ٽوڙهي ڦاٽڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

17-آڪٽوبر سنڌ جي تاريخ جو اهو ڏهاڙو آهي، جنھن سڄي سنڌ کي سياسي طرح لوڏي ڇڏيو هو. جنهن ۾ شاگردن کي محافظ اداري جي جوانن گويون ھڻي شھيد ڪيو ۽ ڪيترن کي جيل ۾ وڌو، خاص ڪري سنڌ ۾ شاگرد سياست ۾ 4 مارچ کانپوءِ 17 آڪٽوبر جو ڏهاڙو ڏاڍي اهم حيثيت رهي ٿو. باشعور قوم پنھنجي شھيدن جا ڏهاڙا ملهائي پنھنجي سجاڳيءَ جو ثبوت ڏينديون آهن. ڏهاڙا ملھائڻ جا مکيه ٻه مقصد هوندا آهن، هڪ سبب اهو هوندو آهي ته ان جدوجھد، تحريڪ، واقعي ۽ ان ۾ شامل ڪردارن کي مڃتا ڏجي ته جيئن ايندڙ نسل ان مان اتساهه وٺي، جيئن تاريخ ۾ اهڙي قسم جو ٻيهر ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي. ٻيو سبب ان تحريڪ جدوجھد ۽ ان جي خوبين توڙي خامين کي اڳيان رکي مستقبل جي رٿابندي ڪري نيون حڪمت عمليون ٺاهجن، پر هتي اسان وٽ روايتي انداز ۾ ڏهاڙا ملهائي واهه واهه ڪري ٻه ٽي لڙڪ وهائي ماتم ڪري گهر ويهي وڃي آرام ڪجي ۽ بس، نتيجي ۾ سنڌ ۽ قومي فڪر توڙي قومي تحريڪ مثبت رخ اختيار ڪرڻ بجاءِ روايتي انداز ۾ لفاظي ۽ ماضيءَ تي فخر ڪرڻ تائين محدود ٿي وئي آهي.

17-آڪٽوبر واقعي جو پس منظر[سنواريو]

17 آڪٽوبر 1984ع اهو ڏينھن آهي، جنھن ڏينھن شاگردن پنھنجي زندگيءَ جو ٻليدان ڏئي سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو، هي اهو دؤر آهي جو سنڌ ۾ ايم آر ڊي توڙي مڙني مڪتبِ فڪر سان لاڳاپو رکندڙ ڌريون عملي طور تي ويڙهاند ۾ رڌل هيون. هر تحريڪ ۾ شاگردن نمايان ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. خاص ڪري جيئي سنڌ جي سموري قيادت، اڳواڻي شاگردن وٽ هئي. ان ڪري قومي تحريڪ ۾ شآگردن جو نئون جوش جذبو ۽ قومي فڪر سان سرشار قافلو جڏهن سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جا 150 شاگرد بسن ۾ سوار ٿي 3.00 وڳي منجهند ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ پهتا ته ڦاٽڪ بند هيو. سول ڊريس ۾ قانون نافذ ڪندڙ اداري جي سربراهه قافلي کي انڊس هاءِ وي کان هيٺ لهڻ لاءِ جيئن ئي حڪم ڪيو ته ريلوي بند جي چؤطرف لڪل قانون نافذ ڪندڙ اداري جي هٿياربندن هٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا. 5 ڄڻن جي شھيد ٿيڻ کانپوءِ باقي ٻين زخمين کي بڪتر بند گاڏين ۾ کڻي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند ڪيو ويو،

اچڻ جو مقصد[سنواريو]

شاگرد، 17 آڪٽوبر تي پنھنجين اکين ۾ ”مھين جي دڙي“ جي بچاءَ جا خواب کڻي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ”موئن جو دڙو بچايو“ سيمينار ۾ شرڪت لاءِ روانا ٿيا هيا، ڇاڪاڻ ته انھن باشعور شاگردن ڄاتو ٿي ته مهين جو دڙو سنڌ جي عظمت جو تاريخي دستاويز آهي جنھن جو تحفظ ڪرڻ معنى سنڌ جو تحفظ ڪرڻ آهي. ڇو ته قومون پنھنجي ماضي جي تجربن، مشاهدن ۽ قومي ورثن کي سامھون رکي پنھنجي مستقبل جي اڏاوت ڪنديون آهن.

عوام جو ڪردار[سنواريو]

عوام سرڪاري پروپئگنڊا جو شڪار ٿيڻ بدران سڌيءَ طرح سان شاگردن ڏانھن پنھنجون سڀ محبتون لاڳاپي ڇڏيون. اهو ئي سبب آهي جو سڄي سنڌ ڪيترائي ڏينھن ان سوڳ ۾ ورتل نظر آئي ۽ عوام روڊن، رستن، تي احتجاج لاءِ بڻجي نڪري آيو ۽ مرشلا اختيارين جي ڀرپور مزاحمت ڪئي. سڄي سنڌي قوم هن غم، غصي ۽ سوڳ ۾ گڏجي ٻڌي ڏيکاري، جنھن جو سنڌ جي تاريخ ۾ مثال گهٽ ئي ملي ٿو.

17 آڪٽوبر جا شهيد[سنواريو]

  • 1- شھيد عبدالمالڪ خشڪ

هن ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙا ٻاري جي ڳوٺ درويش ۾ جنم ورتو، سندس پيءُ جو نالو محمد عيسا خشڪ هو. ذهانت جي لحاظ سان سندس هاڪ شروعاتي تعليم کان ملي ٿي، هن پنجين درجي ۾ ذهانت جو امتحان ٺٽي ضلعي ۾ پھريون نمبر کڻي پاس ڪيو ۽ ان کانپوءِ ميٽرڪ توڙي انٽر ۾ اي گريڊ کڻي پاس ٿيو ۽ ان کانپوءِ مھراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جو ميمبر ٿيو، جتي هن جون سياسي سرگرميون عروج تي پھچي ويون. اهو ئي ڪارڻ هو جو سياسي سرگرمين سبب هڪ دفعو ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، تنھن هوندي به هن جي سنڌ لاءِ جذبي، محبت ۾ ذرڙي به گهٽتائي نه آئي.


  • 2- شهيد ذڪريا ميمڻ

ذڪريا ميمڻ مھراڻ يونيورسٽي جو شاگرد هيو، هن جو جنم 7 فيبروري 1962ع تي ٺٽي ضلعي جي دڙي شھر ۾ ٿيو، نائين درجي تائين ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪيائين، ڏهين درجي ۾ بٺورو هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، انٽر ۾ بھترين پوزيشن حاصل ڪرڻ کانپوءِ مھراڻ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو، جتي جساف جو سرگرم اڳواڻ رهيو. سياسي سرگرمين سبب کيس هڪ دفعو ريسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو، پر پوءِ اهو آرڊر 1983ع ۾ واپس ورتو ويو، تنھن باوجود هن جون تعيلمي سياسي سرگرميون جيئن جو تيئن جاري رهيون.


  • 3- شهيد انور علي عباسي

شهيد انور علي عباسي جو لاڳاپو ڳوٺ پکي تعلقي قمبر سان هو، سندس جنم 12 آگسٽ 1962ع تي سندس والد علي محمد عباسي جي گهر ۾ ٿيو، پرائمري جي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾، ڇهين کان ڏهين درجي تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ ۾، تعليم حاصل ڪيائين. ٻارهين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان ڪيائين. 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس شعبي ۾ داخلا ورتائين. شھادت وقت فائنل يـيئر جو شاگرد هيو. 17 آڪٽوبر تي گولين لڳڻ ڪري سندس سڄو منھن ۽ جسم چچرجي ويو هو، جنھن سبب سندس سڃاڻپ ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هئي. اهو ئي سبب هيو جو کيس لاوارث ڄاڻائي واپڊا ڪالونيءَ ڄامشورو ۾ دفن ڪيو ويو.


  • 4- شهيد امان الله وسطڙو

نوشھروفيروز ڳوٺ مچر ۾ حزب الله وسطڙو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شهيد امان الله وسطڙي پرائمري تعليم موري ۾، سيڪنڊري تعليم شھدادڪوٽ مان حاصل ڪري سنڌ يونيورسٽي جي جيالاجي جي شعبي ۾ داخلا ورتائين. جساف جو ميمبر ٿيڻ کانپوءِ هن سياسي سرگرميون شروع ڪيون. هن جي جذبي جو انداز سندس هن آخري آٽوگراف مان لڳائي سگهجي ٿو، جنھن ۾ هن لکيو آهي ته،”منھنجي آخري اِڇا آهي ته سنڌ جي آزاديءَ جي جنگ ۾ شھادت ماڻيان.“


  • 5- مٺو بليدي

مٺو بليدي سنڌ يونيورسٽي جو چوڪيدار هو. هن جي مزار ڄامشوري ريلوي اسٽيسن جي ويجهو آهي. 17 آڪٽوبر جي شھيدن ۾ مٺو بليدي جو ڪردار سڀ کان اهم هيو. ڇاڪاڻ ته هو سرڪاري ملازم هوندي به ڌرتيءَ جي محبت هن جي نس نس ۾ سمايل هئي ۽ آخري دم تائين ڌرتيءَ جي آجپي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهيو. يونيورسٽي ۾ سمورا شاگرد اڳواڻ توڙي ڪارڪن سندس سحر ۾ هوندا هئا. سرڪار جڏهن به ڪا شاگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ايندي هئي تڏهن هي هڪدم اها خبر شاگردن تائين پھچائيندو هو، جنھن سبب ڪيترائي دفعا شاگرد ڳري نقصان کان بچي ويا. [1] [2]


حوالا[سنواريو]

  1. سياست، تاريخ ۽ ڪردار (عيسى ميمڻ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-18 
  2. ڪتاب: سياست، تاريخ ۽ ڪردار

مڪانيت: 25°51′19″N 68°15′24″E / 25.85528°N 68.25667°E / 25.85528; 68.25667