مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

جيو گھرڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جيو گھرڙو

Onion (Allium cepa) root cells in different phases of the cell cycle (drawn by E. B. Wilson, 1900)

A eukaryotic cell (left) and prokaryotic cell (right)
سڃاڻپ ڪندڙ
ھسٽالاجي جا محاورا سانچو:Str mid.html H1.00.01.0.00001
ائناٽامي جو بنيادي ماڊل 686465
ائناٽامي جا محاورا
جانورن جي جيو گھرڙي جي بناوٽ

جيو گھرڙو يا سيل (Cell) انگريزي لفظ سيل لاطيني ٻوليءَ جي لفظ سيلا cella مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي ننڍڙو ڪمرو.[1] اھو ھڪ ھر جاندار جو ھڪ بنيادي جسم رکندڙ ،ڪم وارو حياتياتي ايڪو ھوندو آھي. ان کي زندگيءَ جو سڀ کان ننڍڙو يونٽ چوندا آهن. انھن کي زندگيءَ جي عمارت جي ھڪ سر بہ چوندا آهن.جيو گھرڙي ۾ سائٽوپلازم ھوندو آھي جيڪو ھڪ جھلي يا ميمبرين ۾ ھوندو آھي جن ۾ بايو مالڪيول ھوندا آھن جن ۾ پروٽين ۽ نيوڪلڪ ائسڊ شامل ھوندا آھن.[2]جيو گھرڙو سائنسدان رابرٽ ھوڪ 1665 ۾ دريافت ڪيو. ڌرتيء تي زندگيءَ جي شروعات بہ جيو گهرڙي سان ٿي. اهو جيوگهرڙو، جيڪو زندگيءَ جو بنيادي ايڪو ۽ جاندار آهي، اڳتي هلي خود رو (Autotrophic) جاندار بڻجي ويو، جنهن سج جي روشنيءَ مان پنهنجو کاڌو تيار ڪرڻ شروع ڪيو. سج جي روشنيءَ مان کاڌي تيار ڪرڻ واري روشنائي ترڪيب (Photosynthesis) واري عمل ۾ گهڻي انداز ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ٿيندي ۽ آڪسيجن خارج ٿيندي آهي، جنهنڪري ان عمل جاندارن لاءِ جياپي جا رستا کولي ڇڏيا. زندگيءَ جي ارتقائي عمل ۾ وڌيڪ تيزي تڏهن آئي، جڏهن ڪجهه جاندارن/جيوگهرڙن جنسي پيدائش جو سلسلو شروع ڪيو، پاليئوزاڪ دور ۾ ئي سمنڊن، مڇين، وڻن، ٻيلن ۽ ڪوئلي جو وجود پيو. لکين سال گذرڻ کان پوءِ ڌرتيءَ جي گولي تي ميووزائڪ دور آيو، جنهن ۾ريڙهيون پائيندڙ جانور، ڊائنوسار ۽ وڏا اُڏامندڙ پکي منظر عام تي آيا، اهي جاندار زندگيءَ جي ارتقائي مرحلن ۽ حياتيات جي اصولن مان گذري، عروج تي رسيا هئا. لکن سالن جي ان دور کان پوءِ ڪينوزاڪ دور شروع ٿيو، جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل هو، هن دور جو هڪ حصو ’ٽيٽائيري‘ هو، جنهن ۾ نوان ٻوٽا ۽ کير پياريندڙ جانور نمودار ٿيا، ۽ ٻئي حصي ’ڪواٽرنري دور‘ ۾ جيوگهرڙي هڪ نئين ارتقا ڪري، ماڻهوءَ جي غير واضح شڪل اختيار ڪئي. زندگيءَ جي ابتدا کان وٺي علم حياتيات ارتقا جو سفر شروع ڪيو. قديم انسان کان وٺي هاڻوڪي جديد ۽ سُلجهيل انسان، علم حياتيات تي پنهنجا مفروضا مڙهڻ ۽ مشاهدا ڪرڻ شروع ڪيا. وقت گذرڻ سان هن علم ۾ واڌارو ۽ ترقي ٿي، جنهن انساني بقا ۽ بهبود لاءِ تمام گهڻي ڄاڻ مهيا ڪئي.

جيو گھرڙي جو مرڪز nucleus[سنواريو]

اھو گھرڙي جي اندر ھڪ اھم بناوٽ ھوندو آھي جيڪا سڀني ڪمن تي ڪنٽرول ڪري ٿي. مرڪز گول يا مستقل شڪل جو ٿئي ٿو ۽ حيواني گھرڙن ۾ عام طور تي وچ ۾ ۽ نباتاتي گھرڙن ۾ ھڪ وڏي خول جي موجودگيءَ جي سبب گھرڙي جي جھلي membarane جي ويجھو ٿئي ٿو. جيو گھرڙي جو مرڪز 1831 ۾ رابرٽ برائون دريافت ڪيو. نيوڪلوپلازما ۾ مرڪز ٻچو nucleoles ھوندو آھي جيڪو ڌاڳن جو ٺھيل ڄار ٿئي ٿو، جيڪو ڪروميٽين ڄاري (chromatin network) سڏبو آهي.جنھن ۾ ڌاڳن جھڙيون بناوٽون ٿين ٿيون.ھي ٻٽي مرڪزي جھلي ۾ ڍڪيل ھوندو آھي جنھن کي نيوڪليئر ميمبرين nuclear memberane چون ٿا.ھن جھلي ۾ بيشمار سوراخ ٿين ٿا، جيڪي نيوڪليئر پورز (nuclear pores) سڏبا آهن.انھن ۾ ھڪ گھاٽو مادو ڀريل ھوندو آھي جيڪو نيوڪلوپلازما (nucleoplasma) سڏبو آهي.ڪروميٽين ڄاري جا ڌاڳا ڪروموسوم سڏبا آهن جيڪي ڊي.اين.اي.جا ٺھيل ھوندا آھن ۽ مورثي خاصيتون رکندڙ ٿين ٿا ۽ گھرڙي جي ڪمن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ھلائڻ جو اھم ڪم انجام ڏين ٿا.[3].

جيو گھرڙن جي ڀت[سنواريو]

ھيء حيواني گھرڙي ۾ موجود نه ھوندي آھي.اھا نباتاتي گھرڙي، بيڪٽيريا ۽ فنگاء جي گھرڙي جي سڀ کان ٻاھرين بي جان حد ھوندي آھي.اھا سيليلوز جي tissues سان ٺھيل ھوندي آھي جيڪي ڪيلشيم پيڪٽيٽ سان ڳنڍيل ھوندا آھن. بيڪٽريائي گھرڙي جي ڀت پروٽين ۽ ڪاربوھائيڊريٽس سان ٺھي ٿي .فنگاء جي ڀت فنگاء سيليلوز ۽ ڪائتن جي ٺھيل ھوندي آھي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. "Cell". Online Etymology Dictionary. حاصل ڪيل 31 December 2012. 
  2. {Cell Movements and the Shaping of the Vertebrate Body in Chapter 21 of Molecular Biology of the Cell fourth edition, edited by Bruce Alberts (2002) published by Garland Science}
  3. 3.0 3.1 {بائيولاجي؛ ليکڪ: ڪامران ڀٽي؛ڇپائيندڙ:حسنين پبلشرز حيدرآباد.ايڊيشن:2016 }