مواد ڏانھن هلو

سنٿالي ماڻھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنٿال
Santali dance photo.png
ڪل آبادي
7–7.5 million
نمايان آبادي وارا علائقا
 ڀارت,  بنگلا ديش
ٻوليون

سنٿالي

مذھبَ

ساري ڌرم  • سارنا ازم  • ھيومن ازم  • عيسائيت

لاڳاپيل نسلي گروھ

منڊا  • ڪول  • ھو ۽ ٻيا.

ڪول ۽ سنٿال شايد معلوم ڄاڻ مطابق سنڌ جا قديم ترين رهواسي آهن. جڏهن سنڌ وٽان سمنڊ هٽي پري ٿيو ته پهريان ڪهڙيون قومون سنڌ ۾ آباد ٿيون ان بابت ڪا تز ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي. ڌرتيءَ جي ٽئين دور ۾ جيڪي پنڊپاهڻ ملن ٿا انهن جي بنياد تي ئي اهو فيصلو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ جا قديم ترين رهواسي ڪير هئا. تحقيق مان ايتري ڄاڻ پئي آهي ته موجوده قومن مان قديم ترين لوڪ جن اتر هندستان وسايو سي هاڻوڪن سنٿالن، ڀيلن ۽ منڊ لوڪن جا اباڏاڏا هئا. اها ئي راءِ سنڌ بابت تڏهن تسليم ڪئي وئي جڏهن سيوهڻ وٽ کوپڙيون لڌيون ويون. ساڳي طرح موهن جي دڙي مان پڻ ڪولن ۽ سنٿالن جون کوپڙيون لڌيون ويون. تنهنڪري خاطريءَ سان ڪولن ۽ سنٿالن کي سنڌ جي قديمي ۽ پهريان رهواسي سڏي سگهجي ٿو. جڏهن اتر هندستان جو گهڻو ڀاڱو اڃان سمنڊ هيٺ هو تڏهن ڏکڻ هندستان وارو پاسو آفريڪا، سيلون ۽ آسٽريليا سان خشڪي ذريعي ڳنڍيل هو. ٻولين جي کوجنا ذريعي ماهرن وٽ سبب مهيا ٿيل آهن ته اهي قديم لوڪ انهيءَ رستي آسٽريليا کان چين ولايت واري واٽ وٺي، آسام ۽ بنگال ڏي آيا ۽ پوءِ اتر هندستان ڏي هليا ويا. هن وقت سندن اولاد وچ هندستان طرف سنٿال پرڳڻن ڇوٽا ناگپور طرف رهي ٿو.
هاڻوڪا ڪول ۽ سنٿال جيڪي ٻوليون ڳالهائين ٿا تن جي بناوٽ انهن ٻولين جهڙي آهي جيڪي انڊو چائنا ۽ ملايا اُپٻيٽ کان وٺي آسٽريليا ۽ پالينيشيا تائين ڳالهائجن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو ڪولن ۽ سنٿالن جون ٻوليون آسٽريليا جي ٻولي خاندان جي هڪ شاخ سڏجڻ ۾ آيون.
ڪولن ۽ سنٿالن جي ٻوليءِ ۾ ”ڪول“ لفظ جو مطلب آهي ”ڄڻو“ يا ”ماڻهو“. سندن اولاد ڪيئي صديون اتر هندستان ۾ رهيو تنهنڪري اهي آرين سان تعلق ۾ آيا. جنهنڪري سنسڪرت ۾ ”ڪول“ لفظ داخل ٿيو. جنهنجو مطلب ٿيو ”جهنگلي يا اڻ سڌريل“. جنهن مان اها ڳالهه به عيان ٿئي ٿي ته آرين اڳوڻن ڪولن کي اڻ سڌريل حالت ۾ ڏٺو. ڪولن ۽ سنٿالن ۾ ڪي ”منڊ“ لوڪ به هئا جن جو ذڪر ”مهاڀارت“ ۽ ”وايو پراڻ“ ۾ ملي ٿو. تنهنڪري سندن ٻوليون ”ڪوليرين“ يا ”منڊا“ سڏجڻ ۾ آيون. ساڳي طرح سنسڪرت ۾ ”منڊ“ لفظ جو مطلب آهي ”گهٽ ذات وارو يا نيچ“ يا ٻيو مطلب اٿس، ”مڏو يا جڏو“. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته آرين پاڻ کي برتر ٿي سمجهو جنهنڪري ٻين کي ”اڻ آريا“ يا پوءِ بگڙيل اُچار تحت ”اناڙي“ سڏيو ويو. انهن قديم ماڻهن کي ”مليڇ“ به سڏيو ويندو هو جنهن جو مطلب آهي، ”جنهن کي پوري ٻولي (سنسڪرت) ڳالهائڻ نه اچي.“ ڪولن جي ٻوليءِ جو هن وقت سنڌ ۾ ڪوبه نالو ڪونهي پر ٻوليءِ ۾ ان ڳالهه جا آثار ملن ٿا. اڪثر اڻ پڙهيل هاري ويهه ويهه ڪري ڳڻيندا آهن، اهي پنجاهه بدران ”اڍائي ڪوڙيون“ لفظ ڪتب آڻيندا آهن، يا سٺ بدران ”ٽي ڪوڙيون“ جنهن جو مطلب آهي ٽي ويهون. آرين جي ڳڻپ جو دستور ڏهاڪن جي ترتيب تي رکيل هو ان ڪري اسان وٽ سندن اُچار ٿوري ڦير سان اڄ به رائج آهن. جيئن ٻارنهن (ٻاڏنهن) يا تيرنهن (تيڏهن) وغيره. [1][2] ڪولن ۽ سنٿالن جي ٻوليءَ ۾ ”ڪول“ لفظ جي معنيٰ آهي ”ڄڻو“ يا ”ماڻهو“ جيئن ويجهڙائيءَ ۾ مهاتما گانڌيءَ اڇوتن کي نالو ڏنو ”هريجن“ يعني هريءَ يا ڀڳوان جو جيو (People of God) تيئن ڪول لوڪ به سڏبا هئا. سندن اولاد ڪئين صديون ساندهه سڄي اتر هندستان ۾ هو؛ تنهنڪري هو آرين سان لهه وچڙ ۾ آيا هئا، ۽ انهيءَ سبب سنسڪرت ۾ به ”ڪول“ لفظ چالو ٿيو، پر معنيٰ ٿيس ”جهنگلي يا اڻ سڌريل.“ هن مان ظاهر آهي ته آڳاٽن آرين ڪولن کي اڻ سڌريل حالت ۾، يا پاڻ کان گهڻو گهٽ ڏٺو هو، تنهنڪري ”ڪول“ لفظ جي اها معنيٰ ٿي. ڪولن ۽ سنٿالن ۾ ڪي ”منڍ“ لوڪ به هئا، جن جو ذڪر مهاڀارت (پرو6-2410 ۽ وايُو پراڻ (14-123) ۾ آهي. انهيءَ سبب ڪولن، سنٿالن، منڊ لوڪن وغيره جون ٻوليون سندن نالن پٺيان ”ڪوليرين“ يا ”منڊا“ ٻوليون (Kolarian or Munda Languages) سڏجن ٿيون. سنسڪرت ۾ ”منڍ“ لفظ جي هڪڙي معنيٰ آهي ”گهٽ ذات وارو يا نيچ“ ۽ ٻي معنيٰ اٿس ”مڏو، جڏو يا ڪند فهم“؛ هن مان به ظاهر آهي، ته آڳاٽن آرين هنن قديم ڪولن کي پاڻ کان گهڻو گهٽ ٿي ڄاتو ۽ پنهنجي اصل نسل تي فخر هُئو، جنهنڪري ”ڪول“ ۽ ”منڍ“ لفظن کي اهي اُگريون معنائون ڏنائون. اهي لوڪ آرين جي نسل مان نه هئا، تنهنڪري ”اڻ آريا“ سڏجڻ ۾ آيا. آهستي آهستي ”اڻ آريا“ لفظ جو اُچار بگڙجي ٿيو ”اناڙي“ ۽ هيئنر معنيٰ اٿس ”جهنگلي يا اڻ سڌريل“. انهن قديم لوڪن کي ”مليڇ“ به سڏيندا هئا، جنهن جي اصل معنيٰ هئي ”جنهن کي ٻولي (سنسڪرت) پوري ريت ڳالهائڻ نه اچي.“ انهن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي به آرين جهڙي نه هئي، تنهنڪري ”مليڇ“ جي پوءِ معنيٰ ٿي ”پليد“، وغيره هنن حقيقتن مان ٻه ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون:

  • (1) آرين کي پنهنجي ٻولي تي گهڻو فخر هو.
  • (2) ڪولن، سنٿالن ۽ منڊ لوڪن، آرين جي وقت تائين به ڪا گهڻي ترقي ڪانه ڪئي هئي. انهيءَ سبب سندن سڀيتا جا اهڃاڻ به هن وقت اهڙائي ملن ٿا، جن جا ٿورا مثال هي آهن؛ [3]

(1) آڳاٽن ڪولن وغيره ۾ ڪي اهي به هئا، جي ”ڀيل“ سڏجن ٿا. اهي اڄ تائين سنڌ ۾، خاص ڪري ٿر ۾، گهڻا آهن. هاڻوڪا ڀيل کڻي راجپوتانا مان يا ٻين هنڌان ويجهڙائي ۾ آيا هجن؛ پر اصل انهن آڳاٽن لوڪن مان آهن. ڀيلن مان ڪيترا اڄ تائين شڪار ڪري قوت گذران ڪندا آهن، تنهنڪري ”پاراڌي“ (شڪاري) سڏجن ٿا. ڍاٽڪي ٻوليءَ يعني ڍٽ يا ٿر جي ٻوليءَ ۾ ڀيلن کي ”ٿوري“ به چوندا آهن. (2) ڪولن جي ٻوليءَ جو هن وقت سنڌ ۾ نالو به ڪونهي، پر نيشان آهن. مثلاً اسانجا ڪيترا هاري ناري ۽ ٻيا اڻ پڙهيل اڪثر ويهه ويهه ڪري ڳڻيندا آهن. اهي ”پنجاهه“ بدران چون ”اڍائي ڪوڙيون“ ۽ ”سٺ“ بدران چون ”ٽي ڪوڙيون يا ٽي ويهون“. انهيءَ سبب چوڻي آهي ته ”جهڙي يعني ڏهاڪن جي ترتيب (Decimal system) تي ٻڌل هو، جنهنڪري انگن، تي نالا ئي اهڙيءَ طرح رکيائون ۽ اسين اهي ساڳيا انگ، ٿوري ڦريل اُچار سان اڄ تائين ڪم پيا آڻيون. مثلاً ٻارهن (اصل-ٻاڏهن) معنا ٻه ۽ ڏهه 12، تيرهن تيڏهن معنيٰ ٽي ۽ ڏهه، ۽ چوڏهن معنيٰ چار ۽ ڏهه. اهو ڏهه ڏهه ڪري ڳڻڻ جو دستور اول آڳاٽن آرين وڌو، جو يورپ ۽ ايران وارن به اختيار ڪيو. آڱرين تي ڳڻڻ جو رواج بلڪل سڀاويڪ ۽ نهايت سولو سهنجو آهي، تنهنڪري اڄ به اسين آڱرين تي ڳڻيون ٿا. ڀائنجي ٿو ته آڳاٽن آرين کي ڏهه ڏهه ڪري ڳڻڻ جو خيال هٿن جي ڏهن آڱرين مان آيو. ڪولن ۽ سنٿالن شايد پيرن جون آڱريون به ٿي ڳڻيون، جنهنڪري ويهه ويهه ڪري ڳڻڻ جي ترتيب (Vigesimal System) چالو ڪيائون ۽ اها هن وقت اسان کي کل جهڙي پيئي لڳي، جنهنڪري اهو اڻ سڌريل ماڻهن جو رواج ڪري ليکيون ٿا. سر گريئرسن ڄاڻايو آهي ته اهو ويهه ويهه ڪري ڳڻڻ جو دستور ڪولن ۽ سنٿالن جو آهي، جو اتر هندستان جا اڻ پڙهيل ماڻهو اڄ تائين هلائيندا پيا اچن، ۽ خود ”ڪوڙي“ (Score) منڊا ٻولين جو لفظ آهي. (3) سنڌيءَ ۾ آوازن مان ٺهيل لفظ گهڻا آهن – مثلاً ڪتي جو آواز ”ڀنءُ ڀنءُ“ ٻليءَ جو آواز ”ميائو ميائو“ انهن کانسواءِ گهڻگهڻ، جهڻجهڻ، ٺاٺا، ٺڪ ٺڪ، ٺڪا ٺوڪي ۽ ٻيا ڪيترا آوازن مان ٺهيل لفظ آهن. وچ هندستان جا هاڻوڪا ڪول ۽ سنٿال به ائين آوازن مان ٺهيل لفظ گهڻا ڪم آڻين ٿا. سندن ابن ڏاڏن جي ٻوليءَ جو اهو اثر آرين جي سنسڪرت تي ٿيو هجي ته عجب ڪونهي. (4) سنڌ ۾ هاري ناري ۽ ٻيا ڪيترا اڪثر رڳو پوتڙو هيٺان ڪري پنهنجي ڪرت ڪار ڪن ٿا. اهو اصل سنٿالن ۽ ڪولن جو جاري ڪيل رواج چوڻ ۾ اچي ٿو، جو وچ هندستان طرف سندن اولاد اڄ تائين هلائيندو پيو اچي. ڀائنجي ٿو ته جڏهن ڪپڙن اُڻڻ جو رواج پيو، تڏهن انهن قديم لوڪن لانگوٽي ٻڌڻ ۽ پوتڙي ڍڪڻ جو رواج وڌو، جو پوءِ فقيرن ۽ ساڌن به اختيار ڪيو. (5) منڇر ڍنڍ جا مهاڻا جنهن نموني جيئرا پکي جهليندا آهن، سو نمونو نهايت جهونو آهي. اُهي مهاڻا جڏهن ڍنڍ جا پکي جهلڻ ويندا آهن، تڏهن ڪي ترهي تي ترندا ويندا آهن. ترهي جي اڳيان پاٻوڙا (پٻڻ جا پن) وغيره اڳيان ٽنبي ڇڏيندا آهن، جنهنڪري پريان ائين پيو ڀائنبو آهي، ڄڻ ته پاڻيءَ ۾ پن ترندا پيا اچن. ڪي مهاڻا پٻڻ جي پنن مان ٽوپ ٺاهي، انهن سان مٿو ۽ منهن ڍڪيندا آهن. مهاڻا پاڻ پاڻيءَ اندر هوندا آهن، باقي رڳو پاٻوڙي سان ڍڪيل مٿو ٻاهر ڪڍندا آهن، انهن پنن مان ٺهيل ٽوپن ۾ ٻه ننڍڙا ٽنگ ڪندا آهن، ۽ انهن اکياڙين مان پکين ڏي پيا نهاريندا آهن. پکين جي ليکي ڪو پاٻوڙو لڙهندو پيو اچي، سو بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي پاڻيءَ تي ترندا آهن. وقتي ته پکي انهن پاٻوڙن جي آسپاس اچي ڪٺا ٿيندا آهن. اهو وجهه وٺي مهاڻا، پاڻيءَ مان هيٺان ئي هيٺان هٿ وجهي، پکين کي ڄنگهن کان جهلي، بلائتو ڪندا آهن. جيئرن پکين ڦاسائڻ جو اهو عجيب نمونو هيوز صاحب جي سنڌ گزيٽيئر موجب به نهايت قديم زماني جو آهي. جنهن صورت ۾ ڪولن جي سڀيتا جو مرڪز سيوهڻ وارو پاسو هو ۽ اهو جيئرن پکين جهلڻ جو نمونو رڳو منڇر طرف آهي، تنهن صورت ۾ ائين پيو سمجهجي، ته اهو آڳاٽو ڪولن وارو دستور آهي، جو منڇر جا مهاڻا اڄ تائين هلائيندا پيا اچن. (6) ڪراچي ۾ شاهه بندر طرف ”ستاهه“ نالي واهه آهي، اُن جي پريان سنڌونديءَ جو هڪ ڀاڱو ”مگدو“ سڏبو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ پاسي درياهه جو ڪنٺو اصل ”مگدو“ ذات جي ٻروچن وسايو هو. انهيءَ مگدي جي پريان سنڌونديءَ جو ٻيو ٿورو ڀاڱو ”پوپٽ ڪوٺبو هو. ”پوپٽ“ معنيٰ ”طوطو“ يا ”چتون“. اسانجي درياهه تي اهو نالو پيو ڪيئن؟ سنڌ بابت متفرقه احوال بمبئي سرڪار جي دفتر مان چونڊي، ٻن ڀاڱن ۾ ڇپايا اٿن، جن مان ٻئي ڀاڱي ۾ گهڻو ذڪر سنڌونديءَ ۽ ان جي ڦيرين گيرين جو آهي. سنڌونديءَ جي جدا جدا ڀاڱي تي اڳي جيڪي نالا رکيل هئا، تن جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو اٿن، ته سنڌونديءَ جي انهيءَ ڀاڱي تي ”پوپٽ“ نالو هن ڪري پيو، جو قديم زماني ۾ انهيءَ طرف جا ميربحر درياهه ۾ گهڙڻ مهل پنهنجي پير لاءِ هڪ پوپٽ (حتون) قرباني طور ڏيندا هئا. سنڌ ۾ طوطن يا چتن جي قربانيءَ جو رواج نڪي هندن نڪي مسلمانن ۾ آهي، ڪولن ۽ سنٿالن بابت چون ٿا ته اهي آسٽريليا طرفان چين ولايت واري واٽ وٺي آيا هئا. آسٽريليا ۾ بک ڪڍڻ ۽ ٻلين چاڙهڻ جو رواج نڪو اڳي هو، نڪو هاڻي آهي. انهيءَ ساڳئي ڪتاب (بمبئي سرڪار واري دفتر) ۾ ڄاڻايل آهي، ته اهو رواج چين ولايت ۾ آهي. جنهن صورت ۾ ڪولن ۽ سنٿالن بابت عالم چون ٿا ته اهي چين ولايت واري واٽ وٺي. هندستان آيا هئا، تنهن صورت ۾ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته اهو چتن جي قربانيءَ جو رواج انهن لوڪن چين ولايت کان ايندي ڏٺو هو، جو سنڌ ۾ چالو ڪيائون ۽ سندن اولاد پوءِ به هلائيندو پئي آيو. هن وقت اهو رواج ڪونهي. هنن ڳالهين جي کوجنا اڄ تائين ڪنهن به عالم ڪانه ڪئي آهي. حال اسان ائين فرض ڪيو آهي، ته اهي رواج ڪولن ۽ سنٿالن واري زماني جا آهن، جو آرين وٽ اهڙا رواج هئائي ڪين. [4][5]ڪول ڀارت ۾ شيڊولڊ ڪاسٽ آبادي ۾ شامل آهن. انڊيا جي 2011 جي آدمشماري مطابق اتر پرديش رياست ۾ ڪول ماڻھن جو تعداد 422,042 آھي.[6]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ ليکڪ: سائين جي ايم سيد
  2. ڪتاب، ”قديم سنڌ“ ليکڪ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
  3. Prof. Max Muller: India: What can it Teach us
  4. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-10-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-04-27 
  5. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  6. "A-10 Individual Scheduled Caste Primary Census Abstract Data and its Appendix - Uttar Pradesh". Registrar General & Census Commissioner, India. حاصل ڪيل 2017-02-06.