تاريخ مظهر شاهجهاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تاريخ مظهر شاهجهاني (فارسي): سنڌ جي تاريخ جي ماخذات طور هن وقت تائين ’سنڌي ادبي بورڊ‘ طرفان جيڪي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، انهن مان ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ نهايت اهم ڪتاب آهي، ڇو ته اهو ڪتاب قديم تاريخ نويسن کي به هٿ اچي ڪين سگهيو. هن ڪتاب جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيل آهي. هن تاريخي ڪتاب ۾ مغل دور جي سنڌ جو اهڙو احوال درج آهي جيڪو منظر عام تي اچي ڪين سگهيو هو. هي ڪتاب 1044 هجري ۾ يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم نمڪين بکريءَ تاليف ڪيو ۽ ان جي ٻئي حصي کي سيد حسام الدين راشدي سڌاري مقدمي ۽ حاشين سان سنواري مرتب ڪيو هو. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ”سياست نامه“ وانگر حڪمرانيءَ ۽ سياستدانيءَ جا اصول ڄاڻايل آهن، ان ۾ سنڌ جو به مختصر تذڪرو آهي، پر وزير تبصره ڪتاب جو اصل، ڪتاب جو ٻيو حصو آهي، ان ۾ سمورو ذڪر بکر کان وٺي ٺٽي تائين ”مغل شاهي“ جي ”درون خانه“ حقيقتن ۽ چشم ديد حالات تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ان وقت وارين تمدني، انتظامي ۽ سياسي حالتن جو تفصيل سان بيان ٿيل آهي، ۽ ائين پيو معلوم ٿئي ته گويا يوسف ميرڪ، ان زماني ۾ به تاريخ نويسيءَ جي جديد فن کان واقف هو ۽ مغل شاهن ۽ گورنرن سان گڏو گڏ هن عوام ۽ ملڪ جي حالتن جوپڻ نقشو چٽيو آهي.[1][2][3]

حوالا[سنواريو]