وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2019/مهينو جنوَري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سما برصغير جي مسلمان راجپوت گهراڻي سان تعلق رکندڙ سنڌ جا حڪمران ھئا. سمن جي حڪمراني 1351ع کان 1523ع تائين سنڌ، ڪڇ، بلوچستان، پنجاب ۽ سوراشٽر جي ڪجھ علائقن تائين رھي. سندس حڪمراني دوران گادي جو ھنڌ ٺٽو ھو، ارغونن کان شڪست کان پوءِ سندس بادشاھت ختم ٿي. سمن جي گھراڻي پنهنجي لاءِ ”ڄام“ جو لقب مقرر ڪيو، جيڪو بادشاهه يا سلطان جي برابر آهي. سمن کان پھرين سنڌ تي سومرن جي حڪمراني ھئي. سمن 1335ع ڌاري سومرن کان ٺٽو شھر کسي حڪمراني جي شروعات ڪئي، ان کان پوءِ پنھنجي بادشاھت کي بکر ۽ ٻين علائقن تائين وڌايو. ڄام انڙ بن بابينو، سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جو باني ھيو. ھن جو ذڪر پهريون ڀيرو سيوهڻ واري معرڪي جي حوالي سان ملي ٿو، جڏهن هن سلطنت دهلي جي هڪ نائب کي قتل ڪيو هو. ان بعد سنڌ جي مختلف قبيلن کيس پنهنجو سردار چونڊيو. هن دور جو مشهور رومانوي داستان نوري ڄام تماچي جو آهي. سنڌي بيت جن جي شروعات سمن جي دور ۾ ٿي تن ۾ هندي ڏوهيڙي جي ڪافي اثر هيو. شيخ حماد، اسحاق آهنگر ۽ درويش راڄو سمن جي حڪومت ۾ سنڌي ۾ بيت چوندا هئا.