فارياب صوبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فارياب
افغانستان جو صوبو
فارياب صوبي م ندي ۽ جبلن جو ڏيک
فارياب صوبي م ندي ۽ جبلن جو ڏيک
افغانستان جي نقشي ۾ فارياب نمايان ڏيکاريل
افغانستان جي نقشي ۾ فارياب نمايان ڏيکاريل
فارياب is located in Afghanistan
فارياب
فارياب
افغانستان جي نقشي ۾ فارياب نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ (گادي جو هنڌ): 36°15′N 64°50′E / 36.250°N 64.833°E / 36.250; 64.833مڪانيت: 36°15′N 64°50′E / 36.250°N 64.833°E / 36.250; 64.833
ملڪ  افغانستان
گادي جو هنڌ ميمنه
حڪومت
 • گورنر نقيب الله فائق
پکيڙ[1]
 • ڪل 20,797.6 ڪ.م2 (8,030.0 ميل2)
آبادي (2012)
 • ڪل 948,000


فارياب صوبو: (انگريزي: Faryab) افغانستان جي 34 صوبن مان ھڪ صوبو آهي جيڪو ملڪ جي اترين پاسي ترڪمانستان جي سرحد تي واقع آھي ۽ ان جي آبادي اٽڪل 948,000 آھي. آبادي قبائلي نظام واري ۽ مختلف نسلي گروھن تي مشتمل آهي. صوبي جي ورھاست 15 ضلعن ۾ ٿيل آھي جن ۾ ھڪ ھزار کان مٿي ڳوٺ واقع آھن. صوبي جي گادي جو هنڌ ميمنه آهي. لفظ فارياب جي معني آهي ندي جي پاڻي تي آباد ڪيل زمين. اھو نالو ايران جي ساساني بادشاھن جي دؤر ۾ اتان جي ھڪ شھر تي پيو بعد ۾ فارياب شھر تان ھي نالو ھن صوبي تي پيو. فلسفي الفارابي جو تعلق ھن علائقي سان ھيو. ھن صوبي واري علائقي کي يورپي مؤرخن افغاني ترڪستان جو نالو ڏنو. 1748 ۾ آحمد شاھ دراني ھن علائقي کي فتح ڪري پنھنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو ھو. فارياب پھرين بلخ صوبي جو حصو ھيو. 1964 ۾ ان کي بلخ کان ڌار ڪري علحده صوبو بڻايو ويو. مئي 1997 م ھي صوبو طالبان جي قبضي هيٺ آيو. 2001 م طالبان جو دور جي خاتمي بعد ھي صوبو افغانستان جو پر امن ترين صوبو رھيو آھي. ھي صوبو ڪارپيٽ ۽ گلمن جي صنعت جو مرڪز آھي.

انتظامي ورھاست[سنواريو]

افغانستان جا لساني نسلي گروھ
فارياب صوبي جا ضلعا

فارياب صوبي جي آبادي 948,000 آھي جيڪا گھڻ نسلي آھي [2] سڀ کان وڏو نسلي گروھ ازبڪ ماڻھن جو آھي، ٻئي نمبر تي تاجڪ، پوءِ پختون ۽ ھزارا نسل وارا ماڻھو آھن.[3] ڪڏھن ڪڏھن ازبڪ ۽ پختون نسل جي ماڻھن ۾ جھيڙا ٿيندا رھندا آھن.[4][5] ھتان جي آبادي جي اڪثريت سني اسلام سان تعلق رکندڙ آھي ۽ رڳو ھزارا نسل وارا شيعا اسلام سان تعلق رکندڙ آھن.

فارياب صوبي جا ضلعا
ضلعو گاديءَ جو هنڌ آبادي [6] پکيڙ [7] ڳوٺن جو تعداد ۽ نسلي گروھ
المار ضلعو 120,000 1,525 km2

86 ڳوٺ. 65% ازبڪ ۽ 35% ترڪمان.[8]

اندخوي ضلعو 41,656 381 km2

81 ڳوٺ. پختون, تاجڪ ۽ ازبڪ[9]

بلچراغ ضلعو 41,706 1,189 km2 44 ڳوٺ. پختون, تاجڪ, ۽ ازبڪ.[10]
دولت آباد ضلعو 57,876 2,598 km2 56 ڳوٺ. پختون, تاجڪ, ھزارا ۽ ازبڪ.[11]
غورماچ ضلعو غورماچ 52,566 2,083 km2 پختون.
گرزيوان ضلعو 72,497 1,875 km2 54 ڳوٺ. پختون, تاجڪ ۽ ازبڪ.[12]
خان چار باغ ضلعو 70,000 1,056 km2 16 ڳوٺ. 65% ازبڪ ۽

35% ترڪمان .[13]

خواجا سبزپوش ضلعو 55,000 800 km2 85 ڳوٺ. 80% ازبڪ, 10% پختون ۽ 10% تاجڪ.[14]
ڪوھستان ضلعو 53,616 2,254 km2 133 ڳوٺ.[15]
ميمنه ضلعو ميمنه 75,900 ازبڪ ، پختون ۽ تاجڪ.
پشتون ڪوٽ ضلعو 300,000 4,000 km2 331 ڳوٺ. 60% ازبڪ, 20% پختون, 10% ترڪمان ، تاجڪ ۽ عرب.[16]
قرم قل ضلعو 98,229 2,192 km2 19 ڳوٺ / 73 ننڍڙا ڳوٺ

. 70% ترڪمان ۽ ازبڪ.[17]

قيصار ضلعو 237000 2,502 km2 190 ڳوٺ.[18]
قرغان ضلعو 27,116 797 km2 13 ڳوٺ.[19]
شيرين تگاب ضلعو 141,642 3,500 km2 116 ڳوٺ. ازبڪ ، تاجڪ ۽ عرب.[20]

حوالا[سنواريو]

  1. "Area and Administrative and Population". Islamic Republic of Afghanistan. وقت 2014-01-17 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2014-02-03.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Settled Population of Faryab province by Civil Division, Urban, Rural and Sex-2012-13" (PDF). Islamic Republic of Afghanistan, Central Statistics Organization. حاصل ڪيل 2012-10-22. 
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2021-01-24 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-09-28 
  4. "Ethnic Clashes Hit Faryab". Institute for War and Peace Reporting. حاصل ڪيل 2014-01-18. Minor incident blows up into full-scale rioting between Uzbeks and Pashtuns in northern province. 
  5. http://www.hewad.com/news2.htm
  6. "Faryab Province". Government of Afghanistan and United Nations Development Programme (UNDP). Ministry of Rural Rehabilitation and Development. وقت 2013-04-14 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2012-10-22.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. Afghanistan Geographic & Thematic Layers
  8. Almar District (Re-elected) آرڪائيو ڪيا ويا 2016-03-03 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  9. Ankhoy District
  10. Balcheragh District
  11. Dawlat Abad District (Re-elected)
  12. Gorzaiwan District
  13. Khan Charbagh District (Re-elected)
  14. Khaja Sahib Posh District (Re-elected)
  15. Kohistan District
  16. Pashton Kot Sahib Posh District (Re-elected)
  17. Quramqul District (Re-elected)
  18. Qaisar District (Re-elected)
  19. Qurghan District(Re-elected)
  20. Dawlat Abad District (Re-elected)

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

افغانستان جي 34 صوبن يا ولايتن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

افغانستان جا 34 صوبا جيڪي وري 400 ضلعن
افغانستان جا صوبا يا ولايتون نقشي ۾ ڏنل نمبر مطابق ڏسو
صوبو/ولايت صوبو/ولايت صوبو/ولايت صوبو/ولايت
1. بدخشان صوبو 2. بادغيس صوبو 3. بغلان صوبو 4. بلخ صوبو
5. باميان صوبو 6.دايڪندي صوبو 7. فرا صوبو 8. فارياب صوبو
9. غزني صوبو 10. غور صوبو 11. ھيلمند صوبو 12. ھرات صوبو
13. جوزجان صوبو 14. ڪابل صوبو 15. قنڌار صوبو 16. ڪاپيسا صوبو
17. خوست صوبو 18. ڪونر صوبو 19. قندوز صوبو 20. لغمان صوبو
21. لوگر صوبو 22. ننگرھار صوبو 23. نيمروز صوبو 24نورستان صوبو
25.اروزگان صوبو 26. پڪتيا صوبو 27.پڪتيڪا صوبو 28.پنجشير صوبو
29. پروان صوبو 30.سمنگان صوبو 31. سرپل صوبو 32. تخار صوبو
33. ميدان وردڪ صوبو 34. زابل صوبو

حوالا[سنواريو]