الڪندي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

فلسفي، منطق، نجوم، رياضيءَ ۽ طب جو ماهر، يوسف يعقوب ابن اسحاق الڪندي، 801ع ڌاري بصري ۾ ڄائو (الڪندي جي ڄمڻ جي هنڌ تي اختلاف آهي، ڪن ڪتابن ۾ سندس ڄمڻ جو هنڌ ڪوفو بيان ٿيل آهي). سندس پيءُ اسحاق ابن صباح، ٽنهي عباسي خليفن، مهدي، هادي ۽ رشيد جي زماني ۾ ڪوفي جو امير رهيو هو. الڪندي (Al-Kindi)، اسلامي دنيا جو پهريون فلسفي هو، جيڪو هڪ ئي وقت يوناني ۽ سُرياني ٻوليون ڄاڻڻ ڪري هڪ سٺو ترجمو ڪندڙ به هو. خليفي هارون الرشيد، کيس انهيءَ ڪري پنهنجي درٻار ۾ رکيو ته جيئن هو، يوناني فلسفي، ارسطوءَ جي علم کي ترجمو ڪري سگهي، شاهي درٻار سان لاڳاپيل هوندي به، الڪندي اهو فلسفي هو، جنهن ”ڏکن مان نجات ماڻڻ جي رڪيب نالي پنهنجي هڪ ڪتاب ۾، ”انساني زندگيءَ کي هڪ ”سامونڊي جهاز“ سان ڀيٽيندي، اِهو چيو ته ”انسان ذات دولت ۽ ملڪيت جي ڳولا واري سفر ۾ آهي، جيڪو هڪ منزل کان، پنهنجي حقيقيءَ دنيا ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي ۽ اهو جهاز هڪ ڏينهن انسان کي پنهنجي اصل مقصد ڏانهن وٺي ويندو، پر انسان جو ان تي اصرار آهي ته دولت ئي سڀني ڏکن جي جڙ آهي.“ هن مفڪر ۽ فلسفي 886ع ڌاري بصري ۾ وفات ڪئي.[1]

الڪندي جو چوڻ هو: خلا، وقت، مادو ۽ حرڪت مان ڪوبه ٻئي کان اڳ ۾ وجود ۾ نه آيو آهي. اهي سڀ هڪٻئي جو لازمي جز آهن ۽ هڪ ئي وقت وجود ۾ آيا آهن. جنهن الڪندي کي مجبور ڪيو ته هو ان جي مڪمل تحقيق ڪري. آئنسٽائن واري THOERY OF RELATIVTY به الڪندي جي ڪم جي تصدق ڪري ٿي. [2]