مواد ڏانھن هلو

نظاماڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نظاماڻي (بلوچ)
ٻوليون

بلوچي، سنڌي، سرائڪي

مذھبَ

اسلام

نظاماڻي (اردو: نظامانی، انگريزي: Nizamani) سنڌي ٻروچن جي هڪ ذات آهي. نظاماڻي اصل ۾ رند بلوچ قبيلي جي هڪ شاخ آهي. سندن مادري زبان سرائيڪي آهي، پر هن وقت ڪيترا نظاماڻي سنڌي ٻوليءَ کي مادري ٻولي سمجهن ٿا.

تاريخ

[سنواريو]

نظاماڻي ڪلهوڙن جي ڏينهن کان جاگيردار هئا. ڪرماڻين مان دريا خان نظاماڻي کي مير مراد علي خان پنهنجو مختيارڪار مقرر ڪيو هو. سنه 1834ع ۾ شاهه شجاع سان وڙهندي سکر وٽ مري ويو [1]. بهليلاڻي جي امير نظام خان جي ڀاءُ گاگن خان جي اولاد مان هئا. منجھانئن ابراهيم خان تائين جيڪي به ٿي گذريا، تن سڀني وٽ جاگيرون هيون. سنڌ فتح ڪرڻ وقت ٽالپرن جي طرفداري ڪرڻ ڪري سندن جاگيرون بحال رهيون[1]. نظام فقير بلوچ هڪ صوفي درويش هو جنهن جو مقبرو پنجاب صوبي جي ڊيرا غازي خان ۾ موجود آهي. ان جو اولاد نظاماڻي سڏائي ٿو. اصل ۾ نظاماڻي ڊيرا غازي خان ۾ رهندڙ هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ گهڻا نظاماڻي سنڌ ۾ لڏي آيا. هن وقت نظاماڻين جي اڪثريت لاڙ جي ضلعن ۾ رهي ٿي ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اڪثريت ۾ آهي.

نظاماڻي جن ڳوٺن ۾ اڪثريت سان آباد آهن، سي هيٺيان آهن.

نظاماڻي مسلمان آهن ۽ گهڻا سني مسلڪ تي آهن. ڪجهه نظاماڻي شيعا به آهن. ڪجهه ڳوٺن ۾ ديوبندي ۽ وهابي فرقي وارا نظاماڻي به موجود آهن.

ٽالپرن جي دؤر ۾ حڪومت جي اثر جي ڪري نظاماڻين ۾ شيعي فرقي جو رواج پيو. پير روضي ڌڻي جي تبليغ جي ڪري اڪثر نظاماڻي سندس مريد ٿي ويا ۽ سني مذهب اختيار ڪيائون. پير روضي ڌڻي جا ٻه خليفا نظاماڻي هئا: خليفو محمود نظاماڻي جيڪو سندس سڀ کان وڏو خليفو هو، ۽ خليفو بهادر نظاماڻي.

مشهور ديني شخصيتون

[سنواريو]

مولوي محمد نظاماڻي ٽنڊو سومرو

  • مولوي خير محمد نظاماڻي نم ليار

مولوي شفيع محمّد نظاماڻي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ھالا

مشهور فنڪار

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو