لاکاٽ
لاکاٽ | |
---|---|
سنڌ جي يونين ڪاؤنسل | |
Lakhat | |
جاگرافي بيهڪ: 25°02′17″N 68°31′18″E / 25.03806°N 68.52167°Eمڪانيت: 25°02′17″N 68°31′18″E / 25.03806°N 68.52167°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | ![]() |
ضلعو | ٽنڊو محمد خان |
لاکاٽ(انگريزي: Lakhat) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي ٽنڊو محمد خان جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو يو سي 6 لاکاٽ آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. لاکاٽ ھڪ ننڍڙو شھر آھي جيڪو ٽنڊو محمد خان جي ڏکڻ اولھ واري پاسي 8 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ھن يو سي ۾ لاکاٽ کانسواءِ ڳوٺ رمضان زئور، ڳوٺ شير محمد لانگاھ، ڳوٺ روشنائي، ڳوٺ حاجي محمد زئور، ڳوٺ حاجي لوھاڻو خان پڻ واقع آهن.
صحت[سنواريو]
ھتي جي ماڻھن کي ڏينھن جو ڇھ ڪلاڪ صحت جي سھولت لاء سرڪار پاران ھڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڊسپينسري ڪم ڪري ٿو.