علي دوست عاجز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
علي دوست عاجز
Ali Dost Ajiz

علي دوست عاجز
پيدائش فريدآباد دادو
ڌنڌو شاعر
ٻولي سنڌي
رهائش حيدرآباد
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم. اي، ميٿاميٽڪس
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور هاڻوڪو
موضوع شاعري، نقاد
ايوارڊ بهترين شاعرسنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو ايوارڊ

علي دوست عاجز (انگريزي:Ali Dost Ajiz) سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1][2][3][4][5][6]

تعليم ۽ پيشو[سنواريو]

علي دوست عاجز 2 سيپٽمبر 1964ع تي سنڌ، پاڪستان جي دادو ضلعي ۽ ميهڙ تعلقي جي شهر فريدآباد ۾ محمد خان گانئچو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. علي دوست جو پورو نالو علي دوست محمد خان گانئچو آهي. هن پرائيمري کان اٺين ڪلاس تائين تعليم فريدآباد شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ 1980ع ۾ پيارو ڳوٺ جي هاءِ اسڪول مان ڪيائين. هيءُ ٻارهين کان، گريجوئيشن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ پڙهيو جيڪو هاڻ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو آهي[7] جتان هن انٽر 1983ع ۽ گريجوئيشن 1985ع ۾ پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين ۽ ماسٽرس جي ڊگري رياضيءَ جي مضمون ۾ 1992ع ۾ پاس ڪيائين. علي دوست عاجز شروعات ۾ استاديءَ جي پيشي سان سلهاڙجي ويو. ۽ 1985ع کان 1996ع تائين هاءِ اسڪول ۾ استاد طور پنھنجون علمي خدمتون ڏيندو رهيو. ھو مختلف هاءَ سيڪنڊري اسڪولن ۾ استاد رهيو. 1996ع کان سيلز ٽيڪس کاتي ۾ سينير آڊيٽر مقرر ٿيو. هن وقت اِنلئنڊ روينيو کاتي حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي فائز آهي.[1]

ادبي خدمتون[سنواريو]

علي دوست عاجز شاعري جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻي زندگي ۽ ان جي عام ٻوليءَ کي ڪم آڻي احساسن جو اظهار ڪيو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان استاد بخاري جي مڪتب جي روايت جو نمائده شاعر آهي.[1] علي دوست عاجز ڪچي، ڪاڇي توڙي وچولي جي ٻولي ڪم آڻي پنهنجي منفرد انداز ۾ شعر سرجيو آهي ۽ انهيءَ روايت جو نرالو نالو پڻ آهي. سندس شاعري وطن سان گڏ محبوب جي حُسناڪين ۽ رنگينين سان ٽمٽار آهي. هن ٻارن لاءِ ٻارن جي ذهني سطح تي شاعري لکي آهي. علي دوست عاجز، گيت، بيت، وائي جهڙين ڪلاسيڪل صنفن، ترائيل، نظم ۽ ٽي سِٽي، ڏيڍ سِٽي جي مختلف گهاڙيٽن سميت “اوپيرا” به لکيا آهن [1] جنهن ۾ هن سنڌ جي هڪ غير روايتي رومانوي ڪهاڻي “سوني باگو” کي نئون جنم بخشيو آهي. ساڳي طرح هن سنڌ درياهه جي حوالي سان “سائر جو سوداءُ” جهڙو جديد ڪلاسِڪ لکيو آهي. جنهن ۾ هن درياهه جي عروج ۽ زوال کي هڪ درد انگيز انداز ۾ سامهون آندو آهي.[1] هن جي شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ پڻ ڇپيل آهي.[8]

ڪتاب[سنواريو]

سندس ڪتابن ۾ ھي شامل آھن:

  • خوشبو خوشبو خواب، 2000ع[1][9]
  • جهڙا تارا جرڪڻا، 2002ع
  • اچن ڀونر ڀنڀوليا، 2003ع
  • سوني باگو، 2004ع
  • آديسي استاد، 2005ع
  • رنگ رتو آڪاس، 2009ع
  • سائر جو سوداءُ، 2013ع
  • رتا روهيڙا، 2017ع
  • ڪونجان 2018ع
  • ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات، 2018ع

ايوارڊ[سنواريو]

علي دوست عاجز کي ڪتاب “آديسي استاد” تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان مڃتا طور ايوراڊ پڻ ڏنو ويو.[1] ۽ ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات ڪتاب تيسنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو پاران اوارڊ پڻ مليو آهي.[10]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 آرڪائيو ڪاپي, وقت 2019-10-19 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-03-06 
  2. "‭BBC Urdu‬ - ‮پاکستان‬ - ‮سندھ کیوں ڈوبا؟ آٹھویں قسط‬". www.bbc.co.uk (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-03-06. 
  3. Correspondent, The Newspaper's Staff. "Tribute paid to Ustad Bukhari". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-03-06. 
  4. "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2019-03-06. 
  5. "Bio-bibliography.com - Authors". www.bio-bibliography.com. حاصل ڪيل 2019-05-29. 
  6. www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta/images/2016/Sep/20-09-2016/Page2/P2-10.htm. حاصل ڪيل 2019-06-11.  Missing or empty |title= (مدد)
  7. "Ustad Bukhari Degree College celebrates sports week". Daily Times. حاصل ڪيل 2019-03-06. 
  8. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-06-03. 
  9. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-06-11. 
  10. "Sindh Express News Story". www.sindhexpress.com.pk. حاصل ڪيل 2019-07-09.