وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/15 جُولاءِ 2018

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
  • ... ته شمسي سرشتي ۾ هن وقت تائين جن گرھن جي ڄاڻ پئي آهي، تن ۾ پلوٽو سڀني کان ڏورانھون گرھ آهي. پلوٽو جا پنج چنڊ آھن.
  • ... ته گورک هل اسٽيشن سنڌ جي حَسين ترين ۽ ٿڌي ترين جابلو چوٽي آهي. سمنڊ کان گورک جبل جي اوچائي 5688 فوٽ آهي.
  • ... ته حيدرآباد جي شاهي بازار 17 هين صديءَ ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ قائم ٿي. مٿس نالو شاهي دروازي جي سامهون هئڻ ڪري پيو هو.
  • ... ته ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس ڪميونسٽ مينيفسٽو لکي سوشلزم جو خاڪو اهو چئي پيش ڪيو ته جڏهن محنت اجتماعي آهي تڏهن اجورو به اجتماعي هجي.
  • ... ته شاهه جي رسالي جي شروعات سر ڪلياڻ سان ٿئي ٿي. ڪلياڻ جي معنيٰ آهي سک. گائڪيءَ موجب هي سر ديپڪ راڳ جي اٺن پٽن مان هڪ آهي.
  • ... ته ڪارو ڪڇو گينگ ڏواھارين جي منظم گروھن کي چيو ويندو آهي، جيڪي هندوستاني پنجاب ۾ ڪارا ڪڇا يا پوليس جون ورديون پائيندا آھن ۽ پنھنجي جسم تي گريس مليندا آھن.