4 مارچ شاگرد جدوجهد
4 مارچ شاگرد جدوجهد يا 4 مارچ تي سنڌ يونورسٽي جي شاگردن پاران هلايل تحريڪ جو ڏينهن جنهن ۾ شاگردن تي پوليس ذريعي حملو ڪرايو ويو. جنرل ايوب خان پنهنجي حمايتي مسرور حسن کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻائڻ ٿي چاهيو ۽ بنا ڪنهن سبب ڄاڻائڻ جي ان وقت جي سنڌ يونيورسٽي وائس چانسلر ۽ ناميارو قانوندان حسن علي عبدالرحمان کي وائيس چانسلر جي عهدي تان هٽائڻ ٿي چاهيو. انهيءَ ڪاموري کي وائيس چانسلر بنائڻ ٿي چاهيو جنهن جو علمي ۽ تدريسي پسمنظر نه هو، جنرل ايوب يونيورسٽي ۾ مداخلت سبب سنڌ دوست خيال وارا ماڻهو ان ڳالھ تي ڪاوڙ جي پيا ۽ اهي يونيورسٽي جي ڄامشورو ڪئمپس کان بسن ۾ سورا ٿي حيدرآباد اچي پُرامن احتجاج ڪرڻ لاءِ آيا پئي. بسون جيئن ئي ڄامشوري واري بئراج کان ٿي اڳتي آيون ته انهن کي روڪيو ويو، ۽ پوليس پاران شاگردن تي پهريان لٺ بازي ڪئي وئي ۽ آنسو گئس استعمال ڪئي وئي نيٺ هوائي فائرنگ به ڪئي، نتيجي ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ ٻه سئو کان وڌيڪ گرفتار ٿيا.[1] [2]
4 مارچ جو ڏهاڙو سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي جدوجهد جي ياد طور ملهايو ويندو آهي، ڇو ته 4 مارچ شاگرد جدوجھد جي عروج جو زمانو هيو، هن دؤر ۾ شاگرد سياست سنڌ جي مڙني طبقن تي پنھنجا اثر ڇڏيا هيا، جڏهن سنڌ لکڻ ۽ سنڌي پڙهائڻ تي روڪ ۽ ون يونٽ سبب سنڌ مڪمل طور تي پنجاب جي بيٺڪيت ٿي وئي ته شاگردن پنھنجي حق جو علم بلند ڪيو، پنھنجي جدوجھد جو نعرو حيدرآباد جي ڪمشنر کي هٽايو هڻي شاگردن زبردست تحريڪ هلائي. ڪمشنر حيدرآباد خلاف هلايل تحريڪ سنڌ جي قومي تحريڪ جو اهڃاڻ ٿي وئي. پوليس، 4 مارچ 1967ع ۾ حيدرآباد جي شاگردن جي احتجاج تي ڪڙڪي پئي. ڪيترائي شاگرد ٽارچر سيلن ۾ واڙيا ويا. شاگردن جي انھن قربانين جو نتيجو هو جو ون يونٽ جھڙو قهري ڪوٽ ڪِري پيو، هي شاگرد سياست ئي هئي، جنھن سنڌ ۾ قومي تحريڪ کي سگهه بخشي ۽ اتساهه ڏنو ۽ سڄي قوم کي قومي ڌارا ۾ گڏ ڪري بيھاريو. اهو ئي سبب آهي جو جي ايم سيد شاگردن جي جاکوڙ ۽ قرباني جي جذبي کان متاثر ٿي آزاد سنڌ جو بار شاگردن تي رکيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آزادي جي نعري کانپوءِ پھرين تقرير ۾ واضح چيو ته،”مان سنڌ جي وڏيرن، پيرن، جاگيردارن کي آزمائي چڪو آهيان، مون کي سنڌ جي آزادي ۽ آجپي جي واهه ڪٿي نظر نه آئي. ان ڪري مان سنڌ جو ڪيس اوهان شاگردن اڳيان کڻي آيو آهيان.“ جي ايم سيد، تاريخ جي وڏن تجربن مشاهدن کانپوءِ ان نتيجي تي پھتو ته سنڌ جي وارثي ۽ مالڪي جيڪڏهن ڪير ڪري سگهن ٿا ته اهي نوجوان ۽ شاگرد ئي آهن. ان کانپوءِ اهو ٿيو ته سنڌ جي نوجوانن ۽ شاگردن نه رڳو تاريخ جي ڦيٿي کي اڳتي وڌايو پر ان تاريخي عمل کي نوان گس ۽ موڙ به ڏنا. [3] [4]
سنڌي قوم پرستي ۾ تيزي ۽ جساف جو بنياد
[سنواريو]اتان ئي سنڌي قوم پرستي سان گڏ جساف جو پڻ بنياد پيو
حوالا
[سنواريو]- ↑ Bhutto, Adeel. "4 مارچ سنڌ جي حقن واري تحريڪ". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-03-04.
- ↑ sindh. "سنڌ کي موجوده بحران مان ڪڍڻ لاءِ 4 مارچ جهڙي تاريخ ساز جدوجهد جي ضرورت آهي: اڳواڻ | Daily Sindh Hyderabad". حاصل ڪيل 2019-03-04.
- ↑ سياست، تاريخ ۽ ڪردار (عيسى ميمڻ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-18
- ↑ ڪتاب: سياست، تاريخ ۽ ڪردار