صفعات سلبيه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صفات سلبيه توحيد جي قسمن ما هڪ قسم آهي جنهن ۾ اهڙيون صفتون جيڪي خدا جي لائق ڪو نه آهن.

شريڪ[سنواريو]

الله جي ذات ۾ ڪير به شريڪ ڪونهي اهو اڪيلو آهي.

مرڪب[سنواريو]

خدا جسم نٿو رکي نه وري اهو ڪنهن چيز سان ملي بنيو آهي.

متحرڪ[سنواريو]

الله گهر نٿو رکي مراد ته الله جي لاءِ هي الفاظ هر گز استعمال نه ٿين جيئن الله اچي ويو، هليو ويو.

حلول[سنواريو]

الله ڪنھن ۾ اچي نه ٿو سگهي نه روح جي صورت ۾ نه وري شڪل جي صورت ۾.

محل حوادث[سنواريو]

الله جي ذات تي حالتون اثر نه ٿيون ڪن جيئن جواني.

مرئي[سنواريو]

يعني الله کي ڏسجي نه ٿو سگهجي نه دنيا ۾ نه آخرت ۾.

محتاج[سنواريو]

الله ڪنهن جو به محتاج ڪونهي.

معاني[سنواريو]

معاني سان مراد ته الله جو صفتون عين ذات آهن مثلاََ هڪ انسان پڙهندو آهي ۽ عالم بڻبو آهي پر الله جڏهن کان آھي تڏهن کان ان جو صفتون آهن.

پڻ ڏسندا[سنواريو]

شیعہ

سني


حوالا[سنواريو]