سلطنت برطانيا

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
سلطنت برطانيا 1921ء ۾

سلطنت برطانيه پنهنجي ويڪر جي اعتبار سان تاريخ جي سڀ کان وڏي سلطنت هئي ۽ ڪافي عرصي تائين هي هڪ عالمي طاقت رهي۔ 1921ء تي پنهنجي طاقت ۽ ويڪر جي انتها تي هي 33 ملين چورد ڪلوميٽر رقبي تي پکڙيل هئي ۽ ان جي حڪمراني هيٺ 45 ڪروڙ 80 لک ماڻهو هيا جيڪي ان وقت جي عالمي آبادي جو هڪ ڀاڱي چار ٿين ٿا۔ هي ايتري ويڪري هئي جو هن جي باري ۾ چيو ويندو هو ته سلطنت برطانيا تي ڪڏهن سج لهندو نه هيو. هي دنيا جي پنجن ئي آباد کنڊن تي موجود هئي۔

هن جي شروعات آئرلينڊ ۾ 1541ء کان ٿي۔ 1607ء ۾ آمريڪا ۾ جيمز ٹائون پهرين انگريز آبادر هئي۔ 1707 ۾ اسڪاٽ لينڊ ۽ انگلستان متحد ٿين ٿا۔ برطانوي نيون آباديون اتر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا، آفريڪا، آسٽريليا ۽ ايشيا ۾ پکڙجنديون وڃن ٿيون۔ هن دوران گڏيل آمريڪي رياستن جي آزادي ۽ سلطنت برطانيا کان عليحدگي هڪ علائقائي نقصان ته هيو پر تجارتي ۽ معاشي تعلق بدستور قائم رهيق۔

لارڊ ڪلائيو جنگ پلاسي ۾

برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني سلطنت برطانيا جي ڦهلاء ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ انجي ابتدا 1600ء ۾ ملڪه ايلزبٿ پهرين جي دور ۾ بحيثيت هڪ تجارتي ڪمپني جي ٿي۔ هن جو مقصد هندستان سان تجارت هئي۔ مغل سلطنت جي زبون حالي طاقت جو خال پيدا ڪيو جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپني پورو ڪيو. 1857ء تي ننڍو کنڊ مڪمل طور تي سلطنت برطانيا جو حصو بڻجي چڪو هو۔


وڌڻ جا سبب[سنواريو]

  • سائنسي دريافتن ماب بروقت فائدو حاصل ڪرڻ۔
  • ملڪ جي اندر سياسي نظم و ضبط۔
  • تمام وڏي تجارتي بحريه جنهن تي توپون لڳائي ڪري انھن کي جنگي بحريه ۾ تبديل ڪري سگهجي پيو۔
  • سٺن حڪمرانن جو تسلسل۔
  • يورپ جي معاملن مان پنهنجو پاڻ کي بچائي رکڻ ۽ پنهنجي توانائين کي سلطنت جي تعمير ڪرڻ ۾ صرف ڪيو. يورپ جي معاملن ۾ تڏهن دخل ڏنو جڏهن هالیئينڊ ۽ بيلجيم ۾ مداخلت ڪئي وئي۔


سلطنت برطانيه پاڪستان ۾[سنواريو]

هندستان جي ورهاست 15 آگسٽ 1947ء کان بعد ٻئي ملڪ ڊومِنِيَن چورايا۔ پاڪستان تي عملي طور تي گورنر جنرل جي حڪومت قائم هئي، پر باقاعده عملي و اِختياري آزادي 23 مارچ 1956ء تي عمل ۾ آئي جڏهن پاڪستان جو پهريون آئين منظور ٿيو۔ آگسٽ 1947ء کان فيبروري 1952ء تائين شاهه انگلستان جارج ڇهون جي ۽ فيبروري 1952ء کان مارچ 1956ء تائين ملڪه ايلزبٿ ٻين جي حڪمراني قائم رهي۔۔ هي سڄو عرصو " ڈومِنِيَن آف پاڪستان " يعني "مملڪت پاڪستان"جي نالي سان مشهور آهي۔ هن دوران پاڪستان ز۾ چار گورنر جنرل [قائداعظم محمد علي جناح، خواجه ناظمُ الدين، ملڪ غلام محمد، جنرل اسڪندر مرزا] ۽ چار ئي وزير اعظم [خان لياقت علي خان، خواجه ناظمُ الدين، محمد علي بوگره، چوڌري محمد علي] ٿيا۔

زوال[سنواريو]

ابتدا وانگر هن جو زوال به آئرلينڊ کان 1922ء ۾ شروع ٿيو۔ 1947 ۾ ننڍو کنڊ عليحده ٿيو.


دنيا تي اثر[سنواريو]

Incomplete-document-purple.svg هي هڪ ڪچو مضمون آهي. توهان هن ۾ واڌارو ڪري وڪيپيڊيا کي سنواري سگھو ٿا.

ظلم[سنواريو]

  • 1877۔1878ء ۾ دڪن، هندستان جي قحط ۾ 12 کان 29 ملين فرد فوت ٿيا، ڇو ته هندستان ۾ انُ موجود هيو پر برطانوي وائسراء حڪم ڏنو ته برطانيه موڪليو وڃي۔ هن کان بعد بچڻ وارن فاقه زده هارين کان پوين سالن جي tax وصول ڪري انهن کي مالي طور تي به ڪنگال ڪيو ويو.[1]