لاکاٽ
ڏيک
لاکاٽ | |
|---|---|
| Lakhat | |
| Coordinates: 25°02′17″N 68°31′18″E / 25.03806°N 68.52167°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | |
| ضلعو | ٽنڊو محمد خان |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت) |
| شھر جون يونين ڪاؤنسلون | 3 |
لاکاٽ (Lakhat) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي ٽنڊو محمد خان جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو "يو سي 6، لاکاٽ" آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. لاکاٽ ھڪ ننڍڙو شھر آھي جيڪو ٽنڊو محمد خان جي ڏکڻ اولھ واري پاسي 8 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ھن يو سي ۾ لاکاٽ کانسواءِ ڳوٺ رمضان زئور، ڳوٺ شير محمد لانگاھ، ڳوٺ روشنائي، ڳوٺ حاجي محمد زئور، ڳوٺ حاجي لوھاڻو خان پڻ واقع آهن.
صحت
[سنواريو]ھتي جي ماڻھن کي ڏينھن جو ڇھ ڪلاڪ صحت جي سھولت لاء سرڪار پاران ھڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڊسپينسري ڪم ڪري ٿو.
حوالا
[سنواريو]زمرا:
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- سانچا
- ٽنڊو محمد خان تعلقو
- ٽنڊو محمد خان ضلعو
- سنڌ جا قصبا
- پاڪستان جا قصبا
- ٽنڊو محمد خان ضلعي جا قصبا
- سنڌ جون يونين ڪائونسلون