سر بلاول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بلاول (سُر) (Bilawal) هنڊول راڳ جي پنجن زالن مان هڪ آهي، راڳ جي اصطلاح ۾ هڪ ٺاٺ ۽ راڳڻيءَ جو نالو بلاول آهي. هيءُ بلاول ٺاٺ جو سمپورڻ راڳ آهي. هن ۾ کرج يا ڌيوت کي وادي سُر مڃين ٿا ۽ پنچم يا رکب کي سموادي. هن جي آروهيءَ ۾ مَڌَم سُر ڪمزور رهندو آهي ۽ اَمروهيءَ ۾ گنڌار تي زور نه ڏيندا آهن. هن ۾ نکاد جو سُر اڪثر وڪر لڳايو ويندو آهي، يعني ڌيوت کان پوءِ نکاد کي ڇڏي سڌو کرج ڏانهن وڌندا آهن. هن راڳ جو زور اُترانگ يعني مٿين سُرن ۾ رهندو آهي ۽ امروهيءَ ۾ هن جي شڪل ظاهر ٿيندي آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت صبح آهي ۽ هن کي ”صبح جو ڪلياڻ“ بہ چوندا آهن. شاھ لطيف جي سر بلاول ۾ڌڻي تعاليٰ، پيغمبر سڳوري ۽ سخي حاڪم ڄام جکري جي ساراھ ڪئي ويئي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.