مواد ڏانھن هلو

اياز گل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اياز گل
Ayaz Gul
ڄمڻاياز علي دل
(1959-03-06) March 6, 1959 (age 67)
سکر، سکر ضلعو، سنڌ
قلمی نالواياز گل
پيشوپروفيسر ، شاعر
ٻوليسنڌي
شهريتپاڪستاني
تعليمایم اي سنڌي ادب، ايم اي ٻين الاقوامي تعلقات ، ايل ايل بي
مادرِ علمشاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
صنفغزل، وائي، نظم، گيت
موضوعشاعري
نمايان ڪمپيلا گل پلاند ۾
ڏينهن ڏٺي جا سپنا
تو بن ڪهڙي ڇانورا
نمايان انعامگولڊ میڊل - شاھ عبداللطيف يونيورسٽي
انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي اوارڊ
سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو اوارڊ

اياز گل (انگريزي:Ayaz Gul) سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر آهي[1] جنهن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ خيرپور ميرس ۽ پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي تان پڻ نشر ٿئي ٿو.[2]

زندگي جو احوال

[سنواريو]

پنهنجي همعصر شاعرن ۾ نمائنده شاعر، جنهن جو پورو نالو اياز علي ولد رجب علي دل آهي، هُن سکر شهر ۾ 6 مارچ 1959ع تي جنم ورتو، کيس ننڍپڻ کان ئي علم ادب سان لڳاءُ رهيو، ادبي دنيا ۾ اياز گل جي نالي سان مشهور آهي. هن 1980ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1981ع ۾ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ۾ ڪري بعد ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري پڻ ورتي. هن وقت شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. اياز گل نوجوانن ۾ مقبول شاعر آهي، هن 1971ع کان شاگردي واري دور ۾ شاعري جو آغاز ڪيو، سندس پهريون شعر 1973ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”اديُون“ رسالي ۾ شايع ٿيو. هيل تائين ٻين ڪتابن کان علاوه سندس 6 شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ پڻ اياز گل جو نالو نمايان رهيو آهي. هُو سٺو فوٽوگرافر پڻ آهي، موسيقيءَ سان گهڻي دلچسپي اٿس. سندس گهر ۾ آڊيو، وڊيو ڪئسيٽن ۽ تصويرن جي لائبريري آهي.
اياز گل 1996ع کان 1998ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. ان کان علاوه کيس مختلف انتظامي ۽ اعزازي ذميواريون پڻ مليون آهن، جن ۾:

علمي خدمتون

[سنواريو]

ميمبر سينيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 2003ع کان اڄ تائين. ميمبر سينڊيڪيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (2009-2006)، ميمبر بورڊ آف گورنرس، تعليمي بورڊ، سکر (2006ع کان اڄ تائين)، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو (08-2007)، سيڪريٽري ۽ ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي)، شاهه عبداللطيف، يونيورسٽي (1991ع کان اڄ تائين)، ميمبر صلاحڪاري بورڊ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، انچارج ’تنوير عباسي‘ چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (2003ع کان اڄ تائين)، ميمبر بيدل يادگار ڪاميٽي، روهڙي / سکر.، جنرل سيڪريٽري سکر هسٽاريڪل، سوسائٽي. سنڌ.[3]

ايوارڊ

[سنواريو]

اياز گل کي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ، شيلڊون ۽ ميڊل پڻ مليا آهن.

ادبي خدمتون

[سنواريو]

اياز گل ڪجهه عرصو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ سچل چيئر ۾ به ڪم ڪيو. سنڌي شعبي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي مخزن ”ڀٽائي“ جو ايڊيٽر ۽ معاون به رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي رسالي ”سنگت“ جو بنياد وڌائين. هُن جا غزل، وايون ۽ گيت عابده پروين، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ، برڪت ڀٽ، ثمينه ڪنول، شازيه خشڪ ۽ رحمت ميرالي سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي داد ماڻيو. اياز گل پنهنجي شريڪ حيات، ’مستور بخاري‘ ۽ پٽ ’پرين ايا‘ سان گڏ سکر ۾ رهائش پذير آهي. مستور بخاري، پاڻ ليکڪا ۽ آرڪيالاجي شعبي سان لاڳاپيل آهي.

ڪتاب

[سنواريو]
  • سوچون سرها گل (تاج جويي سان گڏ شاعري) 1978ع
  • گل ۽ تارا (ٻارن لاءِ شاعري) 1979ع[4]
  • پِيلا گل پلاند ۾ (غزل) 1980ع
  • ڏينهن ڏٺي جا سپنا (شاعري) 1984ع[5]
  • توبن ڪهڙا ڇانورا (شاعري) 1992ع[6]
  • دک جي نه پڄاڻي آ (شاعري) 1997ع
  • ميلي جي تنهائي شاعري 1999ع[7]
  • سکر جون يادگيريون (سهيڙيل) 2001ع
  • پوان شل قبول (تنوير عباسي ءَ تي مقالن جي ترتيب) 2006ع
  • روشن آ سانجهي (ايڊيٽنگ ۽ ترتيب) 2008ع
  • مسٽسزم سنڌ اينڊ سچل سرمست، مرتب، 2011ع
  • پنهنجو هيءُ اسڪول ٻارن لاءِ, 2018ع
  • خلقڻهار ٻارن لاءِ، 2018ع
  • راند روند، ٻارن لاءِ، 2018ع
  • زنگ لڳل زندگي
  • رنگن واري دنيا

حوالا

[سنواريو]
  1. اياز گُل : خوابن جي واديءَ ۾ وٺي ويندڙ شاعر | SindhSalamat, اصل نسخو مان 2017-08-04 تي محفوظ ڪيل, 2017-09-14 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  2. "اياز گل- شاعري جو منفرد گل! ......ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ -". 2019-03-05. 2020-07-18 تي حاصل ڪيل.
  3. اياز گل : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2020-07-19 تي محفوظ ڪيل, 2020-07-19 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  4. "گل ۽ تارا (اياز گل) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com (انگريزي ۾). 2020-12-30 تي حاصل ڪيل.
  5. "ڏينهن ڏٺي جا سپنا (اياز گل) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com (انگريزي ۾). 2020-12-30 تي حاصل ڪيل.
  6. "توبن ڪهڙا ڇانورا (اياز گل) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com (انگريزي ۾). 2020-12-30 تي حاصل ڪيل.
  7. "ميلي جي تنهائي (اياز گل) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com (انگريزي ۾). 2020-12-30 تي حاصل ڪيل.