ڦولن ديوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڦولن ديوي انگريزي (Foolan Devi) عرف ”بنڊت ڪوئين “ جنم 10 آگسٽ (1963ع) انڊيا جي ملاح گهراڻي ۾ پيدا ٿيل، خطرناڪ ڌاڙيل ۽ پوءِ پارليامينٽيرين هئي، جا 80ع واري ڏهاڪي ۾ ڀارت سرڪار جي مٿي جو سور ۽ پڻ دھشت جي علامت بڻيل رهي.[1] هاڻوڪن نقادن موجب ڦولن ڀارت جي 50 ڪروڙن کان وڌيڪ مُفلسي جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ وارن هيٺِين ذات جي هندن ۽ اقليتن جي حقن جي پامالي ۽ عزت نفس جي نالي تي قتل عام جي خلاف آواز بلند ڪرڻ واري پارليامينٽ جي ميمبر، هيرو ۽ سگھ ھئي، جنهن جو زنده هجڻ ھڪ خاص طبقي جي اک ۾ ڪنڊي برابر هو. 1981ع ۾ ڦولن ديوي 24 زميندار ٺاڪرن کي حويلين مان گهلي ٻاهر ماڻهن

ڦولن ديوي
(هندي: फूलन देवी)  
عهدا
تيرهين لوڪ سڀا ميمبر
ميمبرشپ مدت1999  – 25 جولا‎ئی 2001
اليڪشن تڪ مرزا پور
شخصي ڄاڻ
پیدائش 10 آگست 1963  

اتر پردیش  

وفات 25 جولا‎ئي 2001ع (38 سال)  

نئين دهلي

مرڻ جو سبب سياسي قتل
مرڻ جو طرز قتل  
رهائش اتر پردیش، سنٿ رويداس نگر
شهريت ڀارت
پارٽي سماج وادي پارٽي
جيون ساٿي پتی لال
عملي زندگي
ڌنڌو سياستدان، ڌاڙيل
پيشاوراڻي ٻولي هندي

جي اڳيان فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ڦولن ديوي جي زندگيءَ تي اڻڳڻيا ڪتاب لکيا ويا آھن، جنهن مان مشهور ليکڪ مالا سين جو ڪتاب آهي. انهي ڪتاب جو ترجمو دنيا جي 27 زبانن ۾ ٿي چڪو آهي ۽ نالي واري فلمساز شيکر ڪپور بنڊت ڪوئين نالي سان مشهور فلم ٺاهي. ڦولن ديوي پاڻ بہ هڪ ڪتاب `منهجي زندگي` جي نالي سان لکيو، جنهن کي فرانسيسي ليکڪا ڀارتي ترجميڪار جي مدد سان تحرير ڪيو، جنهن جون سڄي دنيا ۾ ست لکن کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيون. ڦولن ديوي جو چوڻ هو ته هوءَ صرف غريب لاچار ماڻهن تي ظلم ڪندڙ ۽ کين لُٽيندڙن کي پنهنجو نشانو بٹائيندي هئي، جيڪي غريبن جي نياڻين کي کڻي ويندا هئا ۽ هيٺين ذات وارن کي اڇوت سمجهندا هئا . ڦولن ديوي جي جدوجهد کان متاثر ٿي ڪري آمريڪي ليکڪ ڦولن ديوي کي ”ڀارت جي رابن هڊ“ جو لقب ڏنو. ڦولن ديوي پوليس ۽ سرڪاري مشينري کي اُن حد تائين هيڻو ڪيو جو ڀارت جي اُن وقت جي وزير اعظم اندرا گانڌي مجبور ٿي انتظاميہ کي اختيار ڏنو ته اگر ڦولن ديوي کي گرفتار نٿا ڪري سگهن تہ هو ساٹس ڪا ڊيل ڪن. ڦولن ديوي 1983ع ۾ پنهنجو پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هوءَ 1994ع تائين جيل ۾ رهي ۽ پوء لوڪ سڀا جي اليڪشن ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ هوءَ ڪامياب ٿي ۽ لوڪ سڀا جي رُڪنيت حاصل ڪيائين. 1998ع ۾ کيس اليڪشن ۾ شڪست ملي پر هڪ سال جي وقفي کان پوء وري هوءَ پارليامينٽ جي رڪن بٹجي وئي. جيل جي آزادي کانپوءِ دنيا جي 80 مُلڪن ڦولن ديويءَ کي پنهنجي ملڪ جي دوري جي دعوت ڏني ۽ 20 ملڪن کيس نوبل انعام جي لاء نامزد ڪيو پر ڀارتي حڪومت جي ٺاڪرن انهي نامزدگي کي سرد خاني جي حوالي ڪري ڇڏيو. جولائي 2001ع ۾ منجهند هڪ لڳي 20 منٽن تي ڦولن ديوي کي پنهنجي گهر اڳيان جڏهن هوءَ پنهنجي گاڏي مان لهي رهي هئي، ٽن نقاب پوشن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو . ڦولن ديوي اُن وقت ڀارتي پارليامينٽ جي ميمبر هئي، کيس قتل ڪندڙ جوابدار شمشير سنگھ ڪجهه ڏينهن کانپوء دهلي مان گرفتار ڪيو ويو. پوليس چواڻي تہ جوابدارن پنهنجي اقرار جرم بہ ڪيو. شمشير سنگھ جو چوڻ هو تہ اُن ڦولن ديوي جي هٿان 1981ع ۾ ويلٽائين ڊي جي موقعي تي قتل ٿيل اعليٰ ذات جي 22 ماڻهن جي هلاڪت جو بدلو ورتو آهي . ڦولن ديوي جو اُن قتل عام جي حوالي سان چوڻ هو تہ اعلي ذات جي هندوئن کان پاڻ سان ٿيل اجتمائي زيادتين جو بدلو ورتو هو.

اوائلي عمر ۽ گهاتڪپڻو[سنواريو]

رياست اُترپرديش ۾ 1963ع ۾ هيٺئين زات ۾ جنم وٺندڙ ڦولن ديوي جنهن کي 13 سالن جي عمر ۾ غربت جي ڪري پنهنجي پيءُ هڪ ڳئون ۽ سائيڪل جي عيوض 40 سالن جي پتي لال جي حوالي ڪري ڇڏيو پتي لال جون ڦولن ديويءَ کان علاوه اڳ به ٻه زالون هيون. ساهيڙيون سڄو ڏينهن کيس کان گهر ۽ مال متاع جو ڪم ڪرائينديون ۽ تشدد جو شڪار بنائينديون هنيون ۽ وري رات جو سندس مڙس زبردستي جنسي حوس ۽ تشدد جو شڪار بنائيندو هو. هڪ ڏينهن سندس ساهيڙين مارڪٽ ڪري اڌ مئو ڪري گهران ڪڍي ڇڏيس. جنهن کانپوء هو علائقي جي ٻن ٺاڪرن جي هٿ لڳي وئي جيڪي روز تشدد ڪري جنسي حوس جو شڪار بنائيندا هئس ۽ هڪ ڪمري ۾ کيس بند ڪري ڇڏيندا هئا. خوشي نصيبي سان هڪ ڏينهن ڪوٺڙيءَ جو دروازو کليل رهجي ويو جتان ڦولن ديوي ڀڄي چمبل جي پهاڙين ۽ جهنگل ۾ رپوش ڊاڪو بابا مستقيم جي گروھ ۾ شامل ٿي وئي. بابا مستقيم جي دهشت سڄي علائقي ۾ مشهور هئي جنهن کان برهمڻ به خوف کائيندا هئا. ڦولن ديوي هڪ انٽرويو ڏيندي ٻڌايو هو ته پنهنجي وجود ۾ ڦليل باه جي عارضي تسڪين جي لاء سڀ کان پهريائين هنُ مردن وانگر گاريون ڏيڻ سکيون پوء گهوڙي سواري ۽ رائفل هلائڻ جي سکيا ورتي .

ڏهڪاءُ[سنواريو]

بابا مستقيم جي پوليس مقابلي ۾ قتل ٿيڻ کان پوء ڌاڙيلن جي گروه جو وڪرم ليڊر بنيو جيڪو ڦولن ديوي جو محبوب به هو . وڪرم کي مخالف ڊاڪو گروه جي هٿان قتل ٿيڻ بعد ڦولن ديوي گروه جي سردار بنجي وئي جيڪا بعد ۾ ”ڌاڙيلن جي راڻي“ جي نالي سان مشهور ٿي. 1981ع ۾ ڦولن ديويءَ 24 زميندار ٺاڪرن کي حويلين مان گهلي ٻاهر ماڻهن جي اڳيان فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ان عمل سندس ڏهڪاءُ پوري ڀارت توڙي پر ڏيھ ۾ پکيڙيو ۽ سرڪار هن کي پڪڙائڻ واري کي انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ڦولن ديوي پوليس ۽ سرڪاري مشينري کي اُن حد تائين هيڻو ڪيو جو ڀارت جي اُن وقت جي وزير اعظم اندرا گانڌي مجبور ٿي انتظاميه کي اختيار ڏنو ته” اگر هو ڦولن ديوي کي پڪڙي نٿا سگهن ته هو کيس سان ڪا ڊيل ڪن.“

گرفتاريءَ کان پارليامينٽ[سنواريو]

ڦولن ديوي 1983ع ۾ پنهنجو پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هوءَ 1994ع تائين جيل ۾ رهي ۽ پوء لوڪ سڀا جي اليڪشن ۾ حصو ورتو جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي ۽ لوڪ سڀا جي رڪنيت حاصل ڪيائين . 1998ع ۾ کيس کي اليڪشن ۾ شڪست ملي پر هڪ سال جي وقفي کان پوء وري هو پارليامينٽ جي رڪن بنجي وئي. جيل جي آزادي کانپوء دنيا جي 80 ملڪن ڦولن ديويءَ کي پنهنجي ملڪ جي دوري جي دعوت ڏني ۽ 20 ملڪن کيس کي نوبلا انعام جي لاء نامزد ڪيو پر ڀارتي حڪومت جي ٺاڪرن انهي نامزدگي کي سرد خاني جي حوالي ڪري ڇڏيو.

قتل[سنواريو]

جولائي 2001ع ۾ منجهنڊ هڪ وڳي 20 منٽن تي ڦولن ديوي کي پنهنجي گهر اڳيان جڏهن هو پنهنجي گاڏي مان لهي رهي هئي ٽن نقاب پوشن گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ڦولن ديوي اُن وقت ڀارتي پارليامينٽ جي ميمبر هئي. کيس قتل ڪندڙ جوبدار شمشير سنگھ ڪجهه ڏينهن کانپوء دهلي مان گرفتار ڪيو ويو پوليس چواڻي ته جوبدارن پنهنجي اقرار جرم به ڪيو. شمشير سنگھ جو چوڻ هو ته اُن ڦولن ديوي جي هٿان 1981ع ۾ ويلٽائين ڊي جي موقعي تي قتل ٿيل اعلي زات جي 22 ماڻهن جي هلاڪت جو بدلو ورتو آهي . ڦولن ديوي جو اُن قتل عام جي حوالي سان چوڻ هو ته هن اعلي` زات جي هندوئن کان پاڻ سان ٿيل اجتمائي زيادتيءَ جو بدلو ورتو هو.

مڃتائون[سنواريو]

ڦولن ديوي جي زندگي تي بيشمار ڪتاب لکيا ويا جنهن مان مشهور ليکڪ مالا سين جو ڪتاب آهي. انهي ڪتاب جو ترجمو دنيا جي 27 زبانن ۾ ٿي چڪو آهي ۽ نالي واري فلمساز شيکر ڪپور ”بنڊت ڪوئين“ نالي سان مشهور فلم ٺاهي. ڦولن ديوي پاڻ به هڪ ڪتاب ”منهجي زندگي“ جي نالي سان لکيو جنهن کي فرانسي ليکڪا ڀارتي ترجميڪار جي مدد سان تحرير ڪيو ، جنهن جون سڄي دنيا ۾ ست لکن کان وڌيڪ ڪاپيون فروخت ٿيون .ڦولن ديوي جو چوڻ هو ته هوُ صرف غريب لاچار ماڻهن تي ظلم ڪندڙ کين لٽيندڙ کي پنهنجو نشانو بنائيندي هئي، جيڪي غريبن جي نياڻين کي کڻي ويندا هئا ۽ هيٺين زات وارن کي اڇوت سمجهندا هئا. ڦولن ديوي جي جدوجهد کان متاثر ٿي ڪري آمريڪي ليکڪ ڦولن ديوي کي ”ڀارت جي رابن هڊ“ جو لقب ڏنو. هاڻوڪن نقادن موجب ڦولن ڀارت جي 50 ڪروڙن کان وڌيڪ مفلسي جي لکير کان هيٺ زندگي گذارڻ وارن هيٺِين زات جي هندن ۽ اقليتن جي حقن جي پامالي ۽ عزت نفس جي نالي تي قتل عام جي خلاف آواز بلند ڪرڻ واري پارليامينٽ جي ميمبر، هيرو ۽ سگھ ھئي، جنهن جو زنده هجڻ ھڪ خاص طبقي جي اک ۾ ڪنڊي برابر هو.

حوالا[سنواريو]

  1. Pathan, Dr. "10 آگسٽ". drpathan.com. حاصل ڪيل 2021-01-24.