ڀوپال

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
ڀوپال
भोपाल
—  Metropolitan city  —
[[File:
BadaTalaabBhopal3.jpg Mantralaya, Vallabh Bhavan, Bhopal.jpg
Taj-ul-masajid.jpg Bhopal Plant 13.JPG
Lakshmi Narayan Temple 01.jpg Cheetal (spotted deer) at Van Vihar National Park.jpg
Clockwise from top
Upper Lake, Vallabh Bhawan (MP Secretariat), Union Carbide Plant, Van Vihar, Raja Bhoj Airport, Birla Mandir, Taj-ul-Masajid
|250px|none|alt=|Skyline of ڀوپال]]
عرفيت: City of Lakes
Location of Bhopal in the Central Indian state of Madhya Pradesh
مڪانيت: 23°15′N 77°25′E / 23.250°N 77.417°E / 23.250; 77.417مڪانيت: 23°15′N 77°25′E / 23.250°N 77.417°E / 23.250; 77.417
Country Flag of India.svg ڀارت
State Madhya Pradesh
Region Malwa
District Bhopal
Ward 85 Wards
حڪومت
 - قسم Mayor–Council
 - حڪمران ادارو Bhopal Municipal Corporation
 - Mayor Alok Sharma (BJP)
ايراضي[1]
 - Metropolitan city 685.88 ڪلوميٽر2 (264.8 ميل2)
اُچائي 527 ميٽر (1,729 فٽ)
آدمشماري (2011)[2]
 - Metropolitan city 2,798,218
 - درجو 17th
 ڪثافتِ آدمشماري 3,887/ڪلوميٽر2 (10,067.3/ميل2)
 ميونسپل 2,286,100
 - Metro rank 20th
نالو آدمشماري Bhopali
Language
 - Official Hindi
منطقة وقت IST (يو ٽي سي+5:30)
Pincode 462001 to 462XXX
Telephone 0755
ويڪل رجسٽريشن MP-04-XXXX
Literacy Rate 85.29%
Precipitation 1٬123.1 ملیمیٹر (44.22 in)
Avg. high temperature 31.7 °C (89.1 °F)
Avg. low temperature 18.6 °C (65.5 °F)
ويب سائيٽ www.bhopal.nic.in

ڀوپال شهر، هندستان جي مڌيه پرديش صوبي ضلعي ڀوپال (Bhopal) جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هي شهر هندستان جي سرسبز شهرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو ۽ هن کي ڍنڍن جو شهر به سڏيو ويندو اهي. هي شهر پرمار راجا ڀوج (10551000ع) جو ٻڌايل آهي، جيڪو سندس نالي، پويان سڏجڻ لڳو، راجا ڀوج جي وقت ۾ هن شهر پنهنجو عروج ڏٺو، پر سندس ديهانت کانپوءِ جهڙوڪر هي شهر مٽجي ويو.[3]

تاريخ[سنواريو]

اورنگزيب جي وفات (1707ع) کان پوءِ انهن ئي پڊن تي دوست محمد نالي هڪ افغان، هن شهر کي ٻيهر آباد ڪيو، جنهنڪري هن شهر تي اسلامي ثقافت جو گهرو اثر رهيو. پراڻي ڀوپال جا آثار اسلام ننگر جي نالي سان اڄ به موجود آهن. گڏيل هندستان ۾ هي ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏي رياست ليکيو وڃي ٿو. هتي 1819ع کان 1906ع تائين چئن راڻين جي حڪومت رهي، قصيده بيگم؛ ڀوپال رياست جي پهرين حڪمران راڻي هئي؛ ان کان پوءِ سڪندري بيگم؛ ان کان پوءِ شاهجهان بيگم ۽ آخري حڪمران راڻي ڪيسرو جهان بيگم هئي. راڻين جي هڪ ٻئي سان چٽا ڀيٽي ڀوپال جي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، جو هتي هندستان جي ٻين رياستن کان گهڻو اڳ ٽپال جو سڌريل سرشتو، ريلوي جو نظام، پيئڻ جي پاڻيءَ جو سرشتو قائم ٿيو. ان کانسواءِ به ڪيترائي اڏاوتي ڪم هنن راڻين جي دور ۾ تڪميل تي پهتا، جيڪي اڃا به پنهنجي جاه و جلال سان پنهنجي بهترين ماضيءَ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. 1907ع ۾ هتي ميونسپل ڪاميٽي قائم ٿي.[3]

هندستان جو ورهاڱو توڙي جو 1947ع ۾ ٿيو، پر ڀوپال، پهرين مئي 1949ع تائين پنهنجي رياست واري حيثيت سان برقرار رهيو. هتي سنڌ کان لڏي آيل هندن کي پڻ آباد ڪيو ويو، 1956ع ۾ هند سرڪار باقاعدي هن جي رياستي حيثيت هڪ حڪم ذريعي ختم ڪري کيس مڌ پرديش پرڳڻي سان ملائي، ان کي سندس گاديءَ جو هنڌ بنايو ۽ ضلعي جي حيثيت ڏني.[3]

اسي واري ڏهاڪي ۾ هن شهر ۾ هڪ افسوسناڪ سانحو پيش آيو هو. 3 ڊسمبر 1984ع تي يونين ڪاربائيڊ ڪارپوريشن جي پلانٽ مان اوچتو ڌماڪي سان 32 ٽن گئس خارج ٿيڻ جو وڏو حادثو ٿيو، جنهن ۾ ارڙهن هزار ماڻهو مري ويا. اهو دنيا جي صنعتي حادثن ۾ وڏي ۾ وڏو حادثو ليکيو وڃي ٿو، انهيءَ حادثي نه رڳو هندستان پر پوري دنيا کي ڇرڪائي وڌو.[3]

جاگرافي[سنواريو]

ڀوپال، هندستان جي وچ ۾ ونڌيا جابلو سلسلي جي اتر ۾ مٿئين پاسي، سامونڊي سطح کان 1637 فوٽ مٿي آهي. شهر جي اندر ۾ ڪٿي ڪٿي ٽڪريون به نظر اچن ٿيون. هتي ٻه وڏيون ۽ تمام خوبصورت ڍنڍون شهر جي سونهن بڻيل آهن، جن کي ڀوڄ ويٽ لينڊ (Bhoj wet Land) جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. عام طور هنن کي وڏو تلاءُ ۽ ننڍو تلاءُ سڏيندا آهن. وڏو تلاءُ يا ڍنڍ روايتن موجب ڀوڄ راجا جي ٺهرايل آهي، جيڪا 361 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، جڏهن ته ننڍو تالاب 9.6 چورس ڪلوميٽرن جي پکيڙ رکي ٿو.[3]

ڀوپال جو شهر ڇهن مکيه حصن ۽ 75 سيڪڙو ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ورهايل آهي. هن جا خاص علائقا نئون شهر ۽ پراڻو شهر ڪري سڏجن ٿا، شهر ۾ ڪيترائي بجليءَ جي سامان ٺاهڻ جا ڪارخانا، ڪپهه ٽاٽڻ جون فيڪٽريون، زيورن ٺاهڻ جا ڪارخانا ۽ ٻيون صنعتون لڳل آهن، هتان جو ڀرت ۽ ٻٽون سڄي هند ۾ مشهور آهن.[3]

تعليم[سنواريو]

ڀوپال شهر ۾ 550 سرڪاري اسڪول آهن، جيڪي مڌيه پرديش بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن سان لاڳاپيل آهن. ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي غير سرڪاري ادارا تعليم جي ميدان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هتي ئي مشهور انجنيئرنگ ڪاليج، ”مولانا آزاد نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“ آهي، جيڪو 1960ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. هن ڪاليج کي قومي حيثيت حاصل آهي. ان کانسواءِ به هند سرڪار هتي ”انڊين انسٽيٽيوٽ آف سائنس ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ“ ۽ ٻيو اهم ادارو ”اسڪول آف پلاننگ اينڊ آرڪيٽيڪچر“ (SPA) 2009ع ۾ قائم ڪيا آهن. ان کان علاوه صرف انجنيئرنگ جي تعليم ڏيڻ لاءِ هتي 70 نجي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. برڪت الله يونيورسٽي سان لاڳاپيل گانڌي ميڊيڪل ڪاليج به هن ئي شهر ۾ آهي، جنهن جي اسپتال ڀوپال گئس سانحي ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ڀوپال شهر سافٽ ويئر انجنيئرنگ جي ڪري به مشهور آهي.[3]

سياست[سنواريو]

ڀوپال، مڌيه پرديش پرڳڻي جي گاديءَ جو هنڌ هئڻ ڪري هتي اسٽيٽ ليجسليٽو اسيمبلي ڪم ڪندي آهي، جنهن ۾ 230 ميمبر چونڊجي ايندا آهن. ڀوپال ضلعي جا چونڊن ۾ 7 ميمبر چونڊجي ايندا آهن ۽ ڀوپال کي ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو حاصل آهي.[3]

ماڳ[سنواريو]

285 ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل ڀوپال ميونسپل، ڪل 66 وارڊن ۾ ورهايل آهي، جنهن جا الڳ الڳ مقامي نمائندا چونڊيل آهن. شهر ۾ خوبصورت ۽ جديد ريلوي اسٽيشن ۽ هوائي اڏو ٺهيل آهي، ڪيتريون ئي ريل گاڏيون هتان روز اچن وڃن ٿيون. هوائي اڏو راجا ڀوج جي نالي منسوب ٿيل آهي. ڀوپال ۾ سمورا اسلامي توڙي هندو ڏڻ هڪ جيڏي جوش ۽ خروش سان ملهايا وڃن ٿا. هتي ڀارت ڀون نالي وڏو ثقافتي مرڪز ٺهيل آهي، هتان جي مشهور ماڳن مڪانن ۾ ڀوچپور شوِ مندر، سانچي ٻڌن جو وهارو، ڀيم بيٽڪا نالي هزارين سال پراڻا ٽاڪرو اجها، جن تي قديم زماني جا چٽ چٽيل آهن. انهن کانسواءِ ڀوپال ۾ ڪيترا مندر، مسجدون ۽ محل ٺهيل آهن، مسجدن ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مسجد ’تاج مسجد‘ به شامل آهي. گور محل، صدر منزل ۽ پراڻي قلعي جون عمارتون ڏسڻ وٽان آهن. ڀوپال هاڪي جي رانديگرن جي شهر طور به مشهور آهي، جو هتي عام طور اها ئي راند کيڏي ويندي آهي.[3]

شخصيتون[سنواريو]

هتان جي مشهور شخصيتن ۾ بالي ووڊ جو مشهور اداڪار سيف علي خان، سندس پيءُ منصور علي خان، هندستان جو اڳوڻو صدر شنڪر ديال شرما، اميتاب بچن جي گهر واري جيا پڌوري (جيڪا هاڻي جيا بچن جي نالي سان مشهور آهي)، مشهور فلم ”شعلي“ جو ليکڪ ۽ فلمي شاعر جاويد اختر، ڀارت ڀون سان لاڳاپيل مصور جي. سوامي ناٿ، مشهور هاڪيءَ جو رانديگر اسلم شير خان، جنهن 1975ع ۾ هاڪيءَ جو ورلڊ ڪپ کٽيو هو، بعد ۾ پارليامينٽ جو ميمبر به چونڊيو ويو هو، پاڪستان جو اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري شهريار خان، مشهور شاعر ڪيف ڀوپالي ۽ پاڪستان جي ايٽمي توانائي جو بنياد رکندڙ ڊاڪٽر عبدالقدير به هتان جو رهاڪو هو، پاڻ اڃا اسڪول ۾ هو ته سندس پيءُ پاڪستان لڏي آيو. ان کان سواءِ نامياري اردو شاعر محسن ڀوپالي جو جنم به هتي ٿيو هو، جيڪو بعد ۾ سنڌ لڏي آيو.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. "District Census Handbook - Bhopal" (PDF). 14,26. http://www.censusindia.gov.in/2011census/dchb/2327_PART_B_DCHB_BHOPAL.pdf. Retrieved 22 September 2015. 
  2. "Bhopal District Census Handbook". Office of the Registrar General & Census Commissioner. http://www.censusindia.gov.in/2011census/dchb/2327_PART_B_DCHB_BHOPAL.pdf. Retrieved 10 June 2016. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 3.7 3.8 3.9 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.