وائرس

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
وائرس

وائرس لاطيني ٻوليءَ جي لفظ وائرون مان نڪتل آهي جنهن جو مطلب آهي ”زهر“. وائرس تمام ننڍا ۽ شايد سڀ کان قديم جاندار آهن. ارڙهين صديءَ کان حياتيات جي ماهرن جو چوڻ هو ته بي شمار انساني بيماريون بيڪٽريا جي ڪري پيدا ٿينديون آهن. 1892ع ۾ هڪ روسي سائنسدان ايوانوسڪيءَ پهريون ڀيرو لفظ وائرس استعمال ڪيو، هن ٻڌايو ته موزائيڪ بيماري هڪ وائرس مان ٿيندي آهي جيڪي بيڪٽريا کان به ننڍا آهن. انساني اک انهن جاندارن کي نٿي ڏسي سگهي، اهڙن جاندارن کي عام طور خوردبيني جاندار سڏيو ويندو آهي. وائرس اڻ گهرڙائي non cellular وجود آهن تنهن ڪري هنن کي جاندار نه ٿو چئي سگهجي.

کوجنا[سنواريو]

1935ع ۾ سائنسدانن، وائرس جي باري ۾ بنيادي ڄاڻ هٿ ڪري ورتي. ان ساڳي ورهيه هڪ نئين اليڪٽرانڪ خوردبيني به ايجاد ٿي. ان خوردبيني جي ڏسڻ جي صلاحيت 1،000،000،000 ملي مائڪرون هئي. ان خوردبينيءَ سان ملي مائڪرون کان به ننڍي شيءِ کي ڏسي سگهجي پيو. ان ايجاد کان پوءِ موزائيڪ وائرس توڙي ٻيا وائرس آسانيءَ سان خوردبيني ذريعي ڏسي سگهجن ٿا.

انسان جڏهن آڳاٽي دور ۾ وبائي مرضن ۾ مبتلا هو ته هن کي وائرس جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ئي نه هئي ته وائرس نالي ڪو وجود به هنن سان ويڌن ڪري ٿو انهن جو خيال هو ته اهي بيماريون زهر جي ڪري پيدا ٿين ٿيون، جيڪو هوا وسيلي هڪ جسم مان ٻي جسم تائين پهچي ٿو. اوڻيهين صدي ۾ حياتياتي ماهرن تحقيق ڪري ٻڌايو ته بئڪٽريا جي ڪري انسانن ۽ جانورن ۾ بيماريون پکڙن ٿيون .

1892ع ۾ هڪ روسي ماهر حياتيات ivanowsky ڏٺو ته هڪ ذرڙو جيڪو هڪ بيمار جاندار مان صحتمند جاندار ڏانهن منتقل ٿي رهيو هو ڏٺو. 1900ع ۾ ساڳئي بيماريون پيدا ڪندڙ مواد ڪيترن ئي جاندارن ۾ ڏٺو ويو، پر ان وقت تائين به ڪنهن کي وائرس جي باري ۾ ڄاڻ نه هئي هو پر سائنسدانن کي اندازو هو ته ڪو مواد آهي جيڪو بيمارين جو سبب آهي پر کين اها ڄاڻ ڪونه هئي ته اهو وائرس آهي. 1935 ع ۾ سائنسدانن برقي خوردبين electric microscope ايجاد ڪري تماڪ جي پن تي ريسرچ ڪري اهو معلوم ڪيو ويو ته اهو بيماري وائرس پکيڙي ٿو ائين دنيا ۾ پهريون وائرس Tobacco mosaic virus جنهن جو مختصر نالو (TMV) رکيو ويو دريافت ڪيو ويو. وائرس جيئن ته اڻ گهرڙائي مواد non cellular آهن انڪري اهي رڳو ۽ رڳو هڪ جاندار جي جيو گهرڙي ۾ ئي رهي وڌي سگهن ٿا وائرس جنهن به گهرڙي ۾ اچن ٿا ان کي بگاڙي تباه ڪندا آهن هو جنهن به گهرڙي ۾ پهچي ٿو ته اهو گهرڙو هزارين نڪل ڪاپيون جلد از جلد پيدا ڪري ٿو انڪري وائرس تيز پکڙندڙ مرض آهي. [1]

خاصيتون[سنواريو]

وائرس، بنا گهرڙي وارا ۽ مڪمل مفت خور يا پيراسائٽ آهن. اهي پروٽين خول ۽ نيو ڪليئڪ ايسڊ جي تهن جا ٺهيل هوندا آهن. وائرس پنهنجي ميزبان جاندار جي گهرڙي کان ٻاهر نه ته زنده رهي سگهن ٿا ۽ نه واڌ ويجه ڪري سگهن ٿا. انهن خوردبيني جاندارن ۾ جنسي يا غير جنسي پيدائشي عمل نه ٿيندو آهي. انهن جي واڌ ويجه نقلياتي عمل مان ٿيندي آهي. پنهنجي پروٽين ٺاهڻ لاءِ وائرس ميزبان گهرڙي جا اينزائيم استعمال ڪندو آهي. وائرس جي پيچده نسلن ۾ لڳ ڀڳ 200 جينز هوندا آهن.

وائرس جا ٻه قسم ٿين، هڪڙا خطرناڪ ٿيندا آهن جيڪي ميزبان گهرڙي کي ئي ختم ڪريو ڇڏين جنهن ۾ اهي پاڻ پلجي رهيا هوندا آهن. ٻيا ٽيمپريٽ هوندا آهن، اهي پنهنجي ميزبان جي جينوم يا وراثتي مواد سان گڏ رهي وڏي عرصي تائين خاموشيءَ واري حالت ۾ گذاريندا آهن.

وائرس جي ڪيميائي بناوت[سنواريو]

وائرس بناوت ۾ ننڍا، گول يا گولف بال جيان، لٺ دار يا ٽيڊپولز ۽ گهڻ پاساوان ٿيندا آهن. انهن جو نيوڪليئڪ ايسڊ هڪ يا وڌيڪ ڊي اين اي يا آر اين اي جي ماليڪيولن جو ٺهيل هوندو آهي. سڀ کان ننڍو وائرس 4 جينز ۽ سڀ کان وڏو وائرس سوين جينز تي مشتمل ٿي سگهي ٿو. وائرس جين gene جي درجن تي مشتمل آهي جيڪي RNA &DNA جا ٺهيل آهن ننڍي ۾ ننڍو وائرس چئن جينن four genes تي مشتمل آهن جڏهن ته وڏي ۾ وڏا سوين جينز تي مشتمل آهن. وائرسي جينوم هڪ پروٽيني ته سان بند هوندو آهي ان کي capasid چئجي ٿو . ياد رهي ته ڪئپسڊ مختلف شڪلين جا ٿين ٿا اهي ڪئپسڊ پروٽين جي اڪائي capsomeres جا ٺهيل هوندا آهن.

وائرس جي ورهاست[سنواريو]

سائنس ۾ ڪنهن شي يا جاندار جي درجي بندي ڪنهن خاص بنيادي فرق جي ڪري ڪيو ويندو آهي وائرسن کي مارفالاجي ۽ RNA جي بنياد تي ورهايو ويو آهي.

وائرس جا هيٺيان قسم آهن:

  • نباتياتي وائرس
  • حيوانياتي وائرس
  • بيڪٽريائي وائرس

وائرس ـ جاندر يا غير جاندار[سنواريو]

هيٺ ڏنل خاصيتن جي بنياد تي وائرس کي جاندار سمجهيو ويندو آهي

ڊي اين اي ۽ آر اين اي جو هجڻ

وائرس ۾ پيدائشي عمل ٿيندو آهي جنهن کي نقلياتي يا رپليڪيشن سڏبو آهي

ڪيترن ئي وائرس ۾ جينياتي تبديلي يا ميوٽيشن جو عمل

وائرس ۾ جينياتي ميلاپ وغيره

خارجي ڳنڍڻا ۽ حوالا[سنواريو]

  • سائنس جي دنيا، وائرس ڇا آهي، ليکڪ؛ نظام الدين اوليويا