جهانسي جي راڻي

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لڪشميٻائي Lakshmibai
جهانسي جي مهاراڻي

جهانسي جي راڻي لڪشمي ٻائي جي تصوير، جنهن ۾ هن کي گهوڙي سوارَ جو لباس پهريل اٿس
جهانسي جي مهاراڻي
نومبر 21، 1853-کان 10 مارچ 1854 وري ٻيهر 4 جون 1857 -کان 4يا/5 اپريل 1858
پيشرو گنگاڌر رائو
جانشين (بادشاھي ختم ڪئي وئي)
برطانوي راڄ
جيون ساٿي گنگاڌر رائو نيوالڪر (ش. 1842; died 1853)
نسل Damodar Rao
آنند رائو (هنج ورتل)
شاھي گھراڻو نيوالڪر (شادي جي لحاظ کان)
پيءُ موروپنت تامبي
ماءُ ڀاڳراٿي ساپري
جنم مانيڪرنيڪا تمبي
19 نومبر 1828(1828-11-19)
بيناريس, ڪاشي-بنارس جي بادشاهي (اڄڪلهه واراناسي، اتر پرديش، ڀارت)
لاڏاڻو جُون 18، 1858 (ڄمار 29 سال)
Kotah-ki-Serai, گواليار, گواليار رياست, برطانوي راڄ، برطانوي هندستان (اڄڪلهه مڌيا پرديش، انڊيا)
تدفين ڦول باغ، گواليار، مڌيا پرديش، هندستان

جهانسي جي راڻي يا ، راڻي لڪشمي ٻائي، (انگريزي ٻولي: Rani_of_Jhansi) (نومبر 19, 1828 -کان 18 جون 1858)[1][2] جنهن جو نالو لڪشمي ٻائي هيو. سا اُتر انڊيا، پرنسلي رياست جهانسي رياست، هاڻي جهانسي ضلعو، اتر پرديش ۾) جي راڻي هئي.[3] راڻي لڪشمي ٻائي 19 نومبر 1828ع تي پيدا ٿي هئي[4] ۽ 18 جون 1858ع تي وفات ڪري وئي. هن جنگ آزادي هند 1857 ۾ ڀرپور ڪردار نڀائيندڙ اڳواڻن منجهان هِڪَ هئي، جنهن هندستان کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ ۾ زبردست ڪردار نڀايو.

شروعاتي زندگي[سنواريو]

راڻي لڪشمي ٻائي جو هڪ ننڍڙو تصويري پورٽريٽ

پيدائش[سنواريو]

جهانسي جي راڻي لڪشمي ٻائي اَٽڪل 19 نومبر 1828 تي[5][4][6] وارانسي ۾ هڪ هندو براهمڻ جي گهر ۾ ڄائي هئي. سندس پيءُ جو نالو موروپنت ۽ ماءُ جو نالو ڀاگيرتي هيو. سندس پيءُ شروع ۾ بٺور رياست جي راجا لاءِ ڪم ڪندو هيو، پر بٺور جي راجا پنهنجي سڳي ڌيءُ کان بہ وڌيڪ لڪشمي ٻائيءَ جي پالنا ڪئي.

ونهانءُ ۽ پرڻو[سنواريو]

هن جي شادي 1842 ۾ جهانسي جي راجا گنگاڌر رائو نوالڪر سان ٿي. ان مهل راڻيءَ جي عمر سڦا گهٽ 13 سال هئي. جيستائين هن کي منيڪنيڪا ۽ منو سڏيو ويندو هيو پر ونهانءَ ٿيڻ کانپوءِ لڪشمي ٻائي جي نالي سان سڏيو ويو. هن جو هڪ پُٽ دامودر کيس ڄميو پر انگريزن جي چال سان انکي نانگ ڏنگي ورتو اهو ننڍڙو شهزادو مري ويو، تنهنکانپوءِ هن پنهنجي ڀاڻيجو انند رائو کي پٽ طور پاليو ۽ سندس ڀيڻ انند کي پنهنجي موت کان اڳ راڻي لڪشمي کي سونپيو. انکانپوءِ راڻي جيئن تہ هر وقت پُٽ جي ياد ۾ هوندي هئي انڪري آنند جو نالو دامودار رکي ڇڏيائين ۽ ان کي پنهنجو سَڳو پُٽ طور اعلان ڪيائين.

مهاراج گنگا کي پنهنجي پائٽيئي علي بهادر قتل ڪيو، جيڪو جهانسي جي تخت تي ويهڻ چاهي پيو .پر ان کان پوءِ راڻي تخت تي اهڙو زبردست قبضو ڪيو، نہ ئي علي بهادر ۽ نڪي ٻين دعويدارن کي تخت ڏنو ۽ نہ ئي انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ڏنو، پر پاڻ راڻي بڻجي تخت تي ويهي راڄ هلائڻ لڳي.

آزادي جي جنگِ 1857ع[سنواريو]

شروعات[سنواريو]

The Rani of Jhansi's seal

جيئن تہ آزادي جي جنگ ۾ ڪيترن ئي رياستن حصو ورتو هيو، جن ۾ هڪ مغل سلطنت طرفان بهادر شاهہ ظفر ۽ ٻئي طرف جهانسي جي راڻي لڪشمي ٻائي. جهانسي جي راڻي شروعاتي کان ئي هڪ همٿ واري ناري هئي ۽ انگريزن سامهون کين مُنجهائي ويندي هئي. ڪنهن هندستاني تي انياءُ (ظلم) نہ سهي سگهندي هئي ۽ جيڪڏهن انگريز هندستاني تي ظلم ڪندو هيو تہ انکي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيندي هئي.

آزادي جي تحريڪ مئي ۽ جولاءِ 1857 ۾ ميرٺ کان شروع ٿي. اصل ۾ ان تحريڪ کي ان مهل طاقت ملي جڏهن انگريزن جي فوج ۾ گهڻائي هندستاني ماڻهو موجود هيا ۽ انهن ڳئون ۽ سُوئر (خنزير) جي چرٻي وارو ڪاتوس استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جن ۾ ان وقت انگريزن جي فوج ۾ جيئن تہ هندستاني هندو ۽ مسلمان شامل هيا تنهنڪري مسلمان انڪري انڪار ڪيو تہ اُهي سوئر (خنزير) کي ملعون سمجهندا آهن ۽ هندن انڪري انڪار ڪيو تہ ڳئونءَ کي ڀاڳڀري (برڪت واري) سمجهندا آهن، تنهنڪري ٻنهين جي لاءِ جائز نہ هيو تہ هو ڪارتوس استعمال ڪن.

راڻيءَ جو ردِ عمل[سنواريو]

محلات تي انگريزن جي هلان ڪرڻ کانپوءِ هي اهو اوچو مقام جتان کان جهانسي جي راڻي پنهنجي پُٽ انند کي چيلهہ سان ٻڌل گهوڙي بادل تي جهانسي جي محل کان هيٺ ٽپُ لڳايو.[7]

روايت موجب جڏهن راڻي قلعي کان پنهنجي گهوڙي بادل تي چڙهي ٽپو ڏنو ته راڻي جي پُٺيءَ تي ننڍڙو دامودر رائو هيو. اهي ٻئي بچي ويا پر سندن گهوڙو مري ويو.[8] رات جي مهل راڻي پنهنجي پُٽ سميت مُحافظن جي چئوگرد حفاظتي گهيري ۾ کسڪي وئي هئي.[9]

جڏهن فرنگين حملو ڪيو تہ ان ۾ ڪيترائي مشهور واقعا پيش آيا. راڻي لڪشمي ٻائي ان وقت انگريزن جو مقابلو ڪيو. ڪُجھ ڏينهن هي حملو هلندو رهيو. انکانپوءِ رائو دلهاجو نالي سان راڻي لڪشمي جو هڪ وزير هيو، تنهن کي راڻي هڪ ڀيري (قلعي جو وڏو دروازو (گيٽ)) تي بيهاريو ۽ کيس اها ذميداري ڏني تہ ان دروزري جي جي حفاطت ڪري، پر هن نمڪ حرامي ڪندي انگريزن جو ساٿ ڏنو. ان دروازي جي ويجهو حفاظت لاءِ بيٺل سمورن فوجين کي قلعي جي ٻئي طرف موڪليو ۽ دروازو انگريزن جي لاءِ کولڻ لڳو ان وقت راڻي جي هڪ وفادار ۽ ننڍپڻ جي ٻانهي ڪاشي کيس دروازو کولڻ کان جهليو تہ انکي بہ هن قتل ڪري ڇڏيو. جهانسي جي راڻي کي پروڙ پئي تہ هوءَ تُرت ئي ان دروازي ڏانهن ڀڳي انگريزن کي روڪڻ لاءِ پر تيسيتائين انگريز قعلي جي اندر داخل ٿي چُڪا هيا، راڻي جي فوج انگريزن جو مقابلو ڪيو پر انگريزي فوج، راڻي جي فوج کان ويهہ ڀيرا وڌيڪ هئي، انهيءَ صورتحال ۾ راڻيءَ وٽ ڀڄي نڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪابہ راهہ نہ بچي سگهي ۽ مجبوريءَ ۾ راڻي محل کان وڃڻ لڳي. ان وقت انگريزن هن کي چئوپاسي کان گهيري ۾ ورتو هيو، پر راڻِي هڪ جانباز هئي هوءَ محل جي انتهائي اوچي مقام کان گهوڙي تي سوار ٿي ٽپو لڳايو ۽ ٻاهر ڀڄي نڪري وئي. (مٿي مقام جي تصوير کاٻي طرف موجود آهي)۔

انکانپوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ راڻي انگريزن تي هڪ زبردست حملو ڪيو ۽ جهانسي واپس ڇني ورتائين. پوءِ راڻي وستي واهڻ وڃي ماڻهن ۾ انگريزن خلاف تاءُ پکيڙيندي رهي[10][11] ۽ اهڙي ريت نيٺ جنگ آزاد هند 1857 شروع ٿي. جنهن ۾ راڻي ۽ سندس فوج ۽ ڪيترن ئي ٻين رياستن پڻ حصو ورتو.

وفات[سنواريو]

The storming of Jhansi - Lieutenant Bonus
جهانسي ڪوٽ، 1882

جڏهن آزادي جي جنگ لاءِ تحريڪ روان هئي تہ راڻي پڻ انگريزن سامهون ٿي مقابلو ڪيو، جنگ دوران انيڪ انگريزن کي موت جي گهاٽ لاٿائين. انکانپوءِ اوچتو ڪنهن فوجيءَ جنگ جي ميدان راڻيءَ تي تلوار سان وار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ زخمي ٿي پئي هوءَ ميدان کان هڪ بيابان جڳهہ وئي. جتي راڻيءَ هڪ ٻُڍڙي ماڻهو (بزرگ) کي ڏٺو ۽ ان کي چيائين تہ لڪشمي ٻائي کي ان طرح ساڙي تہ ان جو جسم موت کانپوءِ بہ انگريزن کي هٿ نہ اچي جيئن زندگي ۾ ڪڏهن بہ انگريزن کي هٿ نہ آيو. ان فقير راڻيءَ جي مرڻ کانپوءِ ان جو جسم کي اگني ڏني (ساڙيو) ۽ ڪنهن کي خبر بہ نہ پئي تہ راڻي جو جسم ڪيڏانهن ويو.

ائين ڪرڻ سان راڻي انگريزن کي هي نياپو ڏيڻ پئي چاهي تہ انگريز نہ تہ راڻي کي زندگي ۾ پڪڙي سگهيا ۽ نہ ئي موت کانپوءِ.

اهڙي ريت راڻي جي جاکوڙ سان هندستان ۾ آزادي جو جذبو اُڀريو، هندستان جي ماڻهن انگريزن کي هندستان ڇڏي وڃڻ لاءِ تحريڪون هلائڻ لڳا، انهي زماني دوران انگريزن ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو واري حڪمت عملي تحت ويندي ويندي 90 سال کانپوءِ مورڳو ملڪ جا ئي ٻہ ٽُڪر ڪري ٻہ رياستون پاڪستان ۽ ڀارت وجود ۾ آڻي ويا هليا. اڄ پڻ راڻي کي ڀارت ۾ هڪ قومي ناري (عورت) درجو حاصل آهي.

هن جي قبر گواليار جي علائقي ڦول باغ ۾ آهي. سندس موت کان ويهہ سال کانپوءِ ڪرنل ميلسن هندستاني بغاوت جي تاريخ ۾ لکيو هيو۔ جلد 3؛ لنڊن، 1878 'برطانوي انگريزن جي نظر ۾ سندس جيڪي بہ غلطيون ڇونہ هجن، سندس ملڪ جا ماڻهو ڪڏهن ياد رکندا تہ هوءَ بدسلوڪي جي سبب بغاوت تي اُڀري، ۽ هي تہ هوءَ پنهنجي ملڪ لاءِ زندهہ رهي ۽ مري وئي، هندستان جي لاءِ سندس تعاون کي اسان وساري نہ سگهنداسين".[12]

مسلماننن سان سُلوڪ[سنواريو]

راڻي طرفان مسلمانن سان سُٺو سُلوڪ ڪرڻ سميت محبت پڻ هُئي. راڻي مسلمان ۽ هندوئن کي برابر سمجندي هئي ۽ انهن کي هڪجهڙا برابر حَقَ ڏيندي هئي، اهوئي ڪارڻ هيو تہ مسلمانن جي دلين ۾ پڻ راڻيءَ هڪ مانُ مرتبو پيدا ڪيو. راڻي مسلمانن کي مسجدن وغيرهہ جي لاءِ زمين پڻ ڏيندي هئي.

ثقافتي نقاشي ۽ مجسما[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ميئر، ڪارل اي. & برائس، شرين بليئر (1999) Tournament of Shadows. Washington, DC: Counterpoint; p. 138--"The Rani of Jhansi ... known to history as Lakshmi Bai, she was possibly only twelve in 1842 when she married the .. Rajah of Jhansi ..."
  2. Though the day of the month is regarded as certain historians disagree about the year: among those suggested are 1827 and 1835.
  3. "Who is Manikarnika?". 
  4. 4.0 4.1 Copsey, Allen. "When was she born?". Lakshmibai, Rani of Jhansi. حاصل ڪيل 2014-06-28. 
  5. Meyer, Karl E. & Brysac, Shareen Blair (1999) Tournament of Shadows. Washington, DC: Counterpoint; p. 138--"The Rani of Jhansi ... known to history as Lakshmi Bai, she was possibly only fourteen in 1842 when she married the .. Rajah of Jhansi ..."
  6. The 177th anniversary of the Rani's birth according to the Hindu calendar was celebrated at Varanasi in November 2012: "Lakshmi Bai birth anniversary celebrated". Times of India (World News). 13 November 2012. http://article.wn.com/view/2012/11/13/Lakshmi_Bai_birth_anniversary_celebrated/. Retrieved 6 December 2012. 
  7. The English version of the notice reads: "Rani Jhansi jumped from this place on horseback with her adopted son"
  8. "Jhansi". Remarkable India. حاصل ڪيل 27 October 2012. 
  9. Rani of Jhansi, Rebel against will by Rainer Jerosch, published by Aakar Books 2007; chapters 5 and 6
  10. David E. Jones (March 2000). Women Warriors: A History. Potomac Books Incorporated. p. 46. ISBN 978-1-57488-206-3. https://books.google.com/books?id=AEF6t0wDRKQC. 
  11. Vishnubhat Godse Maja Pravas
  12. Edwardes Red Year: one of two quotations to begin pt. 5, ch. 1 (p. 111); History of the Indian Mutiny was begun by John Kaye but Malleson both rewrote parts of it and completed the work.

ٻاهِريان ڳنڍڻا[سنواريو]