنهن وقت کي نه گسائڻ خاطر هڪ گني خرچ ڪري به وقت تي گهر اچي نماز پڙهندو هوس.“ اتي مون پڇيومانس ته: ”سائين، اڄڪلهه اسين توهان کي سانجهيءَ جي نماز پڙهندي ڪونه ٿا ڏسون.“ فرمايائون ته: ”ابا، هاڻي ٻيپهري ۽ ٽيپهري گڏي پڙهندو آهيان ۽ سانجهي ۽ سومهڻي جي نماز به گڏي پڙهندو آهيان، پر اهڙن وقتن تي جڏهن هڪ نماز جو آخرين وقت هوندو آهي ۽ ٻيءَ نماز جو اول وقت. اسان جي فقيهن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ۽ آءٌ به ذاتي طرح سان انهيءَ نتيجي تي پهتس ته ائين ڪري سگهجي ٿو.“[2] پروفيسر جتوئي علامہ سان ڪيل رھاڻ جو ذڪر ڪندي سندس بيان لکيو آهي تہ:لنڊن ۾ جن پروفيسرن کان تعليم هاصل ڪيائون، تن مان اڪثر ڊاڪٽر هابهائوس (Dr. Hobhouse) ۽ ڊاڪٽر ٿامس آرنولڊ (Dr. Thomas Arnold) جو نالو دهرائيندا هئا. ڊاڪٽر ٿامس آرنولڊ وٽ علامه اقبال مرحوم به تعليم وٺندو هو. علامه اقبال مرحوم لاءِ هڪ دفعي چيائون ته اقبال جڏهن لنڊن آيو ته ابتدا ۾ ڇڙواڳ هو مگر پوءِ مثنوي جو مٿس ايترو ته اثر ٿيو جو بلڪل بدلجي ويو ۽ نهايت نيڪ شخص ٿي پيو. قاضي صاحب لنڊن ۾ هڪ مصري استاد شيخ گوما کان عربيءَ ۾ تعليم ورتي ۽ اسلام جي باري ۾ ساڻس خيالن جي ڏي- وٺ به ڪئي. ان باري ۾ هڪ دفعي چيائون ته چننچ گوماهن چوڻ کان بالاخر رهي نه سگهيو. ”قاضي صاحب مون کان عربي سکي ۽ آءٌ کانئس اسلام سکيس.“ اسلام سکڻ ۾ قاضي صاحب جن ڪنهن به انساني استاد کان مدد ڪانه ورتي[2] واپسيءَ بعد مختلف علمن جو مطالعو جاري رکيائين. ڪجهه عرصي بعد وري انگلنڊ هليو ويو، جتي پنهنجو مطالعو جاري رکيائين. قاضي صاحب 1919ع ۾ لنڊن مان واپس موٽيو. 1921ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز بحيثيت مئجسٽريٽ ڪيائين. ڪجهه عرصي لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. اپريل 1922ع ۾ خيرپور رياست ۾ سيشن جج مقرر ٿيو.پروفيسر جتوئي علامہ سان رھاڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ:خيرپور رياست ۾ جج ٿي رهيا، جتان دستبردار ٿيا. ان جو سبب مون کي هيءُ ٻڌايائون ته هڪ ڪيس ۾ هزهائينيس مير علي نواز خان جو ڪو ماڻهو ڦاٿل هو، جنهن جي باري ۾ اڻسڌيءَ طرح مير صاحب منهنجي ڪنن تي ڪنهن جي معرفت سفارش جهڙي ڳالهه آندي، جا مون کان برداشت نه ٿي ۽ هڪدم استعيفا ڏنم. مير صاحب کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ مون کي دوستن کان چوارايائين، خود به چيائين ته استعيفا واپس وٺان مگر مون نه مڃيو. مون بيجا بالادستي ۽ اصولن جي پائمالي کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو آهي. رب تعاليٰ جي غلامي کان پوءِ ٻئي جي غلامي قبول ڪرڻ شرڪ آهي. قاضي صاحب جن مير صاحب مرحوم جن جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته مروت ۽ فضيلت جو صاحب هو ۽ خانداني شرافت جو مجسمو.[2]

ادبي سفر

[سنواريو]

قاضي صاحب 1924ع ۾ هڪ مضمون بعنوان ”مشرقي شاعريءَ ۾ غزل جو مقام“ (Place of Ghazal in Oriental Poetry) لکيو. هيءُ مضمون هڪ ادب پارو هو، جنهن کي ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ کيس انگلنڊ جي شاعريءَ واري سوسائٽيءَ (Poetic Society) جو نائب صدر چونڊيو ويو. علامه صاحب پهريون هندستاني هو، جيڪو هن سوسائٽيءَ جو نائب صدر چونڊيو ويو ۽ 1948ع تائين هن عهدي تي رهيو. 1926ع ۾ کيس خيرپور رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر مقرر ڪيو ويو، پر ٿوري عرصي اندر ئي علامه صاحب سرڪاري ملازمت کان بيزار ٿي پيو ۽ اختلافن سبب آگسٽ 1927ع ۾ استعيفيٰ ڏنائين[3]. 1928ع ۾ پاڻ ٻيهر لنڊن هليو ويو، جتي ڪجهه عرصي لاءِ لنڊن اسڪول آف اوريئنٽل اسٽڊيز ۾ بحيثيت استاد ۽ ممتحن، خدمت سرانجام ڏنائين[3].پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:1929ع ۾ فلاسافيڪل سوسائٽي جو تاحيات ميمبر ڪيو ويو. ستت ئي سنڌ ۾ آيا ۽ اچي وڪالت شروع ڪيائون، مگر اهو ڌنڌو کين نه وڻيو ۽ عمر ڀر لاءِ ڇڏي ڏنائون. ڪيسن کي ٺاهڻ لاءِ سچ سان گڏ ڪوڙ جي ملاوت ڪرڻ سندن طبيعت ۽ ديني جذبي برداشت نه ڪيو. پاڻ فرمائيندا هئا ته مومن اهو ڌنڌو اختيار ڪري نٿو سگهي. اهوئي سبب آهي جو اي. ڪي. بروهي کي انهيءَ ڌنڌي اختيار ڪرڻ کان منع ڪئي هئائون. مسٽر بروهي کي جڏهن سنڌ مدرسي ۾ ماستري ڪرڻ لاءِ ٻه سئو رپيا تنخواه نه ڏني ويئي ۽ ان جي بجاءِ هڪ سئو پنجاهه رپيا ان وقت جي تعليم جي وزير کيس ڏيڻا ڪيا، تڏهن لاچار وڃي وڪالت ڪيائين ۽ علامه صاحب جن کي عرض ڪيائين ته ”فادر! (ابا جان)، قدرت مون کي ٽيچر (استاد) ٿيڻ نٿي ڏئي ۽ وڪيل ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي.“ پوءِ قاضي صاحب جن به کڻي ماٺ ڪئي[2]. 1932ع ۾ شيخ گوما، الازهر کان ۽ لنڊن اسڪول آف ارويئنٽل اسٽڊيز ۾ عربيءَ جي تعليم ورتائين.[3] لنڊن ۾ 1933ع ڌاري ”جمعيت المسلمين“ جو بنياد رکيائين ۽ کيس جمعيت جو امام مقرر ڪيو ويو. هن جمعيت جو بنيادي مقصد اسلام جي تبليغ ۽ اُتي جي مسلمانن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو[3].پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:وڪالت کي ترڪ ڪرڻ کان پوءِ قاضي صاحب جن وري ولايت هليا ويا ۽ اُتي وڃي تبليغ جو ڪم هٿ ۾ کنيائون، ايسٽ اينڊ لنڊن ۾ مسجد قائم ڪيائون ۽ ان کي ئي تبليغ جو مرڪز بنايائون. ان ڪم ۾ جيڪي مسلمان ساڻن شامل ٿيا تن کي جماعت جي صورت ڏيئي، ان تي ”جمعيت المسلمين“ نالو رکيائين. سندن تبليغ نوجوان مسلمان شاگردن کي بيدار ڪيو، جن مان گهڻا مصري ۽ هندستاني هئا. ان وقت جي مصري حڪومت سندن تبليغي خدمتن جو اعتراف ڪيو ۽ کين مالي امداد جي آڇ به ڪئي، جا پاڻ رد ڪيائون. اِها ڳالهه قاضي صاحب جن پاڻ مون سان ڪئي هئي. سندن طبيعت نهايت خوددار هئي، ان ڪري ٻين جي امداد کان هميشه بي نياز رهندي هئي. ان باري ۾ پاڻ نهايت متوڪل هئا. روزگار جي ڳڻتيءَ به ڪڏهن کين بيچين ڪونه ڪيو. حلال جي ڪمائيءَ کي ديني فرض سمجهندا هئا ۽ فضول خرچيءَ کي ديني ڏوهه. حلال جي ڪمائيءَ خاطر قاضي صاحب جن لنڊن ۾ بئنڪ جي نوڪري به ڪندا هئا. هڪ دفعي پاڻ فرمايائون ته انهيءَ نوڪريءَ خاطر اڪائونٽنسي ۽ مئنيجري ۾ وڏو امتحان اعزاز سان پاس ڪيم. مگر سندن طبيعت جو لاڙو مسلمانن ۾ بيداري آڻڻ ڏانهن هو. تعليم ۽ تبليغ اِهي سندن محبوب مشغلا هئا. فرمائيندا هئا ته رسولِ خداﷺ جي فرمودي موجب فقط ٻن قسمن جا ماڻهو ڪارآمد آهن: هڪڙا معلم يعني استاد ۽ ٻيا متعلم يعني شاگرد، باقي ٻيا خس و خاشاڪ آهن.[2] 1933ع ۾ ئي علامه صاحب پنهنجي اهليه ايلسا قاضيءَ جي تعاون سان ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو آهي: “Adventures of a Brown Girl in Search of God” يعني ”ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“. اهو ڪتاب دراصل جارج برنارڊشا جي لکيل ڪتاب “A Black Girl in Search of God” ”خدا جي تلاش ۾ هڪ ڪاري ڇوڪريءَ جي جاکوڙ“ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. 1911ع کان 1942ع تائين قاضي صاحب ڪجهه وقت سنڌ ۽ ڪجهه وقت انگلنڊ ۾ رهيو. علامه صاحب جي ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي[3]. قيام پاڪستان کان ڪجهه عرصو اڳ علامه صاحب انگلنڊ مان موٽي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. ان وقت پاڻ هر جمعي تي جناح هاسٽل جي مسجد ۾ اچي خطبو ڏيندو هو. علامه صاحب جو خطبو ٻڌڻ لاءِ هر طبقي جا ماڻهو پري پري کان ايندا هئا[3].

سنڌ يونيورسٽي جي لاءِ خدمتون

[سنواريو]

پاڪستان جي قيام کان پوءِ علامه صاحب ٻنهي علائقن جي انسانن جي غير فطري ۽ جبري لڏ پلاڻ ۽ خونريزيءَ وارن عملن کان بددل ٿي وري لنڊن هليو ويو. پاڻ اڃا انگلنڊ ۾ ئي هو ته سندس مداحن ۽ دوستن، خاص طرح سائين جي. ايم. سيد سندس واپس اچڻ لاءِ وڏو زور ڀريو. آخرڪار علامه صاحب لنڊن کي الوداع ڪري، 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي چارج اچي ورتي، ۽ ان کي اعليٰ تعليمي درسگاهه بنائڻ ۽ مختلف سائنس ۽ آرٽس جا شعبا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تعليمي ماهرن سان لهه وچڙ ۾ آيو ته جيئن ٿوري وقت ۾ گهڻي ۾ گهڻا شعبا قائم ٿي سگهن[3]. علامه قاضي صاحب طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلريءَ جو عهدو قبول ڪرڻ کان پوءِ ’يونيورسٽي ورلڊ‘ نالي رسالي ۾ هڪ تبصرو شايع ٿيو ته سندس عاليشان انتخاب تي مبارڪباد ٿي ڏجي، جيڪو هڪ بيحد لائق شخص ۽ سنڌ جو عظيم محقق پڻ آهي[3]. وائيس چانسلر بنجڻ کان پوءِ علامه صاحب، سڀ کان پهرين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سينٽرل لائبريري قائم ڪرڻ ۽ پريس لڳائڻ جي منظوري ڏني. 1952ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ قلم هڪ لڳايو ويو ۽ گورنر راڄ قائم ٿيو ته علامه صاحب گورنر دين محمد کي هڪ زوردار خط لکي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مالي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ گرانٽ وڌائڻ لاءِ چيو. گورنر دين محمد فوراً سالياني گرانٽ هڪ لک مان وڌائي پنج لک رپيا ڪئي[3]. انهيءَ دوران علامه قاضي صاحب حڪومت کان نئين ڪئمپس لاءِ ڄامشوري ۾ زمين وٺي، جرمنيءَ مان آرڪيٽيڪٽ گهرائي، سڀ کان پهريائين فزڪس ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ۽ -ان کان پوءِ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ٺهرائي ته جيئن سنڌ جا نوجوان سائنس جي ميدان ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي موجوده ڪيمپس جو باني هو. اها علامه قاضي صاحب جي مقناطيسي شخصيت هئي ۽ سندن اڻ ٿڪ محنت جو نتيجو هو، جو سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي عظيم علمي درسگاهه بڻي. نه صرف ايترو، پر علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ چونڊي چونڊي علم جا گوهر گڏ ڪيا ۽ يونيورسٽيءَ جي ساک ايڏي وڌائي، جو هن يونيورسٽيءَ مان ڊگريون حاصل ڪندڙ فخر محسوس ڪرڻ لڳا[3].

سندس ڪردار ۽ شخصيت

[سنواريو]

پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:گرماڻي صاحب جڏهن گورنر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي جو چانسيلر، تڏهن پهريون دفعو سندس اچڻ ٿيو. سندس استقبال لاءِ سڀ آفيسر اسٽيشن تي پهتا مگر علامه صاحب جن ڪونه ويا ۽ بعد ۾ وقت وٺي کيس سرڪٽ هائوس ۾ مليا. علامه صاحب جن جي هميشه اها روش رهي. گرماڻي صاحب به قدر شناس هو ۽ علامه صاحب جن جو نهايت گرويدو هو. ڪڏهن به چانسيلري جو رعب علامه صاحب تي نه رکيائين. هڪ دفعي سينيٽ جي ميٽنگ ٿي جنهن جي صدارت گرماڻي صاحب ڪئي. منڍ ۾ علامه صاحب بجيٽ پيش ڪئي جا پاس ڪئي ويئي. ان بعد جڏهن سندن ذاتي سوال آيو تڏهن چانسيلر صاحب کي هيئن چئي پاڻ سينيٽ هال ڇڏي نڪري ويا ته: ”هاڻي منهنجو ذاتي سوال آهي، تنهنڪري منهنجو اخلاق مون کي اجازت نٿو ڏئي ته مان موجود هجان. ڀل ميمبر آزاديءَ سان پنهنجن خيالن کي ظاهر ڪري سگهن.“ گرماڻي صاحب سندن انهيءَ رويي کان ڏاڍو متاٿر ٿيو ۽ ميمبرن کي چيائين ته: ”انهيءَ کان اڳ ته نئين وائيس چانسيلر جي تقرري جو سوال هٿ ۾ کڻجي، آءٌ اهو معلوم ڪرڻ گهران ٿو ته گهڻا ميمبر چاهين ٿا ته موجوده وائيس چانسيلر جو ٽرم يعني مدو وڌايو وڃي يا نه. منهنجي نظر ۾ جهڙس وائيس چانسلر يونيورسٽي کي ٻيو ملي ڪونه سگهندو.“ بس ايترو چئي کڻي ووٽ ورتائين ۽ بحث مباحثي کي اٿڻ ئي نه ڏنائين. ڪجهه ميمبرن گهڻو ئي چاهيو ته ايجنڊا موجب نئين وائيس چانسيلر جي تقرري لاءِ تقريرن جي اجازت ملي، مگرگرماڻي صاحب چيو ته: ”اهو سوال پوءِ اٿندو جڏهن سينيٽ جا ميمبر اول اهو طئي ڪن ته موجوده وائيس چانسيلر جو مدو وڌايو وڃي.“ نهايت ڪثرت راءِ سان علامه صاحب جن جو ٽرم وڌايو ويو.[2] علامه صاحب جن دعوتن تي به اڪثر ڪونه ويندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته: ”ابا، ڪم جون ڳالهيون ٿين ته وڃجي، باقي دستور موجب وڃي شريڪ ٿجي ۽ وقت وڃائجي، تنهن مان فائدو ڪهڙو؟ الٽو وقت جو نقصان. الله تعاليٰ وٽ منٽ منٽ جو به حساب ڏبو.“[2] علامه صاحب جن مراقبي جا به پابند هئا، روزانو عبادت سان گڏ مراقبو به ڪندا هئا. ان ڳالهه جو پتو مدر جي وفات کان پوءِ پيو. ان کان اڳ هڪ ٻه دفعا ائين اظهار ڪيو هئائون ته: ”ابا، مراقبي ۾ ويٺو هوس ته ڏٺم ته .........“ مدر جي وفات کان پوءِ اسان عرض ڪيس ته: ”فادر، اوهان اڪيلا ٿا رهو، اٻاڻڪائي محسوس ڪندا هوندؤ. اجازت ڏيو ته اسان مان ڪونڪو واري وٽي سان اوهان جي خدمت ۾ رهي.“ جواب ۾ فرمايائون ته: ”ابا، آءٌ جڏهن اڪيلو هوندو آهيان تڏهن مون کي اها صحبت نصيب هوندي آهي جنهن جو اوهان گمان به ڪري نٿا سگهو. آءٌ اڪيلو نه هوندو آهيان.“ علامه صاحب جن کي اڪيلائپ ۾ ڪهڙا مشاهدا ٿيند هئا، تن جو ڪوبه ذڪر نه ڪندا هئا. مون ڪيترائي دفعا کانئن پڇيو پر پاڻ هيئن چئي ٽاري ڇڏيندا هئا ته: ”ابا، جيستائين هنن اکين کان پورو ڪم نه ورتو اٿوَ تيستائين اندر جي اکين جي ڳالهه ئي نه ڪريو.“ هڪ دفعي پوين ڏينهن ۾ سندن نوڪر کان پڇيم ته: ”صاحب ڇا ويٺو ڪري؟“ چيائين ته: ”ميم صاحب جي مرڻ کان پوءِ صاحب مون کي اجازت ڏني آهي ته جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ملڻ اچي ته ڀل اندر ڪمري ۾ هليو ايندو ر ۽ اطلاع ڏيندو ڪر. اڳي صاحب جي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي. سو جڏهن به اندر ويندو آهيان ته، ڏسندو آهيان ته صاحب اکيون ٻوٽيو، ڪنڌ هيٺ ڪيو، ڪعبي جي طرف منهن ڪيو ويٺو هوندو آهي. ميم صاحب جو غم کيس ڏاڍو آهي.“ کيس ڪهڙي خبر ته قاضي صاحب جن جو ائين ڪرڻ غم سببان هو يا مراقبي ڪري. انهيءَ وقت ۾ ڊاڪٽر قاضي نبي بخش کي ۽ مسٽر شفيع محمد ميمڻ کي هڪ دفعي چيائون ته: ”اکيون بند ڪري اندر ۾ متوجهه ٿي ڏسو ته ڇا ٿا ڏسو؟“ منهنجي باري ۾ چيائون ته: ”جتوئي، ايراني پير صاحب ڏانهن پيو وڃي، اسان کان ته اها راهه پڇيئي نٿو.“ انهن ڏينهن هڪ دفعي فرمايائون ته: ”اوهان هٿ پير ۽ اهو بدن ناهيو. اوهان چوندا آهيو ته ’هي منهنجو ڪتاب آهي‘، ان مان ظاهر آهي ته اوهان ڪتاب ناهيو. ساڳي طرح سان اوهان چئو ٿا ته ’هي منهنجو بدن آهي‘، ان مان ثابت ٿو ٿئي ته توهان ’بدن ناهيو‘، تنهنڪري توهان جي حقيقت انهيءَ بدن کان ٻي آهي. اها مادي جي هر تصور کان نرالي آهي. اها تڏهن توهان معلوم ڪري سگهندا، جڏهن پنهنجي بدن کان الڳ محسوس ڪندا.“[2] علامه صاحب جن کي فقط هڪ تمنا هئي جا پوري ٿي نه سگهي. چوندا هئا ته: ”ابا، علم خاطر مون وٽ ڪير به ڪونه آيو. افسوس جو منهنجي علم جو ڪوبه وارث ٿي نه سگهيو. مون چاهيو ٿي ته ڪي ٻه- ٽي اهڙا شخص تيار ٿين جن جي آءٌ رهبري ڪري اهو ڪجهه ڏيان جو مون وٽ آهي.“ هڪ دفعي مون عرض ڪيو ته: ”قبلا، ’برائون گرل‘ جو ٻيو حصو لکو. هاڻي نه ، ته آئيندي وارو نسل ان مان فائدو وٺندو. امام غزالي، شاهه ولي الله وغيره ڪتاب لکي ويا، اسان انهن مان هاڻي فائدو پيا وٺون.“ فرمايائون ته ”هڪ لحاظ کان ”ڪيئول پيپس ائٽ صوفيه“ (Casual Peeps at Sophia) ان جو پورائو ڪري ٿو. چاهيم ٿي ته برائون گرل جي روزانه زندگي بسر جي نموني پيش ڪريان. اوهان ۾ صرف بروهي آهي جنهن کي ٿورڙو ڪجهه ٻين کان وڌيڪ مون مان حاصل ٿيو آهي، پر اهو به اڃا ٻار آهي. اڃا گهڻو ڪجهه گهرجيس. چاهيم ٿي ته ڪجهه وقت لاءِ وڪالت ڇڏي مون وٽ وهي ته کيس ’علم‘ ڏيان. کيس ايترو پيسو الله ڏنو آهي جو ڪجهه وقت لاءِ اها مشغولي ڇڏي سگهي ٿو، مگر نٿو ڇڏي. بس ابا، اسان کان جو ڪجهه ٿيو سو ڪيوسون. مگر ٻين کي ڏيئي نه سگهيس. ڪي لکيتون لکي ڇڏيون اٿم. خبر ناهي ته انهن کي ڪو هضم به ڪري سگهندو يا نه. سردست برائون گرل ۽ صوفيه رهبريءَ لاءِ ڪافي آهن.“[2]

استعيفيٰ کانپوءِ

[سنواريو]

علامه صاحب پورا 9 سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي لوث خدمت ڪئي، پر جنهن مهل محسوس ڪيائين ته مارشل لا جي غيرجمهوري حڪومت ۾ عالمن ۽ دانشورن جي ڪابه اهميت نه رهي آهي ۽ سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ خلاف سرڪاري سازشون شروع ٿي ويون آهن ته هڪدم وائيس چانسلريءَ تان استعيفا ڏئي گوشه نشين ٿي ويو. گوشه نشينيءَ جو اهو مقصد نه هو ته دنيا کان لاتعلق ٿي رهبانيت واري زندگي گذاري، پر گوشه نشينيءَ واري دور ۾ به هن پنهنجو پاڻ کي تحقيق ۽ تصنيف ۾ مشغول رکيو. ان ئي زماني ۾ هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي لافاني ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ نئين انداز ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو. لطيف سائينءَ جي ڪلام جي چونڊ حصي جو پاڻ ۽ سندن گهر واري مدر ايلسا قاضيءَ گڏجي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو. علامه صاحب نوجوانن جي تربيت ۽ -تعليم- لاءِ ڏاڍو فڪرمند هو. پاڻ چاهيائين ٿي ته سندس علم ۽ فلسفي مان، جنهن جو بنياد اسلام جي آفاقي پيغام تي رکيل هو، نئون نسل مستفيض ٿئي ۽ سندس ٻاريل جوت کانئس پوءِ به چمڪندي رهي[3]. علامه صاحب ويهين صديءَ جو عظيم مفڪر ۽ وڏو قرآن شناس هو، جنهن کي هن ڌرتيءَ جنم ڏنو. علامه صاحب جي باري ۾ مستند راءِ آهي ته ڀٽائي گهوٽ رحه کان پوءِ علمي طرح جن صاحبن سنڌ جي ماڻهن جي ذهني ۽ فڪري خدمت ڪئي، انهن ۾ علامه قاضيءَ جي شخصيت نمايان آهي. علامه صاحب نه صرف دانشور ۽ مفڪر هو، پر عظيم مبلغ ۽ مصلح پڻ هو. هو پنهنجي علم، فڪر، فلسفي ۽ ڪردار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس علم ۽ فڪر جو سرچشمو قرآن حڪيم جي حڪمت ۽ هدايت هو. کيس يوناني توڙي هندي فڪر ۽ فلسفي سان گڏوگڏ جديد يورپ جي سائنسي ۽ سماجي علمن جي به ڄاڻ هئي. سندس پيغام جو محور نوجوان نسل هو ۽ پاڻ چاهيائين ٿي ته اسلام جي تبليغ ٿئي ۽ اهڙا نوجوان پيدا ٿين، جيڪي نئين ملڪ جون واڳون سنڀالين ۽ سنڌ، جيڪا باب الاسلام آهي، تنهن جو نالو روشن ڪن. پاڻ جن اعليٰ انسانن کي متاثر ڪيائين، انهن ۾ اي. ڪي بروهي، قاضي فيض محمد، سائين جي. ايم سيد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر نظام الدين هاليپوٽو، پروفيسر حيدر علي لغاري ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا[3].

وفات

[سنواريو]

پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:آخرين ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ جمعي جي ڏينهن فرمايائون ته: ”هر شيءِ کي روح آهي، چاهي اها جاندار هجي يا بيجان. ان جو باقي رهندڙ ’قدر‘ (Surviving value) سندس روح آهي. اهو مٿاهين زندگي لاءِ ’بنياد‘ (basis) بنجي ٿو... شيطان اوهان لاءِ آزمائش آهي. سندس آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو ته فلاح اٿوَ ورنه ڪري پوندؤ ۽ ٽوٽو پائيندؤ.“ آخر ۾ پنهنجو ذاتي مشاهدو لکي ڇڏيو اٿن سو هي آهي: ”مون کي ٻڌايو ويو آهي- آءٌ پاڻ نٿو ڳالهايان. الهام (Inspiration) روح سان احساس جي ذريعي سڌي پهچ، جنهن ۾ نفس يا قلب (Psychi) کي ڪوبه دخل ڪونهي. اهو ائين آهي جيئن ڪنهن شيءِ کي مٿان ئي ڏسجي ۽ رستي جو وچ ۾ ڪوبه ڌيان نه رهي، حقيقت کي ڳولڻ کان سواءِ معرفت پائجي، صفتن جي ذريعي تلاس نه ڪجي ۽ سڌو سنئون ديدار حاصل ٿئي. هڪ معنيٰ ۾ ته ’من لدنا علما‘ ح ائين ڏٺو ويو جنهن ۾ صفتن جو ڪوبه پتو ڪونه پيو، ڪثرت جي سمونڊ ۾ الڳ حيثيت ۾ غير شخصي حيثيت ۾ نه، مگر ’حسين‘ کي ادراڪ جي ذريعي معلوم ڪيو ويو. هو ’حسين‘ ئي (Beautiful) آهي. انهيءَ ’حسين‘ کي صفتن کان سواءِ قلب جي تجزياتي طريقي کان سواءِ سڃاڻي وٺ. ”ما رايت شيئاً والله وريت الله فيہ“ (ترجمو: ڪابه شيءِ ڪانه ڏٺم، مگر ان ۾ الله ڏٺم) اهو جيڪو جدا جدا شيءِ کي وحدت ۾ ملائي ٿو. ”والله جميل ويحب الجمال“ (ترجمو: خدا جميل ۽ حَسين آهي ۽ حُسن کي محبوب رکي ٿو.) تنهنڪري ڪثرت کي ڌيان ۾ آڻڻ کان اڳ وحدت کي محسوس ڪر. لطيف مادي ڪائناتي ادراڪ کي پاتو آهي، جنهن کي ان (مادي) حُسن سڏيو. مادي (Matter) نفس يا قلب (Mind) جي ذريعي کان سواءِ روح جو ادراڪ ڪيو. اهو (روح)، مادي کي استعمال نٿو ڪري ۽ ان هوندي به ’حسن‘ جي ادراڪ کي ٻيهر پيدا ڪري ٿو.“[2] علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ 13 اپريل 1968ع تي وفات ڪئي، سندس مزار سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ۾ آهي.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. PakistanNews, One. "Allama I I Qazi Remembered". 
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 مضمون:علامه آءِ. آءِ. قاضيؒ هڪ عجيب شخصيت ۽ عظيم مفڪر؛ليکڪ:پروفيسر علي نواز جتوئي(رسالو؛ مهراڻ 1986ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد شيخ جلد؛ 35 ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ سال :جنوري - مارچ 1986ع)
  3. 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 3.10 3.11 3.12 3.13 3.14 3.15 [ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%A1%D9%90%20%D8%A2%D8%A1%D9%90%20%D9%82%D8%A7%D8%B6%D9%8A%20%D8%B9%D9%84%D8%A7%D9%85%D9% ]87 آءِ آءِ قاضي علامه : (Sindhianaسنڌيانا
  • مارو جي ملير جا، ليکڪ؛ خادم حسين چانڊيو