خادم سومرو
| خادم سومرو Khadim Soomro | |
|---|---|
| ڄم | خادم حسين سومرو 27 فيبروري 1979ع جوهي، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
| قلمي نالو | خادم سومرو، مخدوم ساحل سومرو |
| ڌنڌو | شاعر، ليکڪ |
| ٻولي | سنڌي ٻولي |
| قوميت | |
| تعليم | ايم اي (سوشيالوجي) 2000ع |
| مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو |
| صنف | شاعري، مضمون |
خادم سومرو (انگريزي ٻولي:Khadim Soomro) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ ليکڪ آهي. سندس شاعري ۽ مضمون سنڌي ٻولي ۽ انگريزي ٻولي ۾ شايع ٿيل آهن.[1][2]
زندگي جو احوال
[سنواريو]خادم سومرو جو پورو نالو خادم حسين سومرو آهي. هيءُ دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي شهر جوهي ۾ 27 فيبروري 1979ع تي غلام حسين سومرو گهر ۾ پيدا ٿيو.[3]
تعليم
[سنواريو]خادم سومرو پرائيمري گورنمينٽ پرائمري اسڪول منجهان پاس ڪيائين. مئٽرڪ 1994ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان پاس ڪيائين. هن انٽر جو امتحان گورنمينٽ ڪاليج جوهي مان 1996ع ۾ پاس ڪيو. جڏهن تہ ايم اي سوشيالوجي 2000ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين.[3]
ادبي خدمتون
[سنواريو]خادم سومرو لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. هن نامور اديب عزيز ڪنگراڻي جي رهنمائي ۾ مخدوم ساحل سومرو جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ خادم سومرو نالي سان بہ لکڻ شروع ڪيو. هن کي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو طرفان نڪرندڙ ٻارن جي رسالي گل ڦل پڙهڻ سان پيدا ٿيو. سندس شاعري ۽ مضمون سنڌي ٻولي جي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ انگريزي ٻولي ۾ مضمون بہ لکڻ شروع ڪيائين جيڪي شايع ٿيل آهن.[4] هيءَ سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي جو ميمبر ۽ آڊيٽر به رهيو. هيءُ ساٿي ٻارڙا سنگت جوهي ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جوهي سان پڻ منسلڪ رهيو. ايم اي ڪرڻ کان پوءِ هن عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ مختلف نجي ادارن ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. لکڻ پڙهڻ ۽ ادب سان سندس دلچسپي اڄ بہ آهي ۽ سندس مواد ڇپبو رهي ٿو.[3][5]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Newspaper, From the (31 مئي 2013), "A separate ministry for children", DAWN.COM (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 05 سيپٽمبر 2021۔
- ↑ "Remembering Prof Dani", DAWN.COM (ٻولي ۾ انگريزي), 02 فيبروري 2009, حاصل ڪيل 05 سيپٽمبر 2021۔
- 1 2 3 "Khadim Soomro", Aziz Kingrani (ٻولي ۾ انگريزي), 05 سيپٽمبر 2021, حاصل ڪيل 05 سيپٽمبر 2021۔
- ↑ "Khadim Soomro Archives", Daily Times (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 05 سيپٽمبر 2021۔
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 05 سيپٽمبر 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 05 سيپٽمبر 2021۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)