سر پورب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پورب (سُر) (Journey to the East) شاھ لطيف جي هڪ سُر جو نالو ’پورب‘ آهي، جيڪو هن پورب پار جي آديسين کان متاثر ٿي لکيو. هي سُر ”سلوڪ جو سُر“ آهي. يعني سالڪن ۽ سندن منزلِ مقصود تي پهچڻ واري پنڌ جو سُر آهي. سالڪن کي اڳين موحد هندو فقيرن جي تمثيل سان پوربي، ڪاپڙي، سامي، سنياسي، جوڳي ۽ آديسيءَ جي نالن سان ياد ڪيو ويو آهي. جن جي منزلِ مقصود ’ناٿ‘ آهي. جنهن کي ملڻ لاءِ هو پورب (اوڀر) وڃن ٿا. يا ناني ۽ هنگلاج طرف پهچڻ لاءِ پنڌ ڪن ٿا. تمثيل ۾ پورب ڄڻ ته آخري منزل ۽ دارالبقا آهي، جنهن ۾ ابدي زندگي ماڻڻ لاءِ سالڪ هن جهان مان ڪشالا ڪري راهي ٿين ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.