مواد ڏانھن هلو

فارياب صوبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فارياب
افغانستان جو صوبو
فارياب صوبي م ندي ۽ جبلن جو ڏيک
فارياب صوبي م ندي ۽ جبلن جو ڏيک
افغانستان جي نقشي ۾ فارياب نمايان ڏيکاريل
افغانستان جي نقشي ۾ فارياب نمايان ڏيکاريل
فارياب is located in Afghanistan
فارياب
فارياب
افغانستان جي نقشي ۾ فارياب نمايان ڏيکاريل
متناسقات (گادي جو هنڌ): 36°15′N 64°50′E / 36.250°N 64.833°E / 36.250; 64.833
ملڪ  افغانستان
گادي جو هنڌ ميمنه
حڪومت
  گورنر نقيب الله فائق
پکيڙ[1]
  ڪل 20,797.6 ڪ.م2 (8,030.0 ميل2)
آبادي (2012)
  ڪل 948,000


فارياب صوبو: (انگريزي: Faryab) افغانستان جي 34 صوبن مان ھڪ صوبو آهي جيڪو ملڪ جي اترين پاسي ترڪمانستان جي سرحد تي واقع آھي ۽ ان جي آبادي اٽڪل 948,000 آھي. آبادي قبائلي نظام واري ۽ مختلف نسلي گروھن تي مشتمل آهي. صوبي جي ورھاست 15 ضلعن ۾ ٿيل آھي جن ۾ ھڪ ھزار کان مٿي ڳوٺ واقع آھن. صوبي جي گادي جو هنڌ ميمنه آهي. لفظ فارياب جي معني آهي ندي جي پاڻي تي آباد ڪيل زمين. اھو نالو ايران جي ساساني بادشاھن جي دؤر ۾ اتان جي ھڪ شھر تي پيو بعد ۾ فارياب شھر تان ھي نالو ھن صوبي تي پيو. فلسفي الفارابي جو تعلق ھن علائقي سان ھيو. ھن صوبي واري علائقي کي يورپي مؤرخن افغاني ترڪستان جو نالو ڏنو. 1748 ۾ آحمد شاھ دراني ھن علائقي کي فتح ڪري پنھنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو ھو. فارياب پھرين بلخ صوبي جو حصو ھيو. 1964 ۾ ان کي بلخ کان ڌار ڪري علحده صوبو بڻايو ويو. مئي 1997 م ھي صوبو طالبان جي قبضي هيٺ آيو. 2001 م طالبان جو دور جي خاتمي بعد ھي صوبو افغانستان جو پر امن ترين صوبو رھيو آھي. ھي صوبو ڪارپيٽ ۽ گلمن جي صنعت جو مرڪز آھي.

انتظامي ورھاست

[سنواريو]


افغانستان جا لساني نسلي گروھ
فارياب صوبي جا ضلعا

فارياب صوبي جي آبادي 948,000 آھي جيڪا گھڻ نسلي آھي [2] سڀ کان وڏو نسلي گروھ ازبڪ ماڻھن جو آھي، ٻئي نمبر تي تاجڪ، پوءِ پختون ۽ ھزارا نسل وارا ماڻھو آھن.[3] ڪڏھن ڪڏھن ازبڪ ۽ پختون نسل جي ماڻھن ۾ جھيڙا ٿيندا رھندا آھن.[4][5] ھتان جي آبادي جي اڪثريت سني اسلام سان تعلق رکندڙ آھي ۽ رڳو ھزارا نسل وارا شيعا اسلام سان تعلق رکندڙ آھن.

فارياب صوبي جا ضلعا
ضلعو گاديءَ جو هنڌ آبادي [6] پکيڙ [7] ڳوٺن جو تعداد ۽ نسلي گروھ
المار ضلعو 120,0001,525 km2

86 ڳوٺ. 65% ازبڪ ۽ 35% ترڪمان.[8]

اندخوي ضلعو 41,656381 km2

81 ڳوٺ. پختون, تاجڪ ۽ ازبڪ[9]

بلچراغ ضلعو41,7061,189 km244 ڳوٺ. پختون, تاجڪ, ۽ ازبڪ.[10]
دولت آباد ضلعو57,8762,598 km256 ڳوٺ. پختون, تاجڪ, ھزارا ۽ ازبڪ.[11]
غورماچ ضلعو غورماچ52,5662,083 km2پختون.
گرزيوان ضلعو 72,4971,875 km254 ڳوٺ. پختون, تاجڪ ۽ ازبڪ.[12]
خان چار باغ ضلعو70,0001,056 km216 ڳوٺ. 65% ازبڪ ۽

35% ترڪمان .[13]

خواجا سبزپوش ضلعو 55,000800 km285 ڳوٺ. 80% ازبڪ, 10% پختون ۽ 10% تاجڪ.[14]
ڪوھستان ضلعو 53,6162,254 km2133 ڳوٺ.[15]
ميمنه ضلعو ميمنه 75,900ازبڪ ، پختون ۽ تاجڪ.
پشتون ڪوٽ ضلعو 300,0004,000 km2331 ڳوٺ. 60% ازبڪ, 20% پختون, 10% ترڪمان ، تاجڪ ۽ عرب.[16]
قرم قل ضلعو 98,2292,192 km219 ڳوٺ / 73 ننڍڙا ڳوٺ

. 70% ترڪمان ۽ ازبڪ.[17]

قيصار ضلعو 2370002,502 km2190 ڳوٺ.[18]
قرغان ضلعو 27,116797 km213 ڳوٺ.[19]
شيرين تگاب ضلعو141,6423,500 km2116 ڳوٺ. ازبڪ ، تاجڪ ۽ عرب.[20]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Area and Administrative and Population", Islamic Republic of Afghanistan, 2013, اصل کان 17 جنوري 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 03 فيبروري 2014۔
  2. "Settled Population of Faryab province by Civil Division, Urban, Rural and Sex-2012-13", Islamic Republic of Afghanistan, Central Statistics Organization, حاصل ڪيل 22 آڪٽوبر 2012۔
  3. آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 24 جنوري 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  4. "Ethnic Clashes Hit Faryab", Institute for War and Peace Reporting, 2 آڪٽوبر 2009, حاصل ڪيل 18 جنوري 2014, "Minor incident blows up into full-scale rioting between Uzbeks and Pashtuns in northern province."
  5. آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 05 مئي 2019 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  6. "Faryab Province", Government of Afghanistan and United Nations Development Programme (UNDP), Ministry of Rural Rehabilitation and Development, اصل کان 14 اپريل 2013 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 22 آڪٽوبر 2012۔
  7. Afghanistan Geographic & Thematic Layers
  8. Almar District (Re-elected) آرڪائيو ڪيا ويا 2016-03-03 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  9. Ankhoy District, اصل کان 22 آڪٽوبر 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  10. Balcheragh District, اصل کان 20 ڊسمبر 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  11. Dawlat Abad District (Re-elected), اصل کان 15 جولاءِ 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  12. Gorzaiwan District, اصل کان 15 جولاءِ 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  13. Khan Charbagh District (Re-elected), اصل کان 15 جولاءِ 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  14. Khaja Sahib Posh District (Re-elected), اصل کان 22 آڪٽوبر 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  15. Kohistan District, اصل کان 22 آڪٽوبر 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  16. Pashton Kot Sahib Posh District (Re-elected), اصل کان 22 آڪٽوبر 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  17. Quramqul District (Re-elected), اصل کان 22 آڪٽوبر 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  18. Qaisar District (Re-elected), اصل کان 22 آڪٽوبر 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  19. Qurghan District(Re-elected), اصل کان 02 اپريل 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  20. Dawlat Abad District (Re-elected), اصل کان 15 جولاءِ 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

افغانستان جي 34 صوبن يا ولايتن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

افغانستان جا 34 صوبا جيڪي وري 400 ضلعن
افغانستان جا صوبا يا ولايتون نقشي ۾ ڏنل نمبر مطابق ڏسو
صوبو/ولايت صوبو/ولايت صوبو/ولايت صوبو/ولايت
1. بدخشان صوبو 2. بادغيس صوبو3. بغلان صوبو 4. بلخ صوبو
5. باميان صوبو 6.دايڪندي صوبو7. فرا صوبو 8. فارياب صوبو
9. غزني صوبو 10. غور صوبو 11. ھيلمند صوبو 12. ھرات صوبو
13. جوزجان صوبو 14. ڪابل صوبو 15. قنڌار صوبو 16. ڪاپيسا صوبو
17. خوست صوبو 18. ڪونر صوبو 19. قندوز صوبو 20. لغمان صوبو
21. لوگر صوبو 22. ننگرھار صوبو 23. نيمروز صوبو 24نورستان صوبو
25.اروزگان صوبو 26. پڪتيا صوبو 27.پڪتيڪا صوبو 28.پنجشير صوبو
29. پروان صوبو 30.سمنگان صوبو 31. سرپل صوبو 32. تخار صوبو
33. ميدان وردڪ صوبو34. زابل صوبو

حوالا

[سنواريو]