مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2024/مهينو آڪٽوبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ادب جي شروعات شاعريءَ جي صورت ۾ سومرن جي دور کان ٿي. موجوده سنڌي لپي جي شروعات انگريز دور ۾ ٿي، ان کان اڳ سنڌي ادب کي مختلف لپين ديوناگري، خواجڪي، برهمڻي، لوهاڻڪي، گرمکي، خداآبادي ۽ ٻين لپين ۾ لکيو ويندو هو. عرب حملي کان اڳ سنڌ ۾ گيت ڳائڻ جو راوج قائم هو، سنڌي شاعرن جو ذڪر عرب دور ۾ به ملي ٿو، پر اها عربي ٻولي ۾ لکي ويندڙ شاعري هئي. سنڌي ادب ۾ نثري صنفن ڪهاڻي، مضمون، ناٽڪ ۽ ناول جي شروعات انگريز دور ۾ موجوده رسم الخط جُڙڻ سان ٿي. ڪيترائي محقق موهن جي دڙي واري دور کي سنڌي ادب جي شروعات ڪوٺين ٿا، سندس خيال مطابق، سنڌي ادب متعلق ان دور جي ڪا تاريخ موجود ناهي، پر ويدن ۾ سنڌو ماٿري جي شاعري ۽ رقص جي واکاڻ سنڌي ادب جي قديم هجڻ جو ثبوت آهي.