نورڊڪ ملڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نورڊڪ ملڪ

نورڊڪ ملڪن جو مقام
نورڊڪ ملڪن جو مقام
گاديون
ٻوليون
جوڙجڪ
قیام
• نورڊڪ ڪائونسل جو افتتاح
12 فيبروري 1953
23 مارچ 1962
• نورڊڪ وزيرن جي ڪائونسل ۽ سيڪريٽريٽ جو افتتاح
جولاء 1971
پکيڙ
• جملي
3٬425٬804 km2 (1٬322٬710 sq mi) (7th)
آبادي
• 2019 اندازو
27,359,000 (49th)
• 2000 مردم شماري
24,221,754
•  گھاٽائي
7.62 /km2 (19.7 /sq mi) (225th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.6 کرب ڊالر[1] (19th)
• في سيڪڙو
$58,000 (13th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.6 کرب ڊالر (11th)

نورڊڪ ملڪ يا نورڊڪس(انگريزي: Nordic countries )[2] اتر يورپ ۽ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ جو جاگرافيائي ۽ ثقافتي خطو آھي جتي انھن کي عام طور تي نارڊن ( نادرن مان نڪتل: لفظي معنيَ: اتريون) سڏيندا آهن[3] ان خطي ۾ ڊينمارڪ، فن لينڊ، آئس لينڊ، ناروي، ۽ سويڊن وارن آزاد ۽ خودمختيار ملڪن سميت ڊينمارڪ جي بادشاھت ھيٺ خود اختيار ملڪ جھڙوڪ فيرو ٻيٽ (Faroe Islands) ۽ گرين لينڊ، فن لينڊ جي رياست ھيٺ خود اختيار خطو ائولنڊ ٻيٽَ، ناروي جي ميٽروپوليٽن علائقي جا بي اختيار خطا جان مايين ٻيٽ ۽ سوالبارڊ واري ٻيٽن جي جھرمٽ پڻ شامل آھن[4] ناروي جي بادشاھت جي ماتحت بُووَيٽ ٻيٽُ تمام پري واري جاگرافيائي بيھڪ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن نورڊڪ ملڪن واري جاگرافيائي خطي ۾ شمار نہ ٿيندو آهي. يورپ جي اترئين پاسي جا کوڙ علائقا اتر ۾ ھجڻ ۽ نورڊڪ ملڪن سان ثقافتي ۽ نسلي لاڳاپا ھجڻ باوجود نورڊڪ خطي ۾ شمار نہ ٿيندا آهن جن ۾ اسڪاٽ لينڊ جا نادرن آئلز ۽ اسٽونيا شامل آهن.
نورڊڪ ملڪ تاريخ ، مذھب، سماجي بناوٽ ۾ ھڪجھڙائي رکندڙ آھن ۽ انھن جي سياسي اتحادن ۽ باھمي ويجھڙائپ جي ھڪ ڊگھي تاريخ رھي آھي پر اھي سڀ ھن وقت ھڪ وجود واري حيثيت نہ ٿا رکن. اوڻويھين صديءَ ۾ ڊينمارڪ، ناروي ۽ سويڊن کي ھڪ ملڪ بڻائڻ لاءِ اسڪينڊينيويائي تحريڪ شروع ٿي. ويھين صديءَ ۾ فن لينڊ ۽ آئس لينڊ جي آزادي بعد ان تحريڪ جو دائرو وڌي جديد منظم نارڊن سھڪار ۾ تبديل ٿي ويو. جنھن بعد ھيلسنڪي واري معاهدي سان نورڊڪ ڪائونسل ۽ نورڊڪ وزيرن واري ڪائونسل وجود ۾ آيا. انگريزي ۾ اسڪينڊينيويا کي پڻ نورڊڪ ملڪن جو نعم البدل سمجھيو ويو ھو جيڪو دراصل ٽن ملڪن ڊينمارڪ، سويڊن ۽ ناروي جو جاگرافيائي نالو آهي ۽ نورڊڪ ملڪن جو حصو آهي[5][6][7][8][9]. نورڊڪ ملڪن جي گڏيل پکيڙ 3٬425٬804 ڪلوميٽرزچورس (1٬322٬710 sq mi) آهي. ان جو اڌ حصو برف ۽ گگليشيئرن تي مشتمل ھجڻ ڪري رھائش جي قابل ناھي. گرين لينڊ جو اڌ کان وڌيڪَ علائقو رھائش جي قابل ناھي. جنوري 2013ع ۾ نورڊڪ ملڪن جي آبادي 2,60,00,000 ھئي[10].

حوالا[سنواريو]

  1. "Report for Selected Countries and Subjects". www.imf.org. 
  2. "The next supermodel". The Economist. 2 February 2013. ISSN 0013-0613. https://www.economist.com/news/leaders/21571136-politicians-both-right-and-left-could-learn-nordic-countries-next-supermodel. Retrieved 15 October 2016. 
  3. Götz, Norbert (2003). "Norden: Structures That Do Not Make a Region". European Review of History: Revue Européenne d'Histoire 10 (2): 323–341. doi:10.1080/1350748032000140822. 
  4. "Fact about the Nordic region". وقت 9 March 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 March 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "Scandinavia". In Merriam-Webster's Online Dictionary. Retrieved 10 January 2008: "Scandinavia: Denmark, Norway, Sweden – sometimes also considered to include Iceland, the Faeroe Islands, & Finland." (Merriam-Webster Online Dictionary defines "Nordic" as an adjective dated to 1898 with the meaning "of or relating to the Germanic peoples of northern Europe and especially of Scandinavia.").
  6. "Scandinavia" (2005). The New Oxford American Dictionary, Second Edition. Ed. Erin McKean. Oxford University Press, ISBN 0-19-517077-6: "a cultural region consisting of the countries of Norway, Sweden, and Denmark and sometimes also of Iceland, Finland, and the Faroe Islands".
  7. Scandinavia (2001). The Columbia Encyclopedia, Sixth Edition. Retrieved 31 January 2007: "Scandinavia, region of N Europe. It consists of the kingdoms of Sweden, Norway, and Denmark; Finland and Iceland are usually, but incorrectly, considered part of Scandinavia".
  8. Scandinavia (2007). Encyclopædia Britannica. Retrieved 31 January 2007, from Encyclopædia Britannica Online: "Scandinavia, historically, part of northern Europe, generally held to consist of the two countries of the Scandinavian Peninsula, Norway and Sweden, with the addition of Denmark".
  9. Scandinavia آرڪائيو ڪيا ويا 2009-10-28 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.(2006). Microsoft Encarta Online Encyclopedia. Retrieved 30 January 2007: "Scandinavia (ancient Scandia), name applied collectively to three countries of northern Europe – Norway and Sweden (which together form the Scandinavian Peninsula), and Denmark". 1 November 2009.
  10. Munch Haagensen, Klaus (2013). Nordic Statistical Yearbook. Nordic Council of Ministers. p. 8. doi:10.6027/Nord2013-001. ISBN 978-92-893-2350-5. http://urn.kb.se/resolve?urn=urn:nbn:se:norden:org:diva-1661.