شازيه خشڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شازيه خشڪ
فائل:شازیہ خشک.jpeg
پس منظري معلومات
مقامي نالو شازیہ خشک
پيدائشي نالو شازيه خشڪ
پيدائش September 1970
ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
صنف لوڪ
پيشا Singer

شازيه خشڪ (انگريزي ٻولي: Shazia Khushk) جي والد جو نالو فاروق احمد مرزا آهي. هن 16 سيپٽمبر 1970ع تي ڄامشورو ۾ جنم ورتو، 1990ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي.

تعارف[سنواريو]

شازيه خشڪ: سنڌ جي مشهور ڳائڻي شازيه خشڪ جي والد جو نالو فاروق احمد مرزا آهي. هن 16 سيپٽمبر 1970ع تي ڄامشورو ۾ جنم ورتو، 1990ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي ڪيائين ۽ ساڳئي ئي سال سنڌ يونيورسٽي جي استاد محمد ابراهيم خشڪ سان شادي ڪيائين ۽ شازيا خشڪ جي نالي سان سڏجڻ لڳي. شازيه کي ڳائڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو، پڙهائي دوران سنڌ يونيورسٽي جي پروگرامن ۾ پڻ ڳائيندي هئي. 1992ع ڌاريشازيه خشڪ، پروڊيوسر سلطانه صديقيءَ جي هدايتڪاريءَ ۾ پي ٽي وي ھوم لاءِ هڪ گيت ڳايو ۽ ان ئي سال شاهه سائينءَ جي عرس تي اسٽيج تي ڳائڻ آئي. منفرد ثقافتي لباس ۽ انداز سبب کيس سٺي موٽ ملي، ڪجهه عرصي بعد کيس جاپان وڃڻ جو موقعو مليو. جنهن کانپوءِ ريڊيو تي کيس نامور پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي متعارف ڪرايو، هن ڪنهن کان بهراڳ جي باقاعده تربيت نه ورتي، پر استاد فتح علي خان، استاد نياز حسين ۽ استاد رجب علي رضا جي رهنمائيءَ ۾گھڻو ڪجھه پرايائين. سندس مادري ٻولي ڪشميري آهي، پر سنڌي، سرائيڪي، اردو، پنجابي، بلوچي ٻولي، بروھي ۽ انگريزي ۾ گهڻو ڳايو اٿس. هن آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، جاپان، دبئي، قطر،سنگاپور، هالينڊ، مالديپ، ٿائيلينڊ، سريلنڪا، ڀارت سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ مڃرايو آهي. سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيو پاڪستان، سنڌ جي مختلف اسٽيشنن توڙي ٽي وي چئنلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس مشهور ڪلامن ۾ ماهي يار دي گهڙولي (سچل سرمست)، تو دلڙي يار ڌتاري (طالب الموليٰ)، لعل ميري پت، حسينا پوپري (شمشير الحيدري)، گهوم چرخڙا (شاهه حسين ماڌولال)، تو کان دور رهون ٿا. (اياز گل)، دم مست قلندر وغيره قابل ذڪر آهن:

هن آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، جاپان، دبئي، قطر،سنگاپور، هالينڊ، مالديپ، ٿائلينڊ، سريلنڪا، ڀارت سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ مڃرايو آهي.

گيت[سنواريو]

ڪجهه مشھور گانا

  • روبرو آ يار
  • تيرا نام ليا
  • لال ميري پت رکيو
  • نياني نماڻي
  • روبرو آ يار
  • ميڏا اتدا پکيا ڪي آء نہ ماري ديش
  • اي منھنجا ماروئڙا
  • تيرا نام ليا
  • لال ميري پت رکيو
  • نياني نماڻي
  • ميڏا اتدا پکيا ڪي آء نہ ماري ديش
  • اي منھنجا ماروئڙا

حوالا[سنواريو]