مواد ڏانھن هلو

شاهي بازار، حيدرآباد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(شاهي بازار کان چوريل)

هيءَ حيدرآباد جي قديم ترين بازار آهي. هيءَ بلڪل سڌي بازار آهي، جيڪا ڪلهوڙن جي دور ۾ قائم ٿي. پڪي قلعي جي مرڪزي دروازي، جنهن کي "شاهي دروازو" يا "هاٿي در" چيو ويندو هو، انهي جي بلڪل سامهون هي بازار 17هين صديءَ جي شروع ۾ قائم ٿي. مٿس شاهي بازار نالو شاهي دروازي جي سامهون هئڻ ڪري پيو هو. غلام شاهه ڪلهوڙي بازار ۾ واپارين خاص ڪري گلن وارا، حلوائي، ڪپڙي وارا ۽ گهوڙن کي سنوارڻ سجائڻ جا ساز سامان وڪڻڻ وارا هٽ کولرايا.

ٽالپرن جي دور ۾ شاهي بازار جو اوج وڌي ويو. ٽالپرن جي زماني ۾ حيدرآباد ۾ ڪاروباري مرڪز هيءَ هنڌ ئي هو. جيئن جيئن دڪان وڌندا ويا بازار ڊگهي ٿيندي وئي ۽ شهر جي ٻي ڪنڊ تائين وڃي ڇيڙو ڪيائين. پوءِ هن بازار سان ننڍيون ننڍيون ٻيون بازارون گهٽين ۾ ٺهي ويون ۽ شاهي بازار پڪي قلعي کان نولراءِ مارڪيٽ، فقير جو پڙ، کائي روڊ، ريشم گلي ۽ چوٽڪي گهٽيءَ تائين پکڙجي وئي.[1] [2]

حوالا

[سنواريو]