سر ڪاموڏ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سر ڪاموڏ شاھ جي رسالي ۾ موجود هڪ سُر آھي. ڪاموڏ ڪامودا جو بگڙيل روپ آهي، جنھن جو مطلب آهي ”ڪام يا پريم وهيڻي“. ڪامودا، ديپڪ جي پنجن زالن مان هڪ آهي ۽ سمپورڻ راڳڻي آهي ۽ ٻنپھرن جو ڳائبي آهي. هن سر ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي صاحب نوري ڄام تماچيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. هن سر ۾ وصل جي ميٺاج جي وائي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.