امام حسين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

اسان جڏهن اسلامي تاريخ جي ڪتابن جو گهرائي سان مطالعو ڪنداسين ته اسان کي اهو چڱي ريت معلوم ٿي ويندو ته امام حسين ننڍپڻ کان ئي اهي سڀ خصوصيتون هيون، جيڪي مذهبن جي تاريخ عظيم ڪردارن لاءِ مخصوص آهن. پاڻ گهٽ ڳالهائڻ پسند ڪندو هو. عمر ۽ مرتبي جي لحاظ کان فضيلت رکڻ وارن جو ادب ۽ احترام ڪندو هو. هم عمر وارن سان خلوص ۽ گفتگو ۾ نرمي اختيار ڪندو هو. اهي سندن ابتدائي عمر جا ئي سندس سيرت جا نمايا جوهر هئا. پاڻ ڪيتري قدر ته مهذب هو ۽ سندس تربيت ڪيتري ته اعليٰ ٿيل هئي انهيءَ جو اندازو هڪ واقعي مان ظاهر ٿي ٿو ”هڪ ڀيرو پاڻ مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويو ته سندس وڏو ڀاءُ امام حسن ته ساڻس گڏ هو، جڏهن پاڻ مسجد ۾ پتهو ته ڏٺائين ته هڪ صحابي وضو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هن جي وضو ڪرڻ جو طريقو درست نه آهي، جيڪڏهن ڪو ٻيو ٻار هجي ها ته غلط طريقي سان وضو ڪرڻ واري کي سخت لفظن ۾ ٽوڪي ها يا ان جو مذاق اڏائي ها، ان بزرگ جي غلطيءَ تي ٺٺولي ڪري ها، ليڪن تهذيب ۽ تمدن ۽ اخلاق و شائستگيءَ جي هن پيڪر عظيم اهو طريقو اختيار ڪيو جو دوست ته دوست ليڪن دشمن جي زبان مان واهه واهه جا لفظ نڪتا. پاڻ ڇا ڪيائين، جو ان صحابي کي چيائين ته ”اوهان اسان ٻنهي ڀائرن جو وضو ڪرڻ ڏسو ۽ پوءِ ٻڌايو ته اسان مان ڪير صحيح آهي“ پاڻ وضو ڪيائين ۽ ان صحابيءَ سندس وضو ڪرڻ کي ڏسي پنهنجي غلطي محسوس ڪري ورتي ۽ چيائين ”اوهين ٻئي صحيح آهيو، پر منهنجو طريقو غلط هو ۽ هاڻ منهنجي پاڻ اصلاح ٿي وئي“. امام حسين جي سيرت طينه جو مطالعو ڪرڻ سان اسان کي معلوم ٿي ٿو ته پاڻ پنهنجي هر عمل جي ذريعي انسانن کي صحيح دڳ تي هلڻ جو درس ڏنائين، جنهن تي هلي ماڻهو پنهنجي منزل ۽ مقصد ماڻي سگهي ٿو.


حضرت امام حسين عليه السلام، حضرت علي ۽ بيبي فاطمه جو فرزند ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جو ڏهٽو 3 شعبان 4 هه مطابق 8 -جنوري- 626ع تي پيدا ٿيو، امامت جي سلسلي ۾ ٽيون نمبر امام آهن. امام حسين جي ڪنيت ابو عبدالله، سيد شباب اهل الجنة ۽ لقب سيد الشهداء آهي. امام حسين عليه السلام جي ولادت کان پوءِ حضور صلي الله عليه وسلم خوشيءَ مان حضرت علي عليه اسلام ۽ بيبي فاطمه جي گهر آيا ۽ مولود جي ڪنن ۾ اذان ۽ اقامت ڏئي، سندس نالو ”حسين“ رکيائون. امام حسين عليه السلام، حضور جن جي سايه شفقت ۾ پليا. ننڍپڻ واري دور ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جو امام حسين سان گهڻو پيار ۽ محبت هئي ۽ اهڙا گهڻائي واقعا ملن ٿا، جن مان ثابت ٿئي ٿو. پاڻ سڳورا امام حسين سان غير معمولي محبت ۽ شفقت ڪندا هئا. امام جن اڃا مس ستن سالن جا هئا ته حضور صلعم -جن- جي سايه شفقت کان محروم ٿي ويا. حضرت علي عليه السلام جي دور خلافت ۾ پاڻ بلڪل جوان ٿي چڪا هئا ۽ پنهنجي والد سان گڏ جنگ جمل، جنگ صفين ۽ جنگ نهروان ۾ شامل رهيا. تاريخ گواهه آهي ته ننڍپڻ جي دور ۾ پهرين 11هه ۾ پنهنجي ناني حضور صلي الله عليه وسلم ۽ ماءُ بيبي فاطمه جي جدائيءَ جو داغ برداشت ڪيائون ۽ 40هه ۾ پنهنجي والد حضرت علي عليه السلام ۽ 50هه ۾ پنهنجي ڀاءُ امام حسن عليه السلام جي جدائيءَ جو صدمو برداشت ڪيائون. پاڻ قرآن جو مطلب ۽ حديثون اڪثر فرمائيندا هئا. عبادت، رياضت، ڪثرت سان نفل پڙهڻ ۽ دين محمديءَ جو پيغام پهچائڻ سندن دستور هو. اڪثر روزي ۾ رهندا هئا، ڪافي حج ۽ عمره ڪيائون. ميدان ڪربلا ۾ سندن شهادت واري واقعي تي وڏن وڏن عالمن ۽ مورخن بيشمار ڪتاب لکيا آهن. امام حسين عليه السلام، اسلام جي اوسر زمانو پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. اسلامي تاريخ جا سڀئي واقعا سندن اکين آڏو هئا. 56هه (675ع) ۾ جڏهن حالاتون تمام گهڻيون بگڙجي ويو ۽ يزيد کي ولي عهد مقرر ڪيو ويو، تڏهن پاڻ يزيد جي وڏي مخالفت ڪيائون. ان مخالفت تي حڪومت شام کان جواب طلبي ٿي، جنهن جي جواب ۾ امام حسين عليه السلام حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ پنهنجي خيالن کي بيان ڪندي يزيد جي ولي عهد واري حيثيت کي ناجائز قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيائون ۽ بيعت طلب ڪرڻ تي امام حسين عليه السلام بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو. معاملا سنگين ٿيندا ويا، تان جو ڪربلا جو واقعو پيش آيو. يزيد جي حڪم تي امام حسين عليه السلام کي 10 محرم 60هه مطابق 10 آڪٽوبر 680ع تي پنهنجي مائٽن ۽ انصارن سميت ڪربلا ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس تربت ڪربلا معليٰ ۾ آهي.[1]

عزت، شجاعت، صداقت، ايثار ۽ آزاديء َجو علمبردار[سنواريو]

محمد کي ٻڌايو ويو ته امّ ايۡمَن رات کان وٺي زارو قطار روئي ٿي ۽ ماٺ نٿي ڪري، ان کي سندن خدمت ۾ آندو ويو، محمد کائنس پڇيو ته ڇا لاءِ ايترو روئي رهي آهين؟ چيائين: مون ڏاڍو ڪنو خواب ڏٺو آهي.
فرمايائون: پنهنجو خواب ٻڌاءِ؟ چيائين: خواب ٻڌائڻ منهنجي لاءِ تمام گھڻو دردناڪ ۽ ڏکيو آهي . فرمايائون: تون جيئن سوچين ٿي (شايد) ايئن نه آهي. چيائين: هڪ رات خواب ۾ ڏٺم ته اوهان جي جسم مان هڪ ٽڪرو نڪري منهنجي گھرَ ۾ اچي ڪريو آهي. فرمايائون: پريشان نه ٿي، (عنقريب منهنجي ڌيءُ) فاطمه کي هڪ فرزند پيدا ٿيندو جنهن جي پالنا ۽ پرورش ڪرڻ واري تون هوندينءَ، ۽ اهڙي نموني سان منهنجي جسم جو هڪ ٽڪرو تنهنجي گهر ۾ هوندو. محمد جي سچي اڳڪٿي ٻين به کوڙ سارين اڳڪٿين وانگر جلدي ئي سچي ٿي ۽ جنگ خندق واري سال شعبان مهيني جي ٽين تاريخ تي حضرت علي ۽ حضرت زهراء (عليهما السلام) جو گھر وري خوشين سان سجي ويو، محمد جي هٿن تي امّ المومنين امّ سلمه اچي رکيو مٺي مرسل ٻار جي ساڄي ڪن ۾ اذان ۽ کاٻي ڪن ۾ اقامت پاڻ چئي. رسول جوخوشيءَمان ٻهڪندڙ چهرو پالڻهار کي ايتروته وڻيو جو جبرائيل امين کي هزارن جي تعداد فرشتن سميت مبارڪ ڏيڻ لاءِ موڪليو. جڏهن جبرائيل رسول پاڪ جي حضور ۾ پير پاتو تڏهن نهايت ادب سان سلام ڪندي الله پاڪ جو پيغام پهچايائين: ”اي الله جا محبوب، جڳ جو خليقندڙ توهان کي هن مولود جي ولادت تي مبارڪباد ڏئي فرمائي ٿو، پنهنجي هن فرزند تي هن موسى نبيءَ جي ڀاءُ هارون (عليهما السلام) جي ننڍي پٽ جو نالو رکيو وڃي ڇاڪاڻ ته علي تو لاءِ هارون جي مثل آهي، محمد چيو هارون جي ننڍي فرزند جو نالو ڇا هو؟ چيائين ”شبّير“ جنهن جو عربي زبان ۾ ترجمو ”حسين“ آهي.

بس ايئن مولود نالو الله جي فرمان مطابق حسين رکيو ويو. اچانڪ امّ سلمه ڏٺو ته محمد گريو ڪري رهيو آهي، ۽ نير سندن اکين مان لارون ڪري رخسارن تي اچي ڪريا آهن، امّ المومنين امّ سلمه پڇيو يا ”رسول الله اوهان هن خوشي موقعي روئي رهيا آهيو؟‟
محمد فرمايو: اي امّ سلمه منهنجي امت جو هڪ باغي ٽولو منهنجي هن پياري فرزند کي (ناحق) قتل ڪندو، خدا انهن کي منهنجي شفاعت نصيب نه ڪري. انس ابن سحيم چوي ٿو محمد چيو: منهنجو هي فرزند عراق جي سرزمين تي(ناحق) قتل ڪيو ويندو، توهان مان جيڪو به ان وقت اتي هجي انکي کپي ته حسين جي مدد ڪري.

ڪامل الزيارات ۾ ابن قولويه کان روايت[سنواريو]

ڪامل الزيارت ۾ ابن قولويه کان رويت آهي ته پکين ۾ سڀ کان وڌيڪ امام حسين عليه السلام جي شهادت تي ڏک پهتو اهو پکي چٻرو آهي. حضرت امام علي رضه فرمائي ٿو ته، اهو پکي حضرت رسول صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ گهرن ۽ پاڙن ۾ رهندو هو ۽ جڏهن ڪو انسان ڪجهه کائي رهيو هوندو ته ان جي آڏو اچي ويهي رهندو هو ۽ ماڻهو به ان کي کائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڏيندا هئا، جنهن کي اهو کائي اُڏامي ويندو هو. پر جڏهن حضرت امام حسين عليه السلام کي شهيد ڪيو ويو ته ان آبادين کي ڇڏي ڏنو ۽ ڏورانهن ويرانن، جبلن ۽ ريگستانن کي وڃي وسايو ۽ چوڻ لڳو توهان ڪِني ترين قوم آهيو، ڇو جو توهان نبي صلم جي ڏهٽي کي شهيد ڪري ڇڏيو. ان ڪري هاڻي مون کي توهان تي ڀروسو نه رهيو آهي. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. امام حسين عليه السلام : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪامل الزيارات، ص 390، ابن قولويه



Noia 64 apps xeyes.png پڻ ڏسندا[سنواريو]