والٽئر

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

والٽئر
(فرانسيسي ۾: Voltaire خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (فرانسيسي ۾: François-Marie Arouet خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 21 نومبر 1694 [1][2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
پيرس [4][5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 30 مَئي 1778 (84 سال)[4][6][7][8][9][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
پيرس [4][5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت فرانس [10]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
رڪن رائل سوسائٽي [11]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of (P463) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو فلسفي [12][2]،شاعر [2]،مؤرخ [12]،ليکڪ [13]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي فرانسيسي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي فرانسيسي ٻولي [14]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي فلسفو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
مؤثر زرتشت ،ولیم شیڪسپیئر ،افلاطون ،آئزڪ نيوٽن   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو influenced by (P737) وڪي ڊيٽا تي
تحريڪ آزاد خيال   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو movement (P135) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
رائل سوسائٽي فيلو (1743)[11]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو award received (P166) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
 
ويب سائٽ
IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

فرينڪوئي ميري اروٽ (انگريزي ٻولي: Voltaire) (21 نومبر 1694 - 30 مَئي 1778ع) پيرس ۾ پيدا ٿيو، بعد ۾ هِن جو نالو والٽئر رکيو ويو، هي پنهنجي ڏاهپ سبب فرانسيسي روشن خيال ليکڪ، تاريخدان ۽ فلسفي طور مشهور ٿيو، هي بهترين تنقيدنگار ٿي گذريو، پاڻ عيسائيت، خاص طور تي ڪيٿولڪ چرچ مٿان تنقيد، دين کان آزاديءَ، اظهار جي آزادي، مذهب ۽ سياست کي الڳ لڳ ڪرڻ جو حمايتي هو. والٽئر هڪ مستحڪم ۽ اهميت رکندڙ ليکڪ هيو، هِن تقريبن ادبي روپ سان گڏوگڏ بيت، ناول، مضمون، تاريخي، ۽ سائنسي ڪم پڻ ڪيا. هِن 20،000 هزار کان وڌيڪ خط ۽ 2000 کان وڌيڪ ڪتاب ۽ پمفليٽ لکيا، هِي سماج جي آزادي جو بااختيار وڪيل پڻ هيو، ڳالهيون اهڙيون هونديون هيس جو ماڻهو هِن جي ڳالهين تي چڙندا هُئا پر سچ هجڻ ڪري ان کي نندي به نه سگهندا هيا.

زندگي بابت[سنواريو]

والٽئر جڏهن اسڪول ڇڏيو، هن فيصلو ڪيو ته هو ليکڪ ٿيندو، جيڪو هِن جي پيءُ جي خواهشن جي سخت خلاف هيو، هُن جو چوڻ هيو ته والٽئر وڪيل ٿئي، هن جي پيءُ کي ان ڳالهه جي پهرين ئي خبر هئي ته والٽئر ننڍي هوندي کان ئي لکڻ طرف راغب آهي، جڏهن هِن کي خبر پئي ته والٽئر پنهنجو گھڻو وقت پيرس ۾ نوٽس ۽ شاعري کي ڏيندو آهي ته هن والٽئر کي زبردستي قانون پرهائڻ لاءِ موڪليو پر پوءِ به والٽئر لکڻ جاري رکيو، هِن ڪيترائي مضمون ۽ تاريخي اڀياس لکيا، 1713ع ۾ هن جي پيءُ جڏهن هِن کي سفارتي نمائندي جي طور هالينڊ موڪليو، پر هن اتي سفارتي ضابطن کي ٽوڙي ڇڏيو، هن کي هالينڊ جي شهر هيگ ۾مظاهرو ڪندڙ فرانسيسي پناهگير ڇوڪري ڪيمٿين الاولپپ ڊيوور سان زندگيءَ ۾ پهريون عشق ٿيو، هن چاهيو پئي ته شادي کان سواءِ پنهنجي محبوبا کي فرانس وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿئي پر سفارتي سطح تي جڏهن اها خبر عام ٿي ته هن کي ڏاڍو خوار ۽ خراب ڪيو ويو ۽ هن کي تمام وڏي ذلت سان وطن واپس موڪليو ويو.

بيسٽل جيل جتي والٽئر کي قيد ڪيو،

هن فرانس اچي وري لکڻ پڙهڻ شروع ڪيو، هن هڪ سچي قلمڪار جي حيثيت سان اهو ڪجهه لکيو جيڪو ان وقت جي حڪومت لاءِ پريشاني جو سبب بڻيو، والٽئر جي شروعاتي زندگي گھڻو ڪري پيرس جي چوڌاري گذري، شروعات کان وٺي والٽئر جي تنقيدي لکڻين حڪومت کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو، ان جي نتيجي ۾ هِن کي ٻه ڀيرا جيل جي سزا ٻڌائي وئي، والٽئر جي دوستن هِن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڀڄ ڊوڙ شروع ڪئي ۽ انهن کي والٽئر کي آزاد ڪرائڻ ۾ يارهن مهينا لڳي ويا، جڏهن فرانس جي ان وقت جي سڀ کان وڏي اداڪارا ايڊرني ليڪوريٽر سڪرات جي حالت ۾ هئي تڏهن والٽئر کي خبر پئي ته پادري هن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪري رهيا آهن ته هوءَ مرڻ کان اڳ پنهنجي فن کي گند سڏي خدا کان معافيءَ جي طلبگار ٿئي جيئن ان جي روحاني ڇوٽڪاري لاءِ دعا گهري سگهجي. ان زماني ۾ ڪلاڪارن سان ائين ٿيندو هيو ته مرڻ وقت انهن کي پنهنجي ڪلاڪار طور گهاريل زندگيءَ کي گناهه قرار ڏئي معافيءَ تي مجبور ڪري انهن کان اهو اقرار ڪرايو ويندو هيو ته واقعي انهن پنهنجي زندگي گناهن ۾ بسر ڪئي آهي جنهن لاءِ ڇوٽڪاري جي دعا گهري وڃي. سڪرات جي حالت ۾ به سخت لفظن ۾ ان ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ته ڪو هن جي زندگي ڪنهن گناهه جو حصو هئي. هن جي اها ڳالهه ٻڌي پادري هن جي روحاني ڇوٽڪاري جي دعا گهرڻ بنا ائين ئي هليا ويا ۽ پوليس ان جي لاش کي دفن ڪرڻ کان اڳ زوريءَ کڻي وڃي هڪ کڏ ۾ اڇلائي مٿان چوني جو ليپو ڪرائي ڇڏيو. والٽئر جي دل ۾ ان ڏينهن کان مذهب خلاف نفرت پيدا ٿي ۽ مذهب خلاف هن جي اها نفرت نه ڪو فرانس ۽ مسيحت تائين محدود رهي، پر هر اهو ظلم جيڪو پروٽسٽنٽ فرقي کان ٿيندو هيو يا ڪيٿولڪ فرقي کان، فرانس ۾ ٿيندو هيو يا فرانس کان ٻاهر، والٽئر ان ظلم خلاف هڪ آواز بڻجي اٿندو هيو. هو چوندو هيو ته ”جيڪو شخص مونکي ائين چوي ٿو ته منهنجي عقيدي تي ايمان آڻ نه ته خدا توکي تباهه ڪري ڇڏيندو، اهو دراصل ائين چوي ٿو ته منهنجي عقيدي تي ايمان آڻ نه ته مان توکي تباهه ڪري ڇڏيندس“. جڏهن ٻئي دفعي گرفتار ڪري ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي ان شرط تي ڇڏيو ويو ته فرانس کي ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ هليو ويندو. هن کي تمام مجبوريءَ جي حالت ۾ فرانس ڇڏي برطانيه روانو ٿيڻو پيو.

برطانيه جو سفر[سنواريو]

1726ع ۾ هو هڪڙي ”ديٽ سنڊي“ جي ڏينهن برطانيا پهتو ۽ هن ٽيمز درياهه وارو مشهور جشن ڏٺو. پنهنجي برطانوي زندگيءَ ۾ هو ويسٽ منسٽر ايبي ۾ سر آئزڪ نيوٽن جي دفنائڻ واري منظر کان ڏاڍو متاثر ٿيو، اهو ان ڪري جو ان وقت فرانس نه ته ڪنهن سائنسدان کي نائٽ جو اعزاز ڏنو هيو ۽ نه ڪنهن کي اهڙي پروقار طريقي سان دفنايو ويو هيو. هو انگريز قوم جي ان ڳالهه کان تمام متاثر ٿيو ته انگريز قوم جيئرن شاعرن ۽ دانشورن کي به اهڙي ئي عزت ۽ احترام سان ڏسي ٿي، جيئن ملٽن ۽ شيڪسپيئر کي. برطانوي پارليامينٽري نظام جي قوت ۽ آزادي کي ڏسي هن کي اتان گهڻو ڪجهه پرائڻ جو موقعو مليو، برطانوي انصاف ۽ عدالتن جي طور طريقن کي ڏسي هن کي حيرت ٿي ته فرانس جي مقابلي ۾ برطانوي سماج ڪيترو نه حقيقت تي مبني ۽ اتان جي عوام جو ڪنهن حد تائين ترجمان آهي. جتي والٽئر برطانيه جي پارليامينٽري ۽ عدالتي نظام کان متاثر ٿيو اتي هن برطانوي سرمائيڪاريءَ جا جديد گر به سکيا. هن محسوس ڪيو ته برطانيه جو سرمائيدار ۽ ڪاروباري ماڻهو ڪيترو نه ذهين ۽ پنهنجي ڪاروباري وسعت لاءِ صحيح اڳڪٿي ڪندڙ آهي، هن برطانوي سرمائيڪاري نظام کان اهو ڪجهه پرايو جو هن کي فرانس واپس اچڻ کان پوءِ پاڻ کي مالي طرح مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪا به ڏکيائي محسوس نه ٿي.

1729ع ۾ جڏهن والٽئر پنجٽيهن سالن جو هو ته هن کي فرانس واپس اچڻ جي اجازت ملي ۽ جڏهن هو فرانس واپس پهتو ته هن کي ڪنهن به مالي دشواري جو منهن نه ڏسڻو پيو، جڏهن هن کي هڪ رياضي دان کان اها خبر پئي ته هن سال سرڪاري خزاني جي سربراهه کان قومي لاٽريءَ جي ٽڪيٽن جي جاري ڪرڻ ۾ غلطي ٿي آهي ته والٽئر هڪ سنڊيڪيٽ تشڪيل ڏني جنهن سمورين ٽڪيٽن کي خريد ڪري ورتو. جڏهن قومي خزاني جي سربراهه کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ته هن لاٽريءَ جي رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر والٽئر ان خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن کي اڍائي لک ڊالرن جيڏي وڏي رقم ملي وئي. ايتري عقلمندي دنيا جي ڪنهن اديب يا شاعر ۾ مشڪل سان نظر ايندي پر والٽئر اهو سڀ برطانوي ڪاروباري نظام مان پرايو هيو. ان وڏي رقم مان هن هندستان، آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن مال موڪلڻ واري ڪاروبار جي شروعات ڪئي.

1734ع کان 1749ع تائين هو ايملي مارڪوئيس سان گڏ رهيو جيڪا هڪ نواب جي طلاق ڏنل زال هئي. هن جي دوستن ۾ حسين اداڪارا ليڪوئر کان وٺي ويندي هڪ ڇوڪريءَ سان پڻ تعلقات هيا جنهن کي هو پيار مان ”ملن“ سڏيندو هيو. والٽئر انسان ذات جي آزادي ۽ ان جي ڪرتوتن ۽ عملن کي ناجائز ذريعن سان دٻائڻ جي خلاف هيو پر هن جون ڪجهه ڪمزوريون به هيون، هو پاڻ پڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هيو. هر ٿوري ڳالهه تي هو جذباتي ٿي ويڙهه تي لهي ايندو هيو، جڏهن جان ڇڏائڻ لاءِ ڪو چاڙهو نه ڏسندو هيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ به دير نه ڪندو هيو. جڏهن اهڙي خطري ۾ وڪوڙجي ويندو هيو جنهن مان جان بچائڻ جي اميد نه هوندي هيس ته پوءِ اتان ڀڄڻ ۾ به دير نه ڪندو هيو. ڪڏهن ڪنهن اڻ وڻندڙ صورت حال کان بچڻ لاءِ پاڻ کي بيمار تصور ڪندو هيو يا ڪوڙ ۾بيمار ٿي پوندو هيو. ان جي باوجود والٽئر جو اخلاقي تصور انهن ماڻهن کان گهڻو مٿي هيو جيڪي هن جي ڪردار کي ننديندا هيا.

سئزرلينڊ جو سفر[سنواريو]

1755ع ۾ هن پيرسن فلسفيءَ دنيا جي هڪ آزاد جمهوري ملڪ سئزرلينڊ ۾ پناهه ورتي. هن هر ايندڙ ملاقاتيءَ جو فرشتن جهڙي مرڪ سان استقبال ڪيو. ڪافيءَ جا دور هلندا ها ۽ والٽئر راتين جو دير تائين انهن محلفن ۾ جيڪي يورپ ۾ مثالي تصور ڪيون وينديون هيون، ماڻهو ٽي ڏينهن رهڻ لاءِ ايندا هيا ۽ ٽي ٽي مهينا ٽڪي پوندا هيا. ”خدا مون کي منهنجي دوستن کان محفوظ رکي“. والٽئر ٿڌو ساهه کڻي چوندو هيو، ”دشمنن سان ته مان پاڻ ئي نبري پوندس“.

نيوتون جي فلسفو جي عناصر، 1738ع جي تصوير

هن جون سخاوتون هن جي مهمان نوازيءَ جي بنسبت لڪل هونديون هيون. ڪيترائي غريب ۽ مسڪين، سياسي يا مذهبي جنون جو شڪار ٿي هن جي در تي ايندا هيا، والٽئر اهڙن ماڻهن لاءِ باقاعدي گهر اڏائڻ شروع ڪيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اتي هڪ ڳوٺ آباد ٿي ويو. هن ڳوٺ جي ماڻهن کي انهن جي صلاحيتن مطابق ڌنڌا کولي ڏنا، انهن ۾ گهڻا ماڻهو گهڙي سازيءَ جو ڪم ڄاڻيندا هيا، والٽئر جلد گهڙي سازيءَ جي ڪاروبار جو سيلز ايجنٽ بڻجي ويو، هو پنهنجي ماڻهن جون ٺاهيل گهڙيون ٻين جي مقابلي ۾ ٽين حصي جيتري رقم جي رعايت سان وڪڻندو هيو، جنهن ڪري هن جو اهو ڪاروبار ڄمي هلڻ لڳو، انهن گهڙين جا اشتهار هو پاڻ لکندو هيو، جيڪڏهن اڄ اهو اشتهار ڪنهن وٽ محفوظ آهي ته اهو بي بها آهي.

والٽئر چاهي ها ته پنهنجي پيريءَ جا ڏينهن ڏاڍي آرام سان گذاري ها، هو دنيا جو امير ترين ماڻهو هيو پر هن جي حق لاءِ وڙهندڙ طبيعت هن کي هڪ دفعو وري سڪون سان ويهڻ نه ڏنو.

1762ع ۾ جڏهن ٽونور جا مذهبي جنوني ان شهر ۾ چار هزار ماڻهن جي قتل جي ٻه سوئين ورسي ملهائي رهيا هئا جن کي مذهبي جنون تحت قتل ڪيو ويو هيو ته هڪ نوجوان شخص کي ڦاسيءَ تي لٽڪيل ڏٺو ويو. هر طرف اهي ئي چئمگويون گشت ڪري رهيون هيون ته اهو نوجوان رومن ڪيٿولڪ هيو جيڪو پروٽسٽنٽ ٿيڻ چاهي پيو. مذهبي جنونين ان ڳالهه کي غلط نموني سان پيش ڪيو، انهن راءِ ڏني ته ان نوجوان کي پنهنجي پيءُ زان ڪيلاس جيڪو هڪ ڪمزور ۽ شريف ماڻهو هيو ڦاسي ڏني آهي، جنهن کان پوءِ زان ڪيلاس تي گهڻو تشدد ڪيو ويو. جڏهن ته هن ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪو هن پنهنجي پٽ کي ڦاسيءَ جي تختي تي چاڙهيو آهي تڏهن به هن کي ناحق موت جي سزا ڏني وئي، نه صرف ايترو پر پوري زان ڪيلاس گهراڻي کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

والٽئر ان معاملي ۾ دلچسپي ورتي ۽ قانون جا بخيا اڊيڙڻ شروع ڪيا. هن تعزيراتي قانونن جي حقيقت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، جيڪا نه صرف فرانس پر پوري يورپ ۾ رائج هئي. انهن قانونن جي تحت جيوريءَ جو ڪو به تصور نه هيو. ملزم کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ وڪيل جو حق نه هيو. ان جي حمايت ۾ ڪا به شهادت قبول نه ڪئي ويندي هئي. الزام لڳائڻ وارا لڪيل طريقي شهادت ڏيندا هيا. والٽئر کي اهو به معلوم ٿيو ته گهڻا فوجداري قانون لکت ۾ موجود نه آهن، اهي صرف وڪيلن جي حافظي تائين محدود هيا ۽ اهي جڏهن ڪنهن کي سزا ڏياريندا هيا ته پنهنجي حق ۾ انهن قانونن جي تشريح ڪندا هيا. ان زماني جي سرمائيدار ۽ اثر و رسوخ واري طبقي کي اهڙن قانونن جي دهشت گردين جو ڪو به علم نه هيو، اهي ان مان مطمئن هيا ۽ سمجهندا هيا ته غريب جن کي سزائون ملن ٿيون اهي قدرتي طور ڏوهي آهن، والٽئر پنهنجي تمام اثر رسوخ ۽ دولت جي زور تي ان معاملي کي پنهنجن هٿن ۾ کنيو. ٽن سالن تائين بقول هن جي هن کي مرڪڻ جيتري مهلت به نه ملي. هن جي راتين جي ننڊ حرام ٿي وئي، هن جي هر گهڙي قانون جي ماهرن، ڪليسيا جي وارثن ، بادشاهن ۽ يورپ جي پريس تي ان مطالبي ۾ گذرندي هئي ته زان ڪيلاس جي مقدمي کي ٻيهر هلايو وڃي، عوام جو ان تي وڏو ردعمل ٿيو ۽ نيٺ بادشاهه مجبور ٿي والٽئر جو اهو مطالبو منظور ڪيو. زان ڪيلاس جي موت کان پوءِ جڏهن ان جي مقدمي جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي ته والٽئر عدالت کان اهو تسليم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته زان ڪيلاس بي ڏوهي هيو ۽ ٽائوس جي عدالت جنهن زان ڪيلاس کي موت جي سزا ڏئي ڦاهي تي لڙڪايو هيو، هڪ وڏي شرمندگيءَ سان همڪنار ٿي وئي.

جيئن ئي زان ڪيلاس جو مقدمو کٽيو ويو، اهي سڀ ماڻهو والٽئر وٽ اچي گڏ ٿيا جن سان قانوني ناانصافيون ٿيون هيون، والٽئر انهن سڀني کي پنهنجا حق وٺرائي ڏنا. هن کي سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ ان ڳالهه تي ايندي هئي ته ڪليسا کي اهڙا اختيار ڇو آهن، جن تحت اهي ڪليسائي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهوءَ کي عذاب پهچائڻ کان وٺي ويندي ڦاسي چاڙهڻ تائين خودمختيار هيا. هن مطالبو ڪيو ته مذهب کي سياست ۽ قانون کان الڳ ڪيو وڃي. مذهب جو ڪم صرف روحاني اصلاح تائين محدود ڪيو وڃي، جيستائين گناهن جو تعلق آهي ته انهن جي سزا مذهبي طرح خدا وٽ هجڻ گهرجي، ڪليسا کي خدائيءَ جو حق نه ٿو پهچي، جيستائين قانون جو تعلق آهي ته هر ڪنهن کي قانون سان محبت هئڻ گهرجي ۽ جيڪو شخص ان جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ان کي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت نه آهي.

فرانس ۾ واپسي[سنواريو]

مرڻ کان پهريون والٽئر جي دل ۾ هڪ دفعو وري فرانس کي ڏسڻ جي خواهش پيدا ٿي.

ڊسمبر 1777ع ۾ هڪ ڏينهن پئرس جي هڪ محصول چوڪيءَ وٽ هڪ آفيسر ڪنهن گاڏي کي چڪاس لاءِ روڪيو. هن ان گاڏيءَ ۾ اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪا ناجائز شيءِ ته ان ۾ موجود نه آهي. گاڏيءَ جي اندران هڪ ڪمزور ۽ جهيڻو آواز آيو.”هن گاڏيءَ ۾ مون کان سواءِ ڪا به ناجائز شيءِ موجود نه آهي“. چنگيءَ جي آفيسر گاڏيءَ جي دريءَ مان ليئو پائي اندر ويٺل پوڙهي شخص کي نهاريو ۽ هن جي ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. ”توهان موسيو والٽئر؟“ ان آفيسر چيو، والٽئر جو پوڙهو منهن هاڻي ڪنهن لاءِ به اڻ ڄاتل نه رهيو هيو، لکين ماڻهو ان شڪل کي ڏسي سڃاڻي ويندا هيا ته اهو پوڙهو آزاديءَ جو ڪرڻو والٽئر آهي.

پئرس جا لکين ماڻهو پنهنجي محبوب رهنما جي آجيان لاءِ گڏ ٿي ويا. اها ئي نيشنل اڪيڊمي جنهن روايتن جي پابندي ڪندي والٽئر کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هيو، هن لاءِ عزت جا دروازا کولي ڇڏيا ”ڪوميڊي فرانسيسي“. جي عمارت ۾ هن عظيم ڊرامانگار جي آجيان ڪرڻ لاءِ پوري ڪاسٽ جمع ٿي وئي ۽ هن جو آخري ڊرامو اتي ئي پيش ڪيو ويو، جنهن جو اڀ ڏاريندڙ نعرن سان اختتام ٿيو.

گهر جتي والٽئر جو موت ٿيو

مئي 1778ع ۾ والٽئر هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. ڪليسا جي پادرين هن جي لاش کي دفن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٿي سگهي ٿو هن جي لاش سان به اها ئي حالت ٿي ها جيڪا مشهور اداڪارا ليڪوريٽر جي لاش سان ٿي هئي، پر والٽئر جا دوست هن جي لاش کي ڪجهه اهڙي نموني سنڀاليندا کڻي هليا ويا جو سپاهين کي اهو دوکو ٿيو ته والٽئر جيئرو آهي. شهر کان ٻاهر تڪڙ ۾ پروقار طريقي سان والٽئر کي دفن ڪيو ويو.

والٽئر مري چڪو هيو پر نظرياتي طرح هو فرانس جي عوام ۾ جيئرو هيو. هن جي ان نعري نيٺ پنهنجو اثر ڏيکاريو ته ”اي انسانو سجاڳ ٿيو ۽ پنهنجا زنجير ٽوڙي ڇڏيو.

1791ع ۾ فرانس ۾ انقلاب رونما ٿيو ته والٽئر جو لاش کوٽي ڪڍي ان کي عزت ۽ احترام سان پئرس آندو ويو ۽ پوري رات بيسٽل جي کنڊرن تي فاتحانا انداز ۾ رکيو ويو. اڍائي لکن جي عوامي جلوس گهوڙن تي سوار ۽ پيدل فوجي دستن سان گڏ فرانس جي هن عظيم انقلابي کي پوري رات سلامي پيش ڪئي ۽ پوءِ هن جي لاش کي پيانٿيال ۾ دفن ڪيو ويو، جتي فرانس جون عظيم هستيون دفن آهن.[15]

حوالا[سنواريو]

  1. Voltaire
  2. 2.0 2.1 2.2 https://cs.isabart.org/person/35933 — اخذ شدہ بتاریخ: 1 اپريل 2021
  3. 3.0 3.1 François Marie dit VOLTAIRE Arouet
  4. 4.0 4.1 4.2 full work available at URL: http://feb-web.ru/feb/kle/ — عنوان : Краткая литературная энциклопедия — ناشر: The Great Russian Encyclopedia
  5. 5.0 5.1 full work available at URL: http://feb-web.ru/feb/kle/ — اخذ شدہ بتاریخ: 28 سيپٽمبر 2015 — مدیر: Alexander Prokhorov — عنوان : Большая советская энциклопедия — اشاعتسوم — باب: Вольтер — ناشر: The Great Russian Encyclopedia
  6. SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6xs5t6n — subject named as: Voltaire — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  7. Itaú Cultural ID: https://enciclopedia.itaucultural.org.br/pessoa360244/voltaire — subject named as: Voltaire — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مصنف: Itaú Cultural — ناشر: Itaú Cultural — ISBN 978-85-7979-060-7
  8. Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/voltaire — subject named as: Voltaire
  9. Gran Enciclopèdia Catalana ID (former scheme): https://www.enciclopedia.cat/ec-gec-0071565.xml — subject named as: Voltaire — عنوان : Gran Enciclopèdia Catalana — ناشر: Grup Enciclopèdia
  10. https://libris.kb.se/katalogisering/rp3520m91f4fp46 — اخذ شدہ بتاریخ: 24 آگسٽ 2018 — شائع شدہ از: 8 جُونِ 2017
  11. 11.0 11.1 past Fellow of the Royal Society ID: https://catalogues.royalsociety.org/CalmView/Record.aspx?src=CalmView.Persons&id=NA8020 — عنوان : Past Fellows database
  12. 12.0 12.1 BeWeb person ID: https://www.beweb.chiesacattolica.it/persone/persona/1427/ — اخذ شدہ بتاریخ: 15 فيبروري 2021
  13. full work available at URL: https://www.bartleby.com/lit-hub/library — مدیر: Charles Dudley Warner — عنوان : Library of the World's Best Literature
  14. CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/6677859
  15. "http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=696".  External link in |title= (مدد);