والٽئر
| والٽئر | |
|---|---|
| (فرانسيسي ۾: Voltaire) | |
| معلومات شخصيت | |
| ڄم جو نالو | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | |
| رڪن | |
| عملي زندگي | |
| پيشو | |
| مادري ٻولي | فرانسيسي ٻولي |
| ڪم جي ٻولي | |
| دلچسپي | |
| مؤثر | زرتشت ،ڪنفيوشس ،ميگيل ڊي سروانٽس ،ولیم شیڪسپیئر ،افلاطون ،جان لاڪ ،آئزڪ نيوٽن |
| تحريڪ | آزاد خيال ،روشن خياليءَ جو دور |
| اعزازات | |
| دستخط | |
| ويب سائٽ | |
| ترميم | |
فرينڪوئي ميري اروٽ (انگريزي ٻولي: Voltaire) (21 نومبر 1694 - 30 مَئي 1778ع) پيرس ۾ پيدا ٿيو، بعد ۾ هِن جو نالو والٽئر رکيو ويو، هي پنهنجي ڏاهپ سبب فرانسيسي روشن خيال ليکڪ، تاريخدان ۽ فلسفي طور مشهور ٿيو، هي بهترين تنقيدنگار ٿي گذريو، پاڻ عيسائيت، خاص طور تي ڪيٿولڪ چرچ مٿان تنقيد، دين کان آزاديءَ، اظهار جي آزادي، مذهب ۽ سياست کي الڳ لڳ ڪرڻ جو حمايتي هو. والٽئر هڪ مستحڪم ۽ اهميت رکندڙ ليکڪ هيو، هِن تقريبن ادبي روپ سان گڏوگڏ بيت، ناول، مضمون، تاريخي، ۽ سائنسي ڪم پڻ ڪيا. هِن 20،000 هزار کان وڌيڪ خط ۽ 2000 کان وڌيڪ ڪتاب ۽ پمفليٽ لکيا، هِي سماج جي آزادي جو بااختيار وڪيل پڻ هيو، ڳالهيون اهڙيون هونديون هيس جو ماڻهو هِن جي ڳالهين تي چڙندا هُئا پر سچ هجڻ ڪري ان کي نندي به نه سگهندا هيا.
زندگي بابت
[سنواريو]والٽئر جڏهن اسڪول ڇڏيو، هن فيصلو ڪيو ته هو ليکڪ ٿيندو، جيڪو هِن جي پيءُ جي خواهشن جي سخت خلاف هيو، هُن جو چوڻ هيو ته والٽئر وڪيل ٿئي، هن جي پيءُ کي ان ڳالهه جي پهرين ئي خبر هئي ته والٽئر ننڍي هوندي کان ئي لکڻ طرف راغب آهي، جڏهن هِن کي خبر پئي ته والٽئر پنهنجو گھڻو وقت پيرس ۾ نوٽس ۽ شاعري کي ڏيندو آهي ته هن والٽئر کي زبردستي قانون پرهائڻ لاءِ موڪليو پر پوءِ به والٽئر لکڻ جاري رکيو، هِن ڪيترائي مضمون ۽ تاريخي اڀياس لکيا، 1713ع ۾ هن جي پيءُ جڏهن هِن کي سفارتي نمائندي جي طور هالينڊ موڪليو، پر هن اتي سفارتي ضابطن کي ٽوڙي ڇڏيو، هن کي هالينڊ جي شهر هيگ ۾مظاهرو ڪندڙ فرانسيسي پناهگير ڇوڪري ڪيمٿين الاولپپ ڊيوور سان زندگيءَ ۾ پهريون عشق ٿيو، هن چاهيو پئي ته شادي کان سواءِ پنهنجي محبوبا کي فرانس وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿئي پر سفارتي سطح تي جڏهن اها خبر عام ٿي ته هن کي ڏاڍو خوار ۽ خراب ڪيو ويو ۽ هن کي تمام وڏي ذلت سان وطن واپس موڪليو ويو.

هن فرانس اچي وري لکڻ پڙهڻ شروع ڪيو، هن هڪ سچي قلمڪار جي حيثيت سان اهو ڪجهه لکيو جيڪو ان وقت جي حڪومت لاءِ پريشاني جو سبب بڻيو، والٽئر جي شروعاتي زندگي گھڻو ڪري پيرس جي چوڌاري گذري، شروعات کان وٺي والٽئر جي تنقيدي لکڻين حڪومت کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو، ان جي نتيجي ۾ هِن کي ٻه ڀيرا جيل جي سزا ٻڌائي وئي، والٽئر جي دوستن هِن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڀڄ ڊوڙ شروع ڪئي ۽ انهن کي والٽئر کي آزاد ڪرائڻ ۾ يارهن مهينا لڳي ويا، جڏهن فرانس جي ان وقت جي سڀ کان وڏي اداڪارا ايڊرني ليڪوريٽر سڪرات جي حالت ۾ هئي تڏهن والٽئر کي خبر پئي ته پادري هن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪري رهيا آهن ته هوءَ مرڻ کان اڳ پنهنجي فن کي گند سڏي خدا کان معافيءَ جي طلبگار ٿئي جيئن ان جي روحاني ڇوٽڪاري لاءِ دعا گهري سگهجي. ان زماني ۾ ڪلاڪارن سان ائين ٿيندو هيو ته مرڻ وقت انهن کي پنهنجي ڪلاڪار طور گهاريل زندگيءَ کي گناهه قرار ڏئي معافيءَ تي مجبور ڪري انهن کان اهو اقرار ڪرايو ويندو هيو ته واقعي انهن پنهنجي زندگي گناهن ۾ بسر ڪئي آهي جنهن لاءِ ڇوٽڪاري جي دعا گهري وڃي. سڪرات جي حالت ۾ به سخت لفظن ۾ ان ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ته ڪو هن جي زندگي ڪنهن گناهه جو حصو هئي. هن جي اها ڳالهه ٻڌي پادري هن جي روحاني ڇوٽڪاري جي دعا گهرڻ بنا ائين ئي هليا ويا ۽ پوليس ان جي لاش کي دفن ڪرڻ کان اڳ زوريءَ کڻي وڃي هڪ کڏ ۾ اڇلائي مٿان چوني جو ليپو ڪرائي ڇڏيو. والٽئر جي دل ۾ ان ڏينهن کان مذهب خلاف نفرت پيدا ٿي ۽ مذهب خلاف هن جي اها نفرت نه ڪو فرانس ۽ مسيحت تائين محدود رهي، پر هر اهو ظلم جيڪو پروٽسٽنٽ فرقي کان ٿيندو هيو يا ڪيٿولڪ فرقي کان، فرانس ۾ ٿيندو هيو يا فرانس کان ٻاهر، والٽئر ان ظلم خلاف هڪ آواز بڻجي اٿندو هيو. هو چوندو هيو ته ”جيڪو شخص مونکي ائين چوي ٿو ته منهنجي عقيدي تي ايمان آڻ نه ته خدا توکي تباهه ڪري ڇڏيندو، اهو دراصل ائين چوي ٿو ته منهنجي عقيدي تي ايمان آڻ نه ته مان توکي تباهه ڪري ڇڏيندس“. جڏهن ٻئي دفعي گرفتار ڪري ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي ان شرط تي ڇڏيو ويو ته فرانس کي ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ هليو ويندو. هن کي تمام مجبوريءَ جي حالت ۾ فرانس ڇڏي برطانيه روانو ٿيڻو پيو.
برطانيه جو سفر
[سنواريو]1726ع ۾ هو هڪڙي ”ديٽ سنڊي“ جي ڏينهن برطانيا پهتو ۽ هن ٽيمز درياهه وارو مشهور جشن ڏٺو. پنهنجي برطانوي زندگيءَ ۾ هو ويسٽ منسٽر ايبي ۾ سر آئزڪ نيوٽن جي دفنائڻ واري منظر کان ڏاڍو متاثر ٿيو، اهو ان ڪري جو ان وقت فرانس نه ته ڪنهن سائنسدان کي نائٽ جو اعزاز ڏنو هيو ۽ نه ڪنهن کي اهڙي پروقار طريقي سان دفنايو ويو هيو. هو انگريز قوم جي ان ڳالهه کان تمام متاثر ٿيو ته انگريز قوم جيئرن شاعرن ۽ دانشورن کي به اهڙي ئي عزت ۽ احترام سان ڏسي ٿي، جيئن ملٽن ۽ شيڪسپيئر کي. برطانوي پارليامينٽري نظام جي قوت ۽ آزادي کي ڏسي هن کي اتان گهڻو ڪجهه پرائڻ جو موقعو مليو، برطانوي انصاف ۽ عدالتن جي طور طريقن کي ڏسي هن کي حيرت ٿي ته فرانس جي مقابلي ۾ برطانوي سماج ڪيترو نه حقيقت تي مبني ۽ اتان جي عوام جو ڪنهن حد تائين ترجمان آهي. جتي والٽئر برطانيه جي پارليامينٽري ۽ عدالتي نظام کان متاثر ٿيو اتي هن برطانوي سرمائيڪاريءَ جا جديد گر به سکيا. هن محسوس ڪيو ته برطانيه جو سرمائيدار ۽ ڪاروباري ماڻهو ڪيترو نه ذهين ۽ پنهنجي ڪاروباري وسعت لاءِ صحيح اڳڪٿي ڪندڙ آهي، هن برطانوي سرمائيڪاري نظام کان اهو ڪجهه پرايو جو هن کي فرانس واپس اچڻ کان پوءِ پاڻ کي مالي طرح مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪا به ڏکيائي محسوس نه ٿي.
1729ع ۾ جڏهن والٽئر پنجٽيهن سالن جو هو ته هن کي فرانس واپس اچڻ جي اجازت ملي ۽ جڏهن هو فرانس واپس پهتو ته هن کي ڪنهن به مالي دشواري جو منهن نه ڏسڻو پيو، جڏهن هن کي هڪ رياضي دان کان اها خبر پئي ته هن سال سرڪاري خزاني جي سربراهه کان قومي لاٽريءَ جي ٽڪيٽن جي جاري ڪرڻ ۾ غلطي ٿي آهي ته والٽئر هڪ سنڊيڪيٽ تشڪيل ڏني جنهن سمورين ٽڪيٽن کي خريد ڪري ورتو. جڏهن قومي خزاني جي سربراهه کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ته هن لاٽريءَ جي رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر والٽئر ان خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن کي اڍائي لک ڊالرن جيڏي وڏي رقم ملي وئي. ايتري عقلمندي دنيا جي ڪنهن اديب يا شاعر ۾ مشڪل سان نظر ايندي پر والٽئر اهو سڀ برطانوي ڪاروباري نظام مان پرايو هيو. ان وڏي رقم مان هن هندستان، آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن مال موڪلڻ واري ڪاروبار جي شروعات ڪئي.
1734ع کان 1749ع تائين هو ايملي مارڪوئيس سان گڏ رهيو جيڪا هڪ نواب جي طلاق ڏنل زال هئي. هن جي دوستن ۾ حسين اداڪارا ليڪوئر کان وٺي ويندي هڪ ڇوڪريءَ سان پڻ تعلقات هيا جنهن کي هو پيار مان ”ملن“ سڏيندو هيو. والٽئر انسان ذات جي آزادي ۽ ان جي ڪرتوتن ۽ عملن کي ناجائز ذريعن سان دٻائڻ جي خلاف هيو پر هن جون ڪجهه ڪمزوريون به هيون، هو پاڻ پڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هيو. هر ٿوري ڳالهه تي هو جذباتي ٿي ويڙهه تي لهي ايندو هيو، جڏهن جان ڇڏائڻ لاءِ ڪو چاڙهو نه ڏسندو هيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ به دير نه ڪندو هيو. جڏهن اهڙي خطري ۾ وڪوڙجي ويندو هيو جنهن مان جان بچائڻ جي اميد نه هوندي هيس ته پوءِ اتان ڀڄڻ ۾ به دير نه ڪندو هيو. ڪڏهن ڪنهن اڻ وڻندڙ صورت حال کان بچڻ لاءِ پاڻ کي بيمار تصور ڪندو هيو يا ڪوڙ ۾بيمار ٿي پوندو هيو. ان جي باوجود والٽئر جو اخلاقي تصور انهن ماڻهن کان گهڻو مٿي هيو جيڪي هن جي ڪردار کي ننديندا هيا.
سئزرلينڊ جو سفر
[سنواريو]1755ع ۾ هن پيرسن فلسفيءَ دنيا جي هڪ آزاد جمهوري ملڪ سئزرلينڊ ۾ پناهه ورتي. هن هر ايندڙ ملاقاتيءَ جو فرشتن جهڙي مرڪ سان استقبال ڪيو. ڪافيءَ جا دور هلندا ها ۽ والٽئر راتين جو دير تائين انهن محلفن ۾ جيڪي يورپ ۾ مثالي تصور ڪيون وينديون هيون، ماڻهو ٽي ڏينهن رهڻ لاءِ ايندا هيا ۽ ٽي ٽي مهينا ٽڪي پوندا هيا. ”خدا مون کي منهنجي دوستن کان محفوظ رکي“. والٽئر ٿڌو ساهه کڻي چوندو هيو، ”دشمنن سان ته مان پاڻ ئي نبري پوندس“.

هن جون سخاوتون هن جي مهمان نوازيءَ جي بنسبت لڪل هونديون هيون. ڪيترائي غريب ۽ مسڪين، سياسي يا مذهبي جنون جو شڪار ٿي هن جي در تي ايندا هيا، والٽئر اهڙن ماڻهن لاءِ باقاعدي گهر اڏائڻ شروع ڪيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اتي هڪ ڳوٺ آباد ٿي ويو. هن ڳوٺ جي ماڻهن کي انهن جي صلاحيتن مطابق ڌنڌا کولي ڏنا، انهن ۾ گهڻا ماڻهو گهڙي سازيءَ جو ڪم ڄاڻيندا هيا، والٽئر جلد گهڙي سازيءَ جي ڪاروبار جو سيلز ايجنٽ بڻجي ويو، هو پنهنجي ماڻهن جون ٺاهيل گهڙيون ٻين جي مقابلي ۾ ٽين حصي جيتري رقم جي رعايت سان وڪڻندو هيو، جنهن ڪري هن جو اهو ڪاروبار ڄمي هلڻ لڳو، انهن گهڙين جا اشتهار هو پاڻ لکندو هيو، جيڪڏهن اڄ اهو اشتهار ڪنهن وٽ محفوظ آهي ته اهو بي بها آهي.
والٽئر چاهي ها ته پنهنجي پيريءَ جا ڏينهن ڏاڍي آرام سان گذاري ها، هو دنيا جو امير ترين ماڻهو هيو پر هن جي حق لاءِ وڙهندڙ طبيعت هن کي هڪ دفعو وري سڪون سان ويهڻ نه ڏنو.
1762ع ۾ جڏهن ٽونور جا مذهبي جنوني ان شهر ۾ چار هزار ماڻهن جي قتل جي ٻه سوئين ورسي ملهائي رهيا هئا جن کي مذهبي جنون تحت قتل ڪيو ويو هيو ته هڪ نوجوان شخص کي ڦاسيءَ تي لٽڪيل ڏٺو ويو. هر طرف اهي ئي چئمگويون گشت ڪري رهيون هيون ته اهو نوجوان رومن ڪيٿولڪ هيو جيڪو پروٽسٽنٽ ٿيڻ چاهي پيو. مذهبي جنونين ان ڳالهه کي غلط نموني سان پيش ڪيو، انهن راءِ ڏني ته ان نوجوان کي پنهنجي پيءُ زان ڪيلاس جيڪو هڪ ڪمزور ۽ شريف ماڻهو هيو ڦاسي ڏني آهي، جنهن کان پوءِ زان ڪيلاس تي گهڻو تشدد ڪيو ويو. جڏهن ته هن ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪو هن پنهنجي پٽ کي ڦاسيءَ جي تختي تي چاڙهيو آهي تڏهن به هن کي ناحق موت جي سزا ڏني وئي، نه صرف ايترو پر پوري زان ڪيلاس گهراڻي کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
والٽئر ان معاملي ۾ دلچسپي ورتي ۽ قانون جا بخيا اڊيڙڻ شروع ڪيا. هن تعزيراتي قانونن جي حقيقت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، جيڪا نه صرف فرانس پر پوري يورپ ۾ رائج هئي. انهن قانونن جي تحت جيوريءَ جو ڪو به تصور نه هيو. ملزم کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ وڪيل جو حق نه هيو. ان جي حمايت ۾ ڪا به شهادت قبول نه ڪئي ويندي هئي. الزام لڳائڻ وارا لڪيل طريقي شهادت ڏيندا هيا. والٽئر کي اهو به معلوم ٿيو ته گهڻا فوجداري قانون لکت ۾ موجود نه آهن، اهي صرف وڪيلن جي حافظي تائين محدود هيا ۽ اهي جڏهن ڪنهن کي سزا ڏياريندا هيا ته پنهنجي حق ۾ انهن قانونن جي تشريح ڪندا هيا. ان زماني جي سرمائيدار ۽ اثر و رسوخ واري طبقي کي اهڙن قانونن جي دهشت گردين جو ڪو به علم نه هيو، اهي ان مان مطمئن هيا ۽ سمجهندا هيا ته غريب جن کي سزائون ملن ٿيون اهي قدرتي طور ڏوهي آهن، والٽئر پنهنجي تمام اثر رسوخ ۽ دولت جي زور تي ان معاملي کي پنهنجن هٿن ۾ کنيو. ٽن سالن تائين بقول هن جي هن کي مرڪڻ جيتري مهلت به نه ملي. هن جي راتين جي ننڊ حرام ٿي وئي، هن جي هر گهڙي قانون جي ماهرن، ڪليسيا جي وارثن ، بادشاهن ۽ يورپ جي پريس تي ان مطالبي ۾ گذرندي هئي ته زان ڪيلاس جي مقدمي کي ٻيهر هلايو وڃي، عوام جو ان تي وڏو ردعمل ٿيو ۽ نيٺ بادشاهه مجبور ٿي والٽئر جو اهو مطالبو منظور ڪيو. زان ڪيلاس جي موت کان پوءِ جڏهن ان جي مقدمي جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي ته والٽئر عدالت کان اهو تسليم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته زان ڪيلاس بي ڏوهي هيو ۽ ٽائوس جي عدالت جنهن زان ڪيلاس کي موت جي سزا ڏئي ڦاهي تي لڙڪايو هيو، هڪ وڏي شرمندگيءَ سان همڪنار ٿي وئي.
جيئن ئي زان ڪيلاس جو مقدمو کٽيو ويو، اهي سڀ ماڻهو والٽئر وٽ اچي گڏ ٿيا جن سان قانوني ناانصافيون ٿيون هيون، والٽئر انهن سڀني کي پنهنجا حق وٺرائي ڏنا. هن کي سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ ان ڳالهه تي ايندي هئي ته ڪليسا کي اهڙا اختيار ڇو آهن، جن تحت اهي ڪليسائي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهوءَ کي عذاب پهچائڻ کان وٺي ويندي ڦاسي چاڙهڻ تائين خودمختيار هيا. هن مطالبو ڪيو ته مذهب کي سياست ۽ قانون کان الڳ ڪيو وڃي. مذهب جو ڪم صرف روحاني اصلاح تائين محدود ڪيو وڃي، جيستائين گناهن جو تعلق آهي ته انهن جي سزا مذهبي طرح خدا وٽ هجڻ گهرجي، ڪليسا کي خدائيءَ جو حق نه ٿو پهچي، جيستائين قانون جو تعلق آهي ته هر ڪنهن کي قانون سان محبت هئڻ گهرجي ۽ جيڪو شخص ان جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ان کي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت نه آهي.
فرانس ۾ واپسي
[سنواريو]مرڻ کان پهريون والٽئر جي دل ۾ هڪ دفعو وري فرانس کي ڏسڻ جي خواهش پيدا ٿي.
ڊسمبر 1777ع ۾ هڪ ڏينهن پئرس جي هڪ محصول چوڪيءَ وٽ هڪ آفيسر ڪنهن گاڏي کي چڪاس لاءِ روڪيو. هن ان گاڏيءَ ۾ اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪا ناجائز شيءِ ته ان ۾ موجود نه آهي. گاڏيءَ جي اندران هڪ ڪمزور ۽ جهيڻو آواز آيو.”هن گاڏيءَ ۾ مون کان سواءِ ڪا به ناجائز شيءِ موجود نه آهي“. چنگيءَ جي آفيسر گاڏيءَ جي دريءَ مان ليئو پائي اندر ويٺل پوڙهي شخص کي نهاريو ۽ هن جي ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. ”توهان موسيو والٽئر؟“ ان آفيسر چيو، والٽئر جو پوڙهو منهن هاڻي ڪنهن لاءِ به اڻ ڄاتل نه رهيو هيو، لکين ماڻهو ان شڪل کي ڏسي سڃاڻي ويندا هيا ته اهو پوڙهو آزاديءَ جو ڪرڻو والٽئر آهي.
پئرس جا لکين ماڻهو پنهنجي محبوب رهنما جي آجيان لاءِ گڏ ٿي ويا. اها ئي نيشنل اڪيڊمي جنهن روايتن جي پابندي ڪندي والٽئر کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هيو، هن لاءِ عزت جا دروازا کولي ڇڏيا ”ڪوميڊي فرانسيسي“. جي عمارت ۾ هن عظيم ڊرامانگار جي آجيان ڪرڻ لاءِ پوري ڪاسٽ جمع ٿي وئي ۽ هن جو آخري ڊرامو اتي ئي پيش ڪيو ويو، جنهن جو اڀ ڏاريندڙ نعرن سان اختتام ٿيو.

مئي 1778ع ۾ والٽئر هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. ڪليسا جي پادرين هن جي لاش کي دفن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٿي سگهي ٿو هن جي لاش سان به اها ئي حالت ٿي ها جيڪا مشهور اداڪارا ليڪوريٽر جي لاش سان ٿي هئي، پر والٽئر جا دوست هن جي لاش کي ڪجهه اهڙي نموني سنڀاليندا کڻي هليا ويا جو سپاهين کي اهو دوکو ٿيو ته والٽئر جيئرو آهي. شهر کان ٻاهر تڪڙ ۾ پروقار طريقي سان والٽئر کي دفن ڪيو ويو.
والٽئر مري چڪو هيو پر نظرياتي طرح هو فرانس جي عوام ۾ جيئرو هيو. هن جي ان نعري نيٺ پنهنجو اثر ڏيکاريو ته ”اي انسانو سجاڳ ٿيو ۽ پنهنجا زنجير ٽوڙي ڇڏيو.
1791ع ۾ فرانس ۾ انقلاب رونما ٿيو ته والٽئر جو لاش کوٽي ڪڍي ان کي عزت ۽ احترام سان پئرس آندو ويو ۽ پوري رات بيسٽل جي کنڊرن تي فاتحانا انداز ۾ رکيو ويو. اڍائي لکن جي عوامي جلوس گهوڙن تي سوار ۽ پيدل فوجي دستن سان گڏ فرانس جي هن عظيم انقلابي کي پوري رات سلامي پيش ڪئي ۽ پوءِ هن جي لاش کي پيانٿيال ۾ دفن ڪيو ويو، جتي فرانس جون عظيم هستيون دفن آهن.[1]
اثاثا
[سنواريو]ڪتاب
[سنواريو]- Barr, Mary Margaret Harrison. A Century of Voltaire Study. À Bibliography of Writings on Voltaire, 1825-1925, New York: B. Franklin, 1972.
- ميري مارگريٽ هيريسن. وولٽيئر جي چاليهه سال جي مطالعي: وولٽيئر تي ڪتابن ۽ مضمونن جي هڪ تجزياتي ببليوگرافي، 1926–1965*، پيرس: اي. ڪولن، 1968.
- بينگيسڪو، جارج. وولٽيئر: سندس ڪمن جي هڪ ببليوگرافي، پيرس: پيرين، 1882–1890.
- بيسٽرمين، ٿيوڊور. وولٽيئر: سندس ڪمن جي هڪ ببليوگرافي، بينبري: وولٽيئر فائونڊيشن، 1973.
- اسپيئر، فريڊرڪ اي.، ايلزبيٿ ڪريگر جي شرڪت سان. *وولٽيئر سان لاڳاپيل لکڻين جي هڪ تجزياتي ببليوگرافي: 1966–1990، آڪسفورڊ: وولٽيئر فائونڊيشن، 1992.
مطالعو
[سنواريو]- اينڊري بيلسورٽ، "ايس آن وولٽيئر،" پيرين، 1938.
- جارجس بلهوت، "بليٽن آف دي ايبيويل سوسائٽي آف ايموليشن،" جلد XX، شمارو 2، 1957.
- گائي چوسينند-نوگارٽ، "وولٽيئر اينڊ دي ايج آف اينلائنمينٽ،" برسلز، ايڊيشن ڪمپليڪس، 1994.
- پال ڪينيسٽ-ڪارنوٽ، صدر ڊي بروسس ۽ وولٽيئر جي وچ ۾ جهڳڙو (1888).
- يوگين نوئل، "وولٽيئر ايٽ فرني،" بريئر ايٽ فلز، روئن، 1867.
- ميڪس گيلو، "آءِ رائيٽ ٽو ايڪٽ: دي لائف آف وولٽيئر،" پيرس، فيارڊ، 2008.
- جين گولڊزنڪ، "وولٽيئر، دي ليجنڊ آف سينٽ اروئيٽ،" پيرس، گيليمارڊ، 1989.
- فرانسوا جيڪب، "وولٽيئر،" فوليو بايوگرافيز سيريز، گيليمارڊ، 2015. * رينن لارو، "وولٽيئر جي ڪمن ۾ سبزي خور (1762-1778)،" اٺين صدي، 2010.
- پيئر ليپيپ، "وولٽيئر دي ڪانڪرر: دي برٿ آف انٽليڪٽوز ان دي ايج آف انٽليڪٽوڪس،" پيرس، سيول، 1997.
- ويرونڪ لي رو، "وولٽيئر نيوٽونين. سائنس لاءِ هڪ فلسفي جي جنگ، پيرس، 2005 ISBN 978-2-7117-5374-1
- زيويئر مارٽن، والٽيئر دي نامعلوم: روشنيءَ جي انسانيت جا پوشيده پهلو (1750-1800)، پيرس، ڊومينڪ مارٽن مورين، 2006 ISBN 978-2-85652-303-2
- ايلين مارٽن-هاگ، والٽيئر. ڪارٽيزينزم کان روشنيءَ تائين، پيرس، ورن، 2002 ISBN 978-2-7116-1537-7
- سلوين ميننٽ، "وولٽيئر جي جمالياتيات"، پيرس، SEDES، 1995 ISBN 978-2-7181-1555-9
- Guillaume Métayer، "Nietzsche and Voltaire." "تمدن جي روح جي آزادي تي،" پيرس، فلاماريون، 2011. ISBN 978-2-08-124925-7
- پيئر ملزا، "وولٽيئر،" پيرين، 2007، ISBN 978-2-262-02251-8
- جين اوريڪس، "وولٽيئر،" فلاماريون، 1966
- ڪرسٽوفي پيلارڊ، "والٽيئر ايٽ هز شيٽو ڊي فرني،" پيرس، ايڊيشنس دو پيٽريموئن، 2010 ISBN 978-2-7577-0027-3 * راجر پيريفٽ، "وولٽيئر، سندس جواني ۽ سندس وقت،" البن مشيل، 1985
هوميج
[سنواريو]
وولٽيئر کي ٽرپل هوميج (ڪوائي ڊي وولٽيئر، هوٽل ڊي ويلٽ)
- Rémy Bijaoui, Voltaire avocat. Calas, Sirven et autres affaires…, Paris, Tallandier, 1994 ISBN 978-2-23502-118-0
- François Jacob, Voltaire, collection Folio biographies, Gallimard, 2015, 319 p. ISBN 978-2-07046-139-4
- Frédéric Lachèvre, Voltaire mourant, enquête faite en 1778 sur les circonstances de sa dernière maladie publiée sur le manuscrit inédit et annotée, suivi de Le catéchisme des libertins du , Les quatrains du déiste ou l'anti-bigot, Honoré Champion libraire-éditeur, Paris, 1908 (lire en ligne)
- Véronique Le Ru, Voltaire newtonien. Le combat d’un philosophe pour la science, Paris, Vuibert/ADAPT, 2005 ISBN 978-2-7117-5374-1
- Sébastien Longchamp [Valet de chambre et copiste de Voltaire, de 1746 à 1751.], Anecdotes sur la vie privée de Monsieur de Voltaire. Texte établi par Frédéric S. Eigeldinger. Présenté et annoté par Raymond Trousson. Éditions Honoré Champion, 2009. , 344, relié, . ISBN 978-2-7453-1861-9
- Xavier Martin, Voltaire méconnu : aspects cachés de l’humanisme des Lumières (1750-1800), Paris, Dominique Martin Morin, 2006 ISBN 978-2-85652-303-2
- Éliane Martin-Haag, Voltaire. Du cartésianisme aux Lumières, Paris, Vrin, 2002 ISBN 978-2-7116-1537-7
- Sylvain Menant, Esthétique de Voltaire, Paris, SEDES, 1995 ISBN 978-2-7181-1555-9
- Guillaume Métayer, Nietzsche et Voltaire. De la liberté de l’esprit de la civilisation, Paris, Flammarion, 2011.ISBN 978-2-08-124925-7
- Pierre Milza, Voltaire, Perrin, 2007, ISBN 978-2-262-02251-8
- Jean Orieux, Voltaire, Flammarion, 1966
- Christophe Paillard, Voltaire en son château de Ferney, Paris, Éditions du Patrimoine, 2010 ISBN 978-2-7577-0027-3
- Jean van Win, Voltaire et la franc-maçonnerie sous l’éclairage des rituels du temps, Paris, Ed. Télètes, 2012 ISBN 978-2-90603-175-3.
- André Versaille (éd.), Dictionnaire de la pensée de Voltaire, Bruxelles, éditions Complexe, 1994
- Ghislain Waterlot, Voltaire : le procureur des Lumières, Paris, Michalon, 1996
- Voltaire, son œuvre en version audio 20px
- Voltaire (1694-1778), Écrivain, homme de théâtre et philosophe, Bibliothèque de Genève numérique
- Liste de poèmes satiriques attribués ou écrits par Voltaire.
- Un costume de Voltaire: quand la conservation préventive conduit à une enquête textile, Blog de la Bibliothèque de Genève
حوالا
[سنواريو]- ↑ "http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=696".
{{cite web}}: External link in(مدد); Missing or empty|title=|url=(مدد)
ٻاهرين لنڪس
[سنواريو]- "Al About Voltaire" ARTFL ويب سائيٽ تي
- فرني ۾ وولٽيئر جو قلعو
- وولٽيئر جا متن athena.unige.ch تي شايع ٿيا
- وولٽيئر، سندس ڪم آڊيو ورزن ۾

وولٽيئر جو هڪ لباس: جڏهن بچاءُ وارو تحفظ ڪپڙي جي تحقيق ڏانهن وٺي وڃي ٿو
- بهترين مضمون
- مضمون جن ۾ فرانسيسي ٻولي جو متن شامل آھي
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- وڪي ڊيٽا سانچو ۾ خرابي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- مؤثر شخصيتون وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- تحريڪ وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- Articles containing انگريزي-language text
- CS1 errors: external links
- CS1 errors: requires URL
- وولٽيئر
- شخصيتون
- فرانسيسي شخصيتون
- ليکڪ
- فلسفي
- ناول نگار
- فرانسيسي شاعر
- فرانسيسي ليکڪ
- فرانسيسي ڊائري ليکڪ
- مختصر ڪهاڻي ليکڪ
- فرانسيسي ترجمو ڪندڙ
- فرانسيسي انسان دوست
- فرانسيسي مذهب مخالف
- موت جي سزا جو مخالف
- فرانسيسي بحث مباحثو ڪندڙ
- خيالن جي تاريخ
- فلسفي جي تاريخ
- آزاد تقرير ڪارڪن
- سياسي فلاسافي
- قلمي نالو
- فرانسيسي ليکڪ جو مخفف
- شاعر جو مخفف
- فلسفي جو مخفف