اسلامي متن جي فهرست
هي اسلامي متن جي هڪ فهرست آهي. اسلام جي مذهبي متنن ۾ قرآن (مرڪزي متن) شامل آهن، ڪيترائي اڳوڻا متن (جنهن کي مسلمان سمجهي رهيا آهن ته الله جي طرفان اڳئين وحي آهن)، تورات سميت بني اسرائيل جي نبين ۽ رسولن تي نازل ٿيل، زبور دائود علیہ السلام تي نازل ٿيو ۽ انجيل جيڪو حضرت عيسيٰ علیہ السلام تي نازل ٿيو ۽ حديث ( عمل ۽ قول جيڪي محمد صلی اللہ علیہ و سلم سان منسوب ڪيا ويا، جيڪي سنت تي مشتمل آهن).
اسلام تي مضمونن جو سلسلو |
اسلام |
---|
![]() |
قرآن
[سنواريو]اصل مضمون: قرآن
قرآن اسلام جو مرڪزي مذهبي متن آهي، جنهن کي مسلمان مڃين ٿا ته خدا جي طرفان نازل ڪيل وحي آهي. اهو ڪلاسيڪل عربي ادب ۾ تمام بهترين ڪم سمجهي وڃي ٿو. قرآن کي بابن (عربي: سورتین، واحد: سورة) ۾ ورهايو ويو آهي، جن کي آيتن (عربي: آية؛ جمع آیات) ۾ ورهايو ويو آهي.
قرآن جو متن
[سنواريو]اصل مضمون: قرآن ۾ سورتن جي فهرست
قرآن مجيد جو متن 114 سورتن جي مختلف ڊگھائي، هر هڪ سورت طور سڃاتو وڃي ٿو. هر سورت ڪيترن ئي آيتن مان ٺهيل آهي، هر هڪ کي آيت سڏيو ويندو آهي.
تفسير
[سنواريو]اصل مضمون: فهرست تفسير تفسير جو هڪ جسم، جنهن جو مقصد قرآني آيتن جي معنيٰ بيان ڪرڻ آهي. وحي جا سبب (اسباب النزول) اها سائنس جيڪا آيتن جي نزول جي آس پاس جي سببن، حالتن ۽ واقعن کي بيان ڪري ٿي.
سنت
[سنواريو]اصل مضمون: سنت
سنت نبي محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي عمل کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو هن سيکاريو ۽ عملي طور تي شريعت جي استاد ۽ بهترين مثال جي طور تي قائم ڪيو. سنت جا ذريعا عام طور تي زباني روايتون آهن جيڪي حديثن ۽ سيرت النبي (نبي جي سوانح حيات) جي مجموعن ۽ گڏوگڏ قرآن ۾ مليا آهن. قرآن جي برعڪس، مسلمانن جا مختلف گروه نصوص يا سنت جي ماخذن جي سيٽ تي اختلاف رکن ٿا ۽ اهي حديث جي مختلف مجموعن تي زور ڏين ٿا.
حديث
[سنواريو]اصل مضمون: حديث جي ڪتابن جي فهرست
حديث نبي محمد ﷺ جي حوالي سان بيان ڪيل قول، عمل يا ٺوس منظوريون آهن. قرآن جي برعڪس، حديث، نبي جي قولن جي حيثيت مختلف فرقن ۾ هڪ جهڙي نا آهي، ڪجهه مسلمانن طرفان هن کي حجت طور نه قبول ڪيو ويندو آهي.
سني اسلام جي مطابق ڇهه حديث جي ڪتابون جنهن کي صحاح سته چئبو آهي،
سيرت
[سنواريو]
سيرت النبي کان مراد پيغمبر حضرت محمد ﷺ جي سوانح حيات آهي. هن ڪتابن ۾ پيغمبر محمد ﷺ جي زندگي جي واقعن، سندس شڪل و صورت، سندس اخلاقي خوبين کان سواء سندس غزوات (جنگي مهمن) کي گڏ ڪرڻ سان لاڳاپيل آهي.[1]
علم اسماء الرجال
[سنواريو]علم اسماء الرجال اها سائنس آھي جيڪا حديث جي راوين جي باري ۾ ڳولا ڪندي آهي.
شيعہ اصول جي ڪتابون
[سنواريو]شيعہ اسلام پاران چار ڪتابن کي اصول جي بنيادي ڪتابن (اصول الاربعه) طور تسليم ڪيو ويندو آهي؛ جئين ته هن سني اسلام جي حديث جي ڪتابن ۾ مظبوطي تي يقين نه رکندا آهن؛
اڳيون ڪتابون
[سنواريو]ٻيا اسلامي متن، اها ڪتابون آهن جيڪيون قرآن کان اڳ الله تعالٰي جي طرفان نازل ڪيو ويون، جن جو قرآن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، تورات جيڪو حضرت موسيٰ علیہ السلام تي نازل ٿيو، زبور حضرت دائود علیہ السلام تي نازل ٿيو. انجيل حضرت عيسيٰ علیہ السلام تي نازل ٿي. پر اها ڪتابون جيڪا اسلام جي مطابق، تحريف جو شڪار ٿي ويو آهن، هنن جا اسلامي تعليم جي ماخذن طور منسوخ آهن. قرآن پڻ ٻن صحیفن، صحف ابراهيم، جيڪو حضرت ابراهيم عليه السلام کي ڏنو ويو ۽ صحف موسي، جيڪو حضرت موسي عليه السلام کي ڏنو ويو، جو ذڪر ڪري ٿو.
پڻ ڏسو
[سنواريو]- قرآن
- سني ڪتابن جي فهرست
- شيعه ڪتابن جي فهرست
- شروعاتي اسلام جي تاريخ
حوالا
[سنواريو]- ↑ السيرة النبوية. آرڪائيو ڪيا ويا 6 August 2017[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.