علي دوست عاجز
| علي دوست عاجز Ali Dost Ajiz | |
|---|---|
![]() علي دوست عاجز | |
| ڄم | فريدآباد دادو |
| ڌنڌو | شاعر |
| ٻولي | سنڌي |
| رهائش | حيدرآباد |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | ايم. اي، ميٿاميٽڪس |
| مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
| جُڳ | هاڻوڪو |
| موضوع | شاعري، نقاد |
| ايوارڊ | بهترين شاعرسنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو ايوارڊ تمغهءِ امتياز حڪومت پاڪستان 2023ع |
علي دوست عاجز (انگريزي:Ali Dost Ajiz) سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1][2][3][4][5][6]
تعليم ۽ پيشو
[سنواريو]علي دوست عاجز 2 سيپٽمبر 1964ع تي سنڌ، پاڪستان جي دادو ضلعي ۽ ميهڙ تعلقي جي شهر فريدآباد ۾ محمد خان گانئچو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. علي دوست جو پورو نالو علي دوست محمد خان گانئچو آهي. هن پرائيمري کان اٺين ڪلاس تائين تعليم فريدآباد شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ 1980ع ۾ پيارو ڳوٺ جي هاءِ اسڪول مان ڪيائين. هيءُ ٻارهين کان، گريجوئيشن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ پڙهيو جيڪو هاڻ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو آهي[7] جتان هن انٽر 1983ع ۽ گريجوئيشن 1985ع ۾ پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين ۽ ماسٽرس جي ڊگري رياضيءَ جي مضمون ۾ 1992ع ۾ پاس ڪيائين. علي دوست عاجز شروعات ۾ استاديءَ جي پيشي سان سلهاڙجي ويو. ۽ 1985ع کان 1996ع تائين هاءِ اسڪول ۾ استاد طور پنھنجون علمي خدمتون ڏيندو رهيو. ھو مختلف هاءَ سيڪنڊري اسڪولن ۾ استاد رهيو. 1996ع کان سيلز ٽيڪس کاتي ۾ سينير آڊيٽر مقرر ٿيو. هن وقت اِنلئنڊ روينيو کاتي حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي فائز آهي.[1]
ادبي خدمتون
[سنواريو]علي دوست عاجز شاعري جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻي زندگي ۽ ان جي عام ٻوليءَ کي ڪم آڻي احساسن جو اظهار ڪيو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان استاد بخاري جي مڪتب جي روايت جو نمائده شاعر آهي.[1] علي دوست عاجز ڪچي، ڪاڇي توڙي وچولي جي ٻولي ڪم آڻي پنهنجي منفرد انداز ۾ شعر سرجيو آهي ۽ انهيءَ روايت جو نرالو نالو پڻ آهي. سندس شاعري وطن سان گڏ محبوب جي حُسناڪين ۽ رنگينين سان ٽمٽار آهي. هن ٻارن لاءِ ٻارن جي ذهني سطح تي شاعري لکي آهي. علي دوست عاجز، گيت، بيت، وائي جهڙين ڪلاسيڪل صنفن، ترائيل، نظم ۽ ٽي سِٽي، ڏيڍ سِٽي جي مختلف گهاڙيٽن سميت “اوپيرا” به لکيا آهن [1] جنهن ۾ هن سنڌ جي هڪ غير روايتي رومانوي ڪهاڻي “سوني باگو” کي نئون جنم بخشيو آهي. ساڳي طرح هن سنڌ درياهه جي حوالي سان “سائر جو سوداءُ” جهڙو جديد ڪلاسِڪ لکيو آهي. جنهن ۾ هن درياهه جي عروج ۽ زوال کي هڪ درد انگيز انداز ۾ سامهون آندو آهي.[1] هن جي شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ پڻ ڇپيل آهي.[8]
ڪتاب
[سنواريو]سندس ڪتابن ۾ ھي شامل آھن:
- خوشبو خوشبو خواب، 2000ع[1][9]
- جهڙا تارا جرڪڻا، 2002ع
- اچن ڀونر ڀنڀوليا، 2003ع
- سوني باگو، 2004ع
- آديسي استاد، 2005ع
- رنگ رتو آڪاس، 2009ع
- سائر جو سوداءُ، 2013ع
- رتا روهيڙا، 2017ع
- ڪونجان 2018ع
- ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات، 2018ع
ايوارڊ
[سنواريو]علي دوست عاجز کي ڪتاب “آديسي استاد” تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان مڃتا طور ايوراڊ پڻ ڏنو ويو.[1] ۽ ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات ڪتاب تيسنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو پاران اوارڊ پڻ مليو آهي.[10] حڪومت پاڪستان پاران کيس ٿمغهءِ امتياز سان نوازيو ويو آهي.[11]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 6 7 آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 19 آڪٽوبر 2019 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 06 مارچ 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ "BBC Urdu - پاکستان - سندھ کیوں ڈوبا؟ آٹھویں قسط", www.bbc.co.uk (ٻولي ۾ اردو), حاصل ڪيل 06 مارچ 2019۔
- ↑ Correspondent, The Newspaper's Staff (28 اپريل 2015), "Tribute paid to Ustad Bukhari", DAWN.COM (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 06 مارچ 2019۔
- ↑ "Poets and writers", Aziz Kingrani (ٻولي ۾ انگريزي), 17 ڊسمبر 2014, حاصل ڪيل 06 مارچ 2019۔
- ↑ "Bio-bibliography.com - Authors", www.bio-bibliography.com, حاصل ڪيل 29 مئي 2019۔
- ↑ www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta/images/2016/Sep/20-09-2016/Page2/P2-10.htm
|url=عنوان غائب (مدد), حاصل ڪيل 11 جون 2019۔ - ↑ "Ustad Bukhari Degree College celebrates sports week", Daily Times (ٻولي ۾ en-US), 27 جنوري 2018, حاصل ڪيل 06 مارچ 2019۔
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 03 جون 2019۔
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 11 جون 2019۔
- ↑ "Sindh Express News Story", www.sindhexpress.com.pk, حاصل ڪيل 09 جولاءِ 2019۔
- ↑ Reporter, The Newspaper's Staff (24 مارچ 2024), "Governor confers civil awards on 76 personalities", DAWN.COM (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 10 اپريل 2025۔
