ڪلياڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪلياڻ (Kalyanشاھ جي رسالي جي شروعات سر ’ڪلياڻ‘ سان ٿئي ٿي. ڪلياڻ سنسڪرت لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ”سک، شانتي، آنند“. هي سر، دل کي سڪون بخشي ٿو، گائڪيءَ موجب هي سر ديپڪ راڳ جي اٺن پٽن مان هڪ آهي ۽ سنجها جو ڳائبو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو تہ: ”هن سر ۾ شاھ صاحب سڀ کان پھرين وحدت مان ڪثرت وارو صوفياڻو راز سمجهايو آهي تہ رب هڪ آهي ۽ سندس ڪو ثاني ناهي. هيءُ سموري ظاهري گهڻائي سندس هيڪڙائيءَ مان نڪتي آهي ۽ پاڻ کي پنھنجي سونھن تي ميران آهي. هي سڄو مانڊاڻ سندس منڊيل آهي.“[1].

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.