الفارابي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

الفارابي
(فارسي ۾: ابونصر محمد بن محمد فارابی‎‎ خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
Iranian Farabi.jpg 

معلومات شخصيت
ڄم 10 جنوري 872  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 17 جنوري 951 (79 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو فلسفي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي مابعدالطبعيات،رياضي،منطق،فلڪيات،طب  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي


مشهور مسلمان فلسفي، ارسطوءَ جو شارح، حڪمت، حياتيات ۽ نباتات جي علمن تي عبور رکندڙ الفارابيءَ، 873ع ڌاري، سمرقند جي -اتر- -اوڀر- ۾، ”درياءُ سيحون“ جي اُڀرندي ڪناري تي واقع ”فاراب“ شهر ۾ ڄائو. سندس پورو نالو ابونصر محمد -بن- اوزلخ طرخان، -الفارابي- هو. سندس آبائي پيشو سپاهه گيري هو، پر مختلف ٻولين ۽ علمن جي سکڻ واري جنون کيس جليل القدر عالم ۽ وڏي -پائي- جو فلسفي بڻائي ڇڏيو. شروع ۾ هن، پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڪيترين زبانن ۾ مهارت حاصل ڪئي، -ان- کان پوءِ -بغداد- وڃي، عربي زبان تي دسترس حاصل ڪيائين. اهو دؤر خليفي مستنصر بالله عباسيءَ جو هو. بعد ۾ سيف الدوله جي مقربين ۾ شامل ٿيو. يونان جي فلسفي تي وڏو عبور رکندو هو. هن، -ارسطو- ۽ -افلاطون- جي نظرين ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪئي، جنهنڪري کيس افلاطوني مڪتبِ فڪر جي هڪ جديد شاخ جو باني پڻ چيو ويو. فلسفي، منطق ۽ موسيقيءَ جي فن ۾ وڏي مهارت رکندو هو. سارنگي وڄائڻ ۽ موسيقيءَ جي مقابلي ۾، ڪوبه سندس سامهون نه ايندو هو. هن هڪ ساز پڻ ايجاد ڪيو، جنهن جو نالو ”قانون“ رکيائين. انهيءَ ساز جي وڄائڻ سان، ٻڌندڙن تي اهڙي ڪيفيت ڇانئجي ويندي هئي، جو سندن عضوا هڪ عجيب اثر هيٺ اچي ويندا هئا. باقي وقت، حلب جي وڏي حاڪم سيف الدوله علي حمدانيءَ وٽ گذاريائين. سندس ننڍين وڏين تصنيفن جو تعداد 114 ٻڌايو وڃي ٿو. سندس مشهور ڪتابن ۾ ”ڪتاب النباتات“، ”ڪتاب الحيوانات“، ”-افلاطون- و ارسطا طاليس“، ”مقالة في عقل“، ”اجوبة عن مسائل الفلسفة“، ”تحصيل السعادة“، ”عيون المسائل“، ”فصوص الحڪم“، ”رسالة في سياسة“، ”احياءُ العلوم“، ”اغراض ارسطاطاليس في ڪتاب مابعدالطبعيات“ ۽ ”ماهية النفس“ شامل آهن. اسلامي دنيا جو هيءُ مشهور فلسفي، حڪيم ۽ ٻوليءَ جو ماهر 950ع ڌاري دمشق ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11902242t — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامو: Open License
  2. الفارابي : (Sindhianaسنڌيانا)