زيب النسا (ڳائڻي)
زيب النساء | |
---|---|
پيدائشي نالو | قائم خاتون |
پيدائش | نوابشاھ |
وفات | 19 ڊسمبر 2019. نوابشاھ, سنڌ |
صنف | سنڌي |
پيشا | لوڪ فنڪاره |
سرگرم سال | 1960–2000 |
زيب النساء (انگريزي: Zeb un Nissa ) (وفات: 19 ڊسمبر 2019ع) سنڌ جي مشھور ڳائڻي جنھن جا بيشمار گيت، لاڏا، ڪافيون ۽ ڪلام سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشھور آھن.
ننڍپڻ
[سنواريو]زيب النساء جو جنم نوابشاھ ۾ ٿيو. سندس اصل نالو ”قائم خاتون“ ۽ ذات ”شيخ“ ھئي. سندس والد جو نالو بچو شيخ ھو. ھن جو واسطو ڪنھن راڳيندڙ خاندان سان نہ ھو البت سندس والدہ شادين مرادين جي موقعي تي آسپاس جي ڳوٺن ۾ سھرا ڳائيندي ھئي. کيس ٻالڪپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق ھو. ننڍي ھوندي ئي ھوءَ ڪاليج جي فنڪشنن ۽ ڀٽائيءَ جي ميلي ۾ اسٽيج تي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندي ھئي. ڳائڻ جي شوق سبب فقط مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري سگھي. سڄي حياتي راڳ ۽ موسيقيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيائين.
فني سفر
[سنواريو]تمام ننڍڙي ڄمار ۾ ھن 1958ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن ڏنو[1]. سندس آڊيشن مشھور براڊڪاسٽر مرحوم ايم بي انصاريءَ ورتو. آڊيشن دوران استاد محمد ابراھيم ۽ استاد محمد جمن جھڙا راڳ جا پارکو بہ موجود ھئا. پنھنجي سريلي آواز ۽ لفظن جي صحيح ادائگيءَ سببان ھن موسيقيءَ جو ھيءُ امتحان پاس ڪري ورتو. ھن سنڌ جي مشھور راڳيءَ ۽ موسيقار محمد جمن کان راڳ جي سکيا ورتي[2]. جڏھن ھن جو پھريون ڪلام رڪارڊ ٿيو تہ ان کي تمام گھڻو پسند ڪيو ويو. ھن حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، ٻڍل فقير ۽ ٻين شاعرن جا بيشمار ڪلام، ڪافيون ۽ گيت ڳايا. جيجي زرينہ بلوچ ۽ امينہ سان گڏجي بيشمار لاڏا ۽ سھرا رڪارڊ ڪرايا جيڪي اڄ بہ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشھور ۽ مقبول آھن. ھن استاد محمد جمن ۽استاد محمد يوسف جھڙن وڏن راڳين سان گڏ ڊوئيٽ (دوگانہ)پڻ ڳايا. سنڌيءَ سان گڏ ھن اردو، سرائڪي، بلوچي ۽ پنجابي ٻوليءَ ۾ پڻ گيت ڳايا. ھن پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تي پڻ 50 کان مٿي پروگرام رڪارڊ ڪرايا جيڪي ھن جي گيتن، سھرن ۽ ڪلامن تي مشتمل آھن.
زيب النساء جا ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ٿيل ڪجهه مشھور ڪافيون، ڪلام ۽ گيت
[سنواريو]- ڪڏھن راضي ٿي ملندين راڻا، سوڍل يار سياڻا
- ھڪ ڌنڌلي ڌنڌلي ياد اٿم، ڪجهه طوفان جي ڪجهه ساحل جي
- ڪانگل نيئي تہ ڏبو مون ڏکيءَ جو ڏوراپو
- ساڏا من وي موھيا يار وي
- منھنجا قلندر لال مان جوڳياڻي آھيان
- ھن تہ حياتيءَ کان مر تہ مري مزا ماڻيون
- ٻانھن جي آئون ٻانھي آھيان
- سڄڻ ريءَ ٿي سڪان، محبت ماري آھيان
- او يار سڄڻ دلدار سڄڻ
- آئون ڪيئن جيئنديس جڳ ۾ پنھنجي پنھل پڄاڻان (استاد محمد جمن سان گڏ)
- جوڳي ڏاڍي ذات (استاد محمد جمن سان گڏ)
- محبت جا فسانا ياد رھندا (استاد محمد يوسف سان گڏ)
وفات
[سنواريو]سنڌ جي ھن نامياري فنڪارہ 19 ڊسمبر 2019ع تي نواب شاھ ۾ لاڏاڻو ڪيو[3]. ھن پنج ڌيئرون ۽ ٻہ پٽ سوڳوار ڇڏيا. سندس اولاد مان فقط ھڪ ڌيءَ ثمينہ ڪنول راڳ جي دنيا سان سلھاڙيل آھي.