ارنيسٽ ٽرمپ جو ترتيب ڏنل شاھ جو رسالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاهه عبداللطيف جي ڪلام جو ڇاپي رسالو، سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ هيءُ رسالو، جرمن -پادري- ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، جرمنيءَ جي شهر لپسيا (ليپزگ) مان سن 1866ع ۾ هند سرڪار جي مالي سهڪار سان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊاڪٽر ٽرمپ جي هن ترتيب ڏنل ”شاهه جي رسالي“ جو نئون ڇاپو 2009ع ۾ -ثقافت- ۽ سياحت کاتي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. رسالي جو عنوان هيٺينءَ طرح ڏنل آهي: ”شاهه جو رسالو يعني ديوان عبداللطيف ڀٽائيءَ جو“

ارنيسٽ ٽرمپ هن کي ”رسالو“ توڙي ”ديوان“ ٻئي عنوان ڏنا آهن. رسالي جو هيءُ ڇاپو اڻپورو آهي، جنهن ۾ فقط 26 سر شامل آهن. ڊاڪٽر ٽرمپ جي چوڻ موجب ضخامت ۽ قيمت وڌي وڃڻ ڪري باقي سُر شامل نه ڪيا ويا. هن ڇاپي ۾ 2529 -بيت- ۽ 159 وايون شامل آهن. ڊاڪٽر ٽرمپ، هن ڇاپي لاءِ مواد ڪنهن مقامي پڙهيل منشيءَ جي مدد سان ’ٻه سٺا قلمي نسخا‘ (سندس چوڻ مطابق) ڀيٽي، مرتب ڪيو. ٻنهي جي پڙهڻين ۾ -جتي- به اختلافي صورت پيدا ٿي ته اتي عام فهم پڙهڻيون اختيار ڪيون ويون، پر پاڻ لکي ٿو ته کيس وڌيڪ معنائن جي ڄاڻ ڪانه هئي، انهيءَ ڪري هن ٻنهي نسخن جي پڙهڻين بابت دليل پئي ٻڌا ۽ جيڪو دليل وڌيڪ وزندار سمجهيائين سو اختيار ڪيائين. حقيقت ۾ سندس مقامي مددگارن پنهنجي طرفان شاهه جي ڪلام کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندي، (ٻين قلمي نسخن وانگر) انهن ٻن قلمي نسخن جي ڪن داستانن جي آخر ۾ وايون ڏنل ڪين هيون ته اهي پنهنجي طرفان گڏ ڪري انهي ڪميءَ کي پورو ڪري ڇڏيائين.[1]

حوالا[سنواريو]