بحث:حسام الدين راشدي

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪنھن بھ شخصيت تي مضمون لکڻ کان پھرين ھڪ ڀيرو انگريزي وڪيپيڊيا تي لکيل مضمون پڙھي وٺڻ بھتر رھي ٿو. ڪيترين سنڌي شخصيتن جا خاڪا پڻ انگريزي وڪيپيڊيا تي موجود آھي. ھڪ خاص ڳالھھ جيڪا ڌيان ۾ رکڻ گھرجي سا اھا تھ سنڌي وڪيپيڊيا تي لکيل مضمون گھٽ ۾ گھٽ سنڌين لاءِ وڌ کان وڌ غير جانبدار ھجي ۽ شخصيت جا سمورا مثبت توڙي منفي پاسا نمايان ڪيا وڃن. تنھن کان سواءِ ڪنھن بھ عقيدت جي اظھار کان پاسو ڪيو وڃي ۽ سائين، صاحب، پير، يا ڪي ٻيا لقب استعمال ڪرڻ کان پڻ پاسو ڪيو وڃي، جن سان ڪا عقيدت يا اعتقاد جو اظھار ٿيندو ھجي.

‌‌Aursani 15:50, 5 آڪٽوبر 2006 (UTC)

منهنجي عقيدت هر ان ماڻهو سان آهي جنهن سنڌ جي خدمت ڪئي آهي. بهرحال هتي مون ڪنهن به عقيدت جو اظهار نه ڪيو آهي ڳالهه رڳو ايتري آهي ته راشدي صاحب جي نالي کي عام طور حوالن ۾ پير لفظ سميت لکيو ويندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي پير لفظ يا حسام الدين راشدي سان ذاتي بغض آهي ته ڇا ٿو ڪري سگهجي! Alixafar 19:37, 5 آڪٽوبر 2006 (UTC)

لقبن ۽ ٻين اعتقادي لفظن جو استعمال[سنواريو]

ڪنھن ماڻھوءَ کي مليل لقبن جو ذڪر ڪري سگھجي ٿو ۽ صرف ذڪر. پر ان ماڻھوءَ لاءِ لقبن سان مخاطب نھ ٿو ٿي سگھجي. مثال طور، اسان پنھنجي نبي سڳوري جي نالي محمد پويان صلي اللھ علي وسلم وغيرھ لکندا آھيون. پر انسائيڪلوپيڊيا ۾ جيڪڏھن غير جانبداريءَ کي سامھون رکجي تھ اھڙن سمورن لفظن جي استعمال کان پاسو ڪرڻو پوندو جيڪي ذاتي پسند، ناپسند ۽ اعتقاد کي ظاھر ڪندا ھجن. وڌيڪ رھنمائيءَ لاءِ انگريزي وڪيپيڊيا کي پڙھي سگھجي. ٿو ۽ اتي جوڙيل قدرن کي سمجھي سگھجي ٿو. لغاري صحب اوھان پنھنجي ذھن کي صف رکندا ڪريو. مون کي راشدي صاحب سان ڪو بھ بغض ناھي. مون جي ايم سيد ڏانھن بھ اشارو ڪيو آھي تھ اتي لفظ سائين جو استعمال نھ ڪرڻ گھرجي ۽ مون صبغت اللھ شاھھ ڏانھن بھ اشارو ڪيو آھي جتي توھان بار بار لفظ پير جو استعمال ڪيو ھو. اھڙن لفظن جي استعمال کان پاسو ڪندا. ان کان سواءِ مون محمد علي جيڻا جو بھ ذڪر ڪيو آھي تھ ان جي نالي اڳيان بھ قائد اعظم ھڻڻ جي ڪا بھ ضرورت نھ آھي. سندس صفحي تي اھڙو ذڪر ڪري سگھجي ٿو تھ فلاڻن فردن يا تنظيمن کيس قائد اعظم جو لقب ڏنو ۽ کيس جناح ڪري لکيو.

Aursani 07:24, 6 آڪٽوبر 2006 (UTC)