مدد:تعارف
تعارف | سِکو وڌيڪ بابت ترميم | ڳولهيو وڪيپيڊيا | تربيتي سبق |
![]() |
مدد:مندرجات |
وڪيپيڊيا کي جنوري 2001ع ۾ شروع ڪيو ويو هيو ۽ وڪيپيڊيا جي سنڌي نسخي، سنڌي وڪيچيڪلو جو بنياد 21هين فيبروري 2006ع تي جناب احسان احمد عرساڻيءَ وڌو. هن وقت سنڌي وڪيچيڪلو تي 18,537 مضمون لکجي چڪا آهن.ـ
سنڌي وڪيپيڊيا هڪ اهڙي آن لائن ويبسائٽ آهي جتي مختلف علمن تي وِکريل معلومات کي نه صرف ڪٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پئي پر ان ۾ واڌارو پڻ ڪيو پيو وڃي۔ منصوبو تمام وڏو بلڪي عظيم آهي، پر افرادي قوت ناپید آهي ٻين لفظن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي اهڙن واپرائيندڙن جي تمام گهڻي کوٽ آهي جيڪي سنڌي پڙهڻ لکڻ ڄاڻندڙ هجڻ سان گڏ هتي مضمون لکڻ، واڌارو ڪري سگهڻ ۾ اسان سان هث ونڊائين۔ سنڌي وڪيپيڊيا جو مقصد علم جي تمام شاخن کي عام ماڻهوءَ جي سمجهه جي مطابق بڻائي پيش ڪرڻ آهي ڇو ته اهوئي ترقيءَ جو اڪيلو رستو آهي۔ جيڪڏهن توهان وٽ به هن قطرو قطرو بڻجندڙ درياهه ۾ ٽٻڪڻ جي لاءِ ڪو موضوع، ڪا معلومات، ڪوئي لفظ هجي ته بنا ڪنهن هچڪچاهٽ جي شامل ڪريو ته اهڙي طرح هي درياهه، سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ اڳيان رنڊڪ بڻيل بنجر زمین کي سیراب ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو۔ ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ ۽ قوم جي ترقيءَ جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته اها قوم علم ۽ عمل جي ميدان ۾ ڪهڙي طرزعمل جو مظاهرو ڪري ٿي، ۽ سنڌي وڪيپيڊيا توهانکي اهو موقعو مهيا ڪري ٿي، جتي توهان نه صرف اهو ته علمي ميدان ۾ عملي طور تي بآساني سنڌي ٻوليءَ جو تشخص اجاگر ڪري سگهو ٿا گڏوگڏ خود پنهنجي شناخت پڻ بڻائي سگهو ٿا۔
وڪيپيڊيا ڇا آهي؟![Image of Wikipedia showing the edit link above the page title. Screen readers may show this under the "views" heading.](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/1/17/Sindhi_wiki_edit_welcom.png/250px-Sindhi_wiki_edit_welcom.png)
ياد رکو! اوهان وڪيپيڊيا کي بگاڙي نٿا سگھو، اوهان پاران هر ترميم ڪيل صفحو ٻيهر واپس يا سنواري سگھي ٿو. وڪيپيڊيا ۾ ناقص ترميم جي اجازت آهي، وڃو، ۽ ڪنهن مضمون کي سنواري وڪيپڊيا کي انٽرنيٽ جي اندر سٺي ڄاڻ وارو ذريعو بڻايو.
مدد: وڪيپيڊيا کي مفت ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر وڪيپيڊيا امدادي يا خيراتي پيسئن جي سهاري هلي ٿو. مهرباني کي ساڄي پاسي امداد ڏيو بثڻ جي ذريعي اسان جي مدد ڪيو.
چند فائدا
[سنواريو]- وڪيپيڊيا هڪ عالمگير ۽ گھڻ لساني ويبسائٽ آهي ۽ ان تي لکي ويندڙ توهان جي تحرير پڻ عالمگير هوندي، جنهن کي هر ڪوئي پڙهي سگھي ٿو.
- وڪيپيڊيا توهان کي ورلڊ وائيڊ ويب تي لامحدود فضا (space) مهيا ڪري ٿو، جنهن تي توهان جيتري قدر چاهيو پنهجي قلم جي صلاحيت استعمال ڪري سگهو ٿا۔
- وڪيپيڊيا توهانکي توهانجو ذاتي صفحو (تصويري خاڪو profile page) مهيا ڪري ٿو ، جنهن تي توهان پنهنجي باري ۾ آزادي سان ڪجهه به لکي سگھو ٿا.
- وڪيپيڊيا توهانکي قلمي دوستي مهيا ڪري ٿي جيڪو هر وقت ۽ هر مرحلي تي توهان سان گڏ هوندي۔
- وڪيپيڊيا توهانکي هر مشڪل تي فوري مدد فراهم ڪندي ته جيئن توهان پنهنجي تحرير لکڻي بخوبي مڪمل ڪري سگهو۔
- توهان جو جيڪو به مضمون جامع ۽ معیاري هوندو وڪيپيڊيا انکي چونڊيل مضمون جو درجو ڏئي ڪري مُک صفحو جي زينت بڻائيندي۔
- هر مضمون جي سوانح ۾ ترميم ڪندڙ جو نالو، هميشه جي لاءِ محفوظ ٿي ڪري تاريخ جي زينت بڻجندو۔ بي فڪر ٿي ڪري ڪابه تحرير يا ترميم ڪري سگهي ٿا ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي گهٻراهٽ يا فڪر کان ڪم نه وٺو — هن وڪيپيِڊيا ۾ هر ڪوئي تقريباً هر صفحي ۾ ترميم ڪري سگهي ٿو ۽ توهانکي پنهنجي ذهني ۽ تخليقي صلاحيتون استعمال ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي. پر ڌيان رهي، لِکڻ وارن (ڀاڱيدارن) کي به پنهنجي تحريرن لِکڻين ۾ معيار ۽ اخلاقي قدرن کي پيش نظر رکڻ گهرجي۔ جيڪڏهن ڪوئي نقص محسوس ٿئي ته انکي دور ڪري ڇڏيو، اگر ڪٿي ڪوئي هجِي، لفظ جي اچار جي غلطي نظر اچي ته انکي درست ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن ڪائي به گهٽتائي هجي ته انکي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو۔
ڇو نه ايڊيٽر کي هاڻي ئي آزمائڻ جي ڪوشش ڪريو؟
- هتي ڪلڪ ڪريو ترميم لاءِ مشڪ پٽي, ٽيڪسٽ ترميمن بڻائڻ جي لاءِ هڪ جڳهه. (جيڪڏهن هتي پهرئين کان ڪجهه لِکت آهي، متن جي آخر ۾ شامل ڪريو.)
- ڪجهه متن ٽائپ ڪريو،لکو.
- ڪلڪ پيش نگاه پنهنجين تبديلين جي جانچ ڪريو, يا صفحو سانڍيو ايئن لڳي ٿو جهڙي طرح اهو نظر اچي ته توهان خوش ٿي وڃو.