خادم سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خادم سومرو
Khadim Soomro

خادم سومرو
پيدائش خادم حسين سومرو
27 فيبروري 1979ع
جوهي، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
قلمي نالو خادم سومرو، مخدوم ساحل سومرو
ڌنڌو شاعر، ليکڪ
ٻولي سنڌي ٻولي
قوميت پاڪستانپاڪستان
تعليم ايم اي (سوشيالوجي) 2000ع
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
صنف شاعري، مضمون

خادم سومرو (انگريزي ٻولي:Khadim Soomro) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ ليکڪ آهي. سندس شاعري ۽ مضمون سنڌي ٻولي ۽ انگريزي ٻولي ۾ شايع ٿيل آهن.[1][2]

زندگي جو احوال[سنواريو]

خادم سومرو جو پورو نالو خادم حسين سومرو آهي. هيءُ دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي شهر جوهي ۾  27 فيبروري 1979ع تي غلام حسين سومرو گهر ۾ پيدا ٿيو.[3]

تعليم[سنواريو]

خادم سومرو پرائيمري گورنمينٽ پرائمري اسڪول منجهان پاس ڪيائين. مئٽرڪ 1994ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان پاس ڪيائين. هن انٽر جو امتحان گورنمينٽ ڪاليج جوهي مان 1996ع ۾ پاس ڪيو. جڏهن تہ ايم اي سوشيالوجي  2000ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين.[3]

ادبي خدمتون[سنواريو]

خادم سومرو لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. هن نامور اديب عزيز ڪنگراڻي جي رهنمائي ۾ مخدوم ساحل سومرو جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ خادم سومرو نالي سان بہ لکڻ شروع ڪيو. هن کي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو طرفان نڪرندڙ ٻارن جي رسالي گل ڦل پڙهڻ سان پيدا ٿيو.  سندس شاعري ۽ مضمون سنڌي ٻولي جي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳي ۽  پوءِ انگريزي ٻولي ۾ مضمون بہ لکڻ شروع ڪيائين جيڪي شايع ٿيل آهن.[4] هيءَ سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي جو ميمبر ۽ آڊيٽر به رهيو. هيءُ ساٿي ٻارڙا سنگت جوهي ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جوهي سان پڻ منسلڪ رهيو.  ايم اي ڪرڻ کان پوءِ هن عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ مختلف نجي ادارن ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. لکڻ پڙهڻ ۽ ادب سان سندس دلچسپي اڄ بہ آهي ۽ سندس مواد ڇپبو رهي ٿو.[3][5]

حوالا[سنواريو]

  1. Newspaper, From the. "A separate ministry for children". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2021-09-05. 
  2. "Remembering Prof Dani". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2021-09-05. 
  3. 3.0 3.1 3.2 "Khadim Soomro". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2021-09-05. 
  4. "Khadim Soomro Archives". Daily Times. حاصل ڪيل 2021-09-05. 
  5. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2021-09-05 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-09-05