مواد ڏانھن هلو

ابن باجه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابوبڪر محمد بن يحيٰ بن الصائغ التجيبي بن باجه (عربي: أبوبكر محمد بن يحيى بن الصائغ التجيبي بن باجة؛ 1085 - 1138ع)، جيڪو پنهنجي لاطيني نالي، اويمپئس (Avempace) سان مشهور آهي، هڪ اندلسي همہ دان هو، جنهن جي لکڻين ۾ فلڪيات، طبيعيات ۽ موسيقي سان گڏوگڏ فلسفو، طب، نباتاتيات ۽ شاعري شامل آهن.

Avempace
ابن باجه
پيدائش1085ع
سرقسطه، اندلس (ھاڻي ساراگوسا، اسپين)
وفات1138ع
فيض، المورد سلطنت (ھاڻي فاس، مراڪش)
قوميتاندلسي
سائنسي ڪيريئر
شعبافلڪيات، فلسفو، طب، طبيعيات، شاعري، نباتاتيات
ٿيسز-->
متاثر ٿيلابن طفيل، البيترجي، ابن رشد، ابن ميمون



تعليم مان فارغ التحصيل ٿيڻ بعد ڪجهه وقت اندلس جي حاڪم يوسف بن تاشقين جو وزير ٿي رهيو، هي تصوف جو سخت مخالف هو، پر فلسفي ۾ هن کي مغرب جو ابن سينا سڏيو وڃي ٿو. مشهور فلسفي ابن رشد تي بہ چون ٿا تہ هن جو اثر هو. هن جي ڪتابن جا اصل متن ڪٿي بہ نہ ٿا ملن، البت سندن ڪتابن جا عبراني ۽ لاطيني زبانن ۾ ترجما يورپ جي ڪيترن لائبريرين ۾ موجود آهن. سال 1138ع بمطابق 533 ھجري ۾ وفات ڪيائين. اصل سرقسطه (اسپين) جو هو. جوانيءَ ۾ ئي ڪنهن زهر ڏنس ۽ وفات ڪيائين. فلسفي، طب، هيئت، طبعي علوم ۽ ڪيميا ۾ سندس مرتبو نهايت بلند هو. سندس لکڻين جو سنڌ ۾ ڪيترن بزرگن تي اثر آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]