نوبل انعام

نوبل انعام (Noble Prize) ڇهن بين الاقوامي انعامن مان هڪ اعليٰ انعام، [1] جيڪو هر سال پنج شعبن، طبيعيات، ڪيميا، ادب، امن، طب ۽ فزڪس ۾ لاءِ نمايان ڪارنامن تي ڏنو ويندو آهي. هي انعام سويڊن جي مشهور سائنسدان، الفريڊ نوبل (وفات: 1896ع) جي نالي سان جاري ڪيا ويندا آهن. ادب جا نوبل انعام اڪثر ناول نگارن کي مليا آهن.[2]
هر سال سويڊن ۾ سياري جي موسم ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي ويندي آهي، جنھن جو سڄي دنيا جا ماڻھو هڪ سال تائين انتظار ڪندا آهن. هي مشھور تقريب هر سال 10 ڊسمبر تي سويڊن جي گادي واري شھر، اسٽاڪ ھوم جي سٽي ڪنسرٽ ھال ۾ ٿئي ٿي جتي ھر سال سويڊن جو بادشاھه اُن سال جي نوبل انعام کٽندڙن کي تاڙين جي گونج ۾ انھن جا ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائيندو آهي. پر امن جو نوبل انعام اسٽاڪ هوم ۾ نه ڏنو ويندو آهي. اهو انھيءَ تاريخ ۽ انھيءَ وقت ناروي جي گادي واري شهر، اوسلو ۾ ڏنو ويندو آهي.
نوبل انعام هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو انعام آهي. دنيا جو ڪو به اهڙو مشهور واقعو نه آهي جنهن جي پويان نوبل انعام جو ٽپو لڳل نه هجي. مارڪوني جو سمنڊ پار وائرليس پيغام موڪلائڻ جو تجربو هجي يا مادام ڪيوري پاران ريڊيم ۽ يورينيم جي دريافت هجي، ڪارل لينڊسٽينر پاران انساني رت جي گروه بندي هجي يا فريڊرڪ ميسيئر پاران ڊي.اين.اي جي دريافت هجي، فليمنگ پاران پينسلين جي ايجاد هجي يا ٽرانزسٽر جي ايجاد هجي، هر نئي سائنسي دريافت سان گڏ نوبل انعام جو نالو جڙيل آهي. مطلب ته هر تجربي، هر نظريي، هر دريافت ۽ هر ايجاد جي پويان نوبل انعام چمڪندو نظر اچي ٿو.
الفريڊ نوبيل
[سنواريو]
نوبل انعام سوئڊن جي سائنسدان، الفريڊ نوبل پاران قائم ڪيو هيو. نوبل جو تعلق سويڊن جي هڪ غريب گھراڻي سان هيو ۽ هن جا ابا ڏاڏا هاري ھئا. نوبل جي پڙڏاڏي "نوبليٽ" جو نالو اختيار ڪيو، ڇا ڪاڻ ته هو پنھجي خاندان جي پھرين فرد هئي، جنھن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ھئي ۽ هو جنھن جاءِ تي پيدا ٿي هئي اُن جو نالو "نوبلاسٽ" هو. نوبليٽ جي پوٽي جو نالو، امانوئل نوبليٽ هيو. امانوئل پنھجي خانداني نالي، نوبليٽ کي نوبل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اُن جو ڪارڻ اُھو هو ته هن سويڊن جي فوج ۾ ڪجهه وقت نوڪري ڪئي هُئي ۽ فوج ۾ خانداني نالي کي ننڍو ڪري لکرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. اُنھيءَ امانوئل نوبل جو پُٽ الفريڊ نوبل هو. الفريڊ نوبل 21 آڪتوبر، 1833ع تي اسٽاڪ هوم، سويڊن ۾ پيدا ٿيو. اُن ڪنھن به تعليمي اداري ۾ باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي. تنھن هوندي به هن نجي طور تي هڪ اُستاد جي مدد سان ڪيترن ئي زبانن جن ۾ انگريزي، روسي، جرمن ۽ فرانسيسي شامل هيون، ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪئي ۽ گڏوگڏ ڪيميا جو به سُٺو علم حاصل ڪري ورتو.
اُنھي وچ ۾ اُن جو والد امانوئل پنھجي معاشي حالتن کي سُڌارڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل رهيو. امانوئل به اڻ پڙهيل هيو پر هن ۾ نئين نئين شين کي ايجاد ڪرڻ جي صلاحت موجود هئي. هو شروع کان ئي هوشيار هيو ۽ گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن شيءِ کي ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهندو هيو. پر اُن جون مالي حالتون ڪڏھن به سُٺيون نه رهيون، تنهن ڪري هو روس هليو ويو، جتي اُن هڪ فيڪٽري کولي پر ڪريميا جي جنگ جي ڪري اُن جو ڪاروبار بند ٿي ويو ۽ سال 1859ع ۾ هو پريشان حالت ۾ واپس پنھجي وطن موٽي آيو. انھيءِ دوران الفريڊ نوبل ۾ والد وارا مشغلا ۽ شوق پيدا ٿي ويا ۽ اُن کي به ايجادن، خاص طور ڌماڪي ڪندڙ شين کي ايجاد ڪرڻ سان دلچسپي پيدا ٿي وئي. اُن نائيٽريٽ گئس جي ڌماڪي ڪندڙ مواد تي پنھجي تجربن جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو اُنھن ڏينهن ۾ ايجاد ٿي چُڪي هئي. نوبل پنھجي ايجاد ۾ گهڻو اڳيان وڌي چڪو هئو ته اُنھن تجربن جي دوران اُن جي تجربي گاھه ۾ هڪ ڏهڪائيندڙ ڌماڪي ڪري سندس ننڍو ڀاءَ "ايمل" مري ويو. اُن واقعي الفريڊ نوبيل کي ڏاڍو ڏک رسايو، پر نوبيل آڻ نه مڃي ۽ نيٺ سال 1868ع ۾ هو "ڊائنامائٽ" ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن جي نتيجي ۾ نوبيل جا ڏينھن به بدلجي ويا ۽ اُن جو شمار مُلڪ جي دولتمند ماڻھن ۾ ٿيڻ لڳو. اُن پنھجي ايجاد جي دائري کي وڌائڻ شروع ڪيو ۽ سويڊن کان ٻاهر پنھنجي ايجاد جو پيٽينٽ وڪرو ڪيو. هن ڪري هنن جي دولت ۽ شهرت ۾ واڌارو ٿيو. ان سان گڏوگڏ سندس فياضي ۽ همدردي جي خوبي ۾ به واڌارو اچي ويو.
هن ڪيتريون ئي خيراتي اسپتالون ۽ ادارا قائم ڪيا ۽ غريبن جي مالي امداد ڪندو رهيو. بدقسمتي سان نوبل جي پنھجي زندگي سُٺي نه گذري. اُن ڪيترائي ڀيرا شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر هر ڀيري ڪا نه ڪا رڪاوٽ سامھون اچي ٿي وئي. الفريڊ نوبل جن عورتن سان شادي ڪرڻ چاھيندو ھُئو اُن ۾ ٻه نالا اهم آهن؛ هڪ، "سوفيا ھيس" ۽ ٻئي، "برٿا وان سٽنر". سوفيا ھيس عمر ۾ نوبل کان ڪافي ننڍي هئي، پر اُن سان شادي نه ٿي سگھي. برٿا وان سٽنر، نوبل جي اشتھار جي ذريعي، جيڪا هن پنهنجي لاء سيڪريٽري جي تلاش ۾ ڏنو هو، هن سان ملي ۽ پنھجي پسند جي ماڻھو سان شادي نه ٿيڻ ڪري پريشان هئي، ائين هو نوبل جي طرف ڇڪجي آئي. پر ڪجهه وقت کانپوءِ اُن جي شادي اُن ماڻهو سان ٿي وئي جنھن کي هو پسند ڪندي هئي ۽ نوبل هڪ دفعو ٻيھر اڪيلو رهجي ويو. برٿا وون سٽنر هڪ سُٺي ليکڪا هئي، هن ڪيترائي ڪتاب ليکا جن ۾ هڪ ڪتاب جو نالو "پنھجا هٿيار ڦٽا ڪريو" هو. هي ڪتاب سال 1889ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو شمار جنگ جي خلاف لکجڻ وارن ڪتابن ۾ ٿئي ٿو. هن ڪتاب الفريڊ نوبيل کي ڪافي متاثر ڪيو. هن ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ هن کي (برٿافان سٽنر کي) لکيو ته "مان پنھجي دولت جو هڪ حصو هڪ انعام لاءِ وقف ڪرڻ چاھيان ٿو. هي انعام پنجن سالن کانپوءِ اُن ماڻهو کي ڏنو ويندو، جيڪو دنيا مان جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو يا جنھن دنيا جي امن لاءِ تحريڪ هلايو هوندو. 30 سالن ۾ رڳو ڇھه ڀيرا اهو انعام ڏنو ويندو، جيڪڏھن ان ڊگھي عرصي کانپوءِ به دنيا مان جنگ ختم نه ٿي ته پوءِ انسان وحشي بڻجي ويندو ۽ پوءِ هن انعام جي ضرورت باقي نه رهندي".
اُهو هيو نوبيل جي دماغ ۾ بين الاقوامي انعام قائم ڪرڻ جو پھريون تصور. تنھنڪري جڏهن هو 27 نومبر، 1895ع ۾ پنھجي وصيت نامي جي تڪميل لاءِ ويٺو ته ان پنھجي پوري زندگي جي خيالن ۽ تمنائن جو اظهار هن نموني سان ڪيو جو هن پنھجي سموري دولت ۽ ملڪيت، جيڪا هن وقت 15 لک پائونڊ (اڄڪلھه جي حساب کان 66 لک پائونڊن جي برابر آهي) سان هڪ "نوبيل فائونڊيشن" قائم ڪري ڇڏي ۽ اُن فائونڊيشن مان حاصل ٿيندڙ رقم مان پنج انعام قائم ڪري ڇڏيا، جيڪي هر سال فزڪس، طب، ڪيميا، امن ۽ ادب جي شعبن ۾ ڏنا ويندا.
نوبل انعام جو قيام
[سنواريو]
نوبل جي وفات 10 ڊسمبر 1896ع ۾ ٿي. هڪ مهيني کانپوءِ 1897ع ۾ جڏهن اُن جي وصيت نامي کي کوليو ته سڄي دنيا نوبيل جي اهڙي خواهش کي ٻُڌي ڪري حيران رهجي وئي. ڇاڪاڻ ته نوبيل جي دولت مختلف مُلڪن ۽ مختلف ڪاروبارن ۾ لڳل هئي، اُن ڪري اُن جي دولت کي اُن جي خواهش مطابق نقد شڪل ۾ منتقل ڪرڻ ۾ گھڻو وقت لڳو. اُن کانسواءِ نوبيل جا ڪجهه مائٽ به قانوني ڳالھين ۾ مصروف رھيا. اُن ڪري اُنھن سان به معاهدو ڪيو ويو ۽ ائين نوبل جي وفات کانپوءِ 1901ع تي اُنھن پنجن ئي شعبن ۾ انعام ڏيڻ شروع ٿيو.
نوبل انعام جا پهريان ماڻيندڙ
[سنواريو]
اُن سال فزڪس ۾ نوبل انعام جرمني جي ويلهلم روئنٽجن، ڪيميا جو نيدرلينڊز جي، جيڪب ھينڊرس وان هاف، ادب جو فرانس جي، سئلي پرادهوم، طب جو جرمني جي، ايمل بيرنگ ۽ امن جو نوبل انعام ريڊ ڪراس جي باني، سوئٽزرلينڊ جي، هنري ڊونان ۽ فرانس جي فريڊرڪ پاسي کي گڏيل طور تي ڏنا ويا. سال 1968ع تائين انھن پنجن شعبن ۾ نوبل انعام پيش ٿيندا رھيا. 16 مئي، 1968ع تي "نيشنل بئنڪ آف سوئيڊن" اعلان ڪيو ته بئنڪ جي انتطاميا اقتصاديات ۾ هڪ "نوبل ميموريل انعام" جاري ڪري رھيو آهي ئ هي انعام ماليت ۽ اعتبار کان هڪ نوبل انعام جي برابر هوندو. تنھڪري سال 1969ع کان اقتصاديات ۾ به نوبل انعام جي شروعات ٿي. نوبيل انعام حاصل ڪرڻ ڪنھن انسان جي وڏي ۾ وڏي خواهش سمجھي ويندي آهي، پر دنيا ۾ چار ماڻھو اهڙا آهن، جن ٻه ڀيرا نوبل انعام ماڻيو آهي، اُنھن ۾ هڪ فرانس جي مشھور خاتون سائنسدان، مادام ڪيوري سال 1903ع ۾ طبيعيات جو ۽ سال 1911ع ۾ ڪيميا جو نوبل انعام حاصل ڪيو.

ٻيو آمريڪا جي، ڊاڪٽر لائينس ڪال پالنگ آهي، جنهن سال 1954ع ۾ ڪيميا جو ۽ سال 1962ع ۾ امن جو نوبل انعام حاصل ڪيو. [3]

پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "The Nobel Prize". Nobel Foundation. حاصل ڪيل 2008-11-27.
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
- ↑ نوبيل انعام جي ڪھاڻي، ڊاڪٽر يوسف سومرو آرڪائيو ڪيا ويا 2017-06-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. روزآني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد، جمعو، 2 جون 2017