وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2018/مهينو آڪٽوبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد سنڌ جي مشهور سياستدان جي ايم سيد جي ڌيءَ هئي. دُرِ شهوار پهرين سنڌياڻي هئي، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان پي ايڇ ڊي ڪئي. هن پي ايڇ ڊي مشهور جرمن اسڪالر ائينيمري شمل جي نگراني هيٺ مڪمل ڪئي. درشهوار سيد 21 مارچ 1940ع تي ڳوٺ سن، دادو ۾ جنم ورتو. درشهوار سيد هڪ اديب ۽ محقق هجڻ سان گڏ، سماجي ڪارڪن پڻ هئي. درشهوار سيد لطيف چيئر جي سربراهه هجڻ وقت شاهه جي رسالي جا عربي، اردو، فارسي، ۽ انگريزي ترجما پڻ شايع ڪرايا. سيد حسام الدين راشدي جي صلاح تي هن کي فارسي سکڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا جي سندس ڀائرن مخالفت ڪئي، پر والد کيس پڙهڻ جي اجازت ڏني.