ٽنڊو قيصر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽنڊو قيصر
Tando Qaisar
يونين ڪائونسل
ٽنڊو قيصر is located in سنڌ
ٽنڊو قيصر
ٽنڊو قيصر
سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 25°22′N 68°30′E / 25.367°N 68.500°E / 25.367; 68.500مڪانيت: 25°22′N 68°30′E / 25.367°N 68.500°E / 25.367; 68.500
ملڪ پاڪستان Pakistan
صوبو سنڌ
ضلعو حيدرآباد ضلعو
تعلقو حيدرآباد ٻهراڙي
قيام سردار قيصر خان نظاماڻي




ٽنڊو قيصر (ٽَنڊو قَيصَرُ، اردو: ٹنڈو قیصر، انگريزي: Tando Qaiser) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ضلعي اندر هڪ ننڍو شهر ۽ يونين ڪاؤنسل آهي. هي شهر ٽنڊي ڄام کان پنج ڪلوميٽر اولھ ۾ آهي ۽ تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي ۾ اچي ٿو. هي شهر ٽالپرن جي دؤر ۾ آباد ٿيو ۽ انبن جي باغن جي لاءِ مشهور آهي.

ٽنڊو قيصر ۾ گهڻي آبادي نظاماڻي ٻروچن جي آهي. انهن کان سواءِ هتي سيد، خاصخيلي، ڪوري، شيدي، ڪنڀر، پٺاڻ پڻ رهن ٿا، ۽ هندن ۾ ڪولهي ۽ مينگهواڙ گهراڻا آباد آهن. يونين ڪاؤنسل جي آبادي ٿلهي ليکي 28 هزار آهي.

ٽنڊو قيصر شهر جي ڀر ۾ سيد مراد شاه جو مزار آهي جتي هر سال ميلو پڻ لڳندو ھو. جيڪو هاڻ ڪافي وقت کان نه لڳي رهيو آهي. هن صوفي درويش جي متعلق ڪا تاريخي معلومات نٿي ملي، پر عوام جي اعتقاد مطابق سيد مراد شاه هڪ صوفي درويش ۽ بزرگ هو.

تواريخ[سنواريو]

ٽالپرن جي دؤر حڪومت ۾ ارڙهين صدي عيسوي ۾ سردار قيصر خان نظاماڻي، پنهنجي مٽن مائٽن سان گڏ هي شهر آباد ڪيو. سندس ڀاءُ سردار علودو خان نظاماڻي به هتي اچي آباد ٿيو. انهن ٻن ڀائرن جي اولاد جا پاڙا علوداڻي ۽ قيصراڻي پاڙا سڏجن ٿا.

مذهب[سنواريو]

ٽنڊي قيصر ۾ اڪثريت مسلمانن جي آهي. هندو اقليت شهر ۽ ڀرپاسي ۾ رهي ٿي، جن ۾ ڪولهي ۽ مينگهواڙ شامل آهن. مسلمانن ۾ سُني اڪثريت ۾ آهن ۽ اڪثر مسجدون سُنين جون ئي آھن جڏھن تہ ڪنھن ھڪ اڌ مسجد ۾ ناواقف ڀائرن جو تسلط آهي ۽ تبليغي جماعت جا وفد ڏيھ توڙي پرڏيھ کان تبليغ جي سلسلي ۾ اڪثر ايندا رھندا آھن جنھن جي ڪري ھتي فرقيواريت بلڪل نہ آھي ھتي اهل تشيع جي بہ ڪجهه تعداد رهي ٿي، جڏهن ته سلفي يا اهل حديث جي (چند افراد کان سواءِ) موجودگي نه آهي.

ٽنڊو قيصر جا نظاماڻي شروع کان ئي سُني هئا ۽ صوفي بزرگن، عالمن جا مريد هئا. مشهور صوفي بزرگ سيد محمد راشد شاه عرف روضي ڌڻيءَ جو به هن ڳوٺ ۾ اچڻ ٿيو هو. ڳوٺ جو باني سردار قيصر خان نظاماڻي به سندس مريد هو. پير روضي ڌڻيءَ کان پوءِ سندس وڏي خليفي فقير محمود نظاماڻي ڪڙيو گهنور واري به ٽنڊي قيصر ۾ تبليغ جاري رکي ۽ سندس ڪيترائي مريد هن ڳوٺ ۾ هئا. هُن کا پوءِ هتي جي اڪثريت پير جهنڊي جي درگاه سان وابسته رهي.

ويهين صديءَ جي آخر ۾ تبليغي جماعت جي ڪري ٽنڊي قيصر ۾ وهابيت جو رواج پيو. هاڻوڪي وقت ۾ تمام ٿورا افراد عملي طور صوفي بزرگن جا پوئلڳ آهن. جماعت اصلاح المسلمين جي هڪ برانچ ٽنڊو قيصر ۾ موجود آهي جنهن جي ذريعي شهر جي آبادي ٻيهر صوفين سڳورن جي طريقي ۽ تعليمات کان واقف ٿي رهي آهي.

ادب ۽ فن[سنواريو]

سنڌي ادبي سنگت جي ٽنڊي قيصر ۾ هڪ برانچ آهي جنهن جي نگهباني مشهور اديب ۽ شاعر آسي زميني ڪري رهيو آهي. آسي زميني جي لائبريري دانش گاه منصوريه به عوام لاءِ کليل آهي. جيڪا هاڻي ختم ٿي چڪي آهي. ائين ان جي جاء تي آسي زميني جي اولاد جو دڪان موجود آهي. ٽنڊي قيصر جا هيٺيان افراد ادب ۽ فن ۾ مشهوري حاصل ڪري چڪا آهن.

  • فتح محمد نظاماڻي، عالمِ دين ۽ مفسرِ قرآن، جنهن جي سنڌيءَ ۾ لکيل تفسير سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي چڪي آهي.
  • محمود آسي نظاماڻي، اديب، ليکڪ، شاعر ۽ سنڌيڪار
  • قيصر خان نظاماڻي، مشهور ٽي وي اداڪار ۽ پروڊيوسر
  • سڪندر ستايل نظاماڻي، اديب ۽ شاعر
  • صوفي شوڪت نظاماڻي، اديب
  • ڊاڪٽر علي نواز نظاماڻي، اديب

ادارا[سنواريو]

ٽنڊو قيصر ۾ هيٺيان سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا ڪم ڪري رهيا آهن.

  • ٽنڊو قيصر بوائز هائي اسڪول (سرڪاري)
  • ٽنڊو قيصر گرلز مڊل اسڪول (سرڪاري)
  • حبيب بئنڪ برانچ ٽنڊو قيصر (غير سرڪاري)
  • ٽنڊو قيصر رورل هيلٿ سينٽر (سرڪاري)
  • ٽنڊو قيصر اينيمل هيلٿ سينٽر (سرڪاري)
  • جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان برانچ ٽنڊو قيصر (غير سرڪاري)

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]

ٽنڊو قيصر ۾ ٿيل جماعت اصلاح المسلمين جو سالانه ديني جلسو 2013

حوالا[سنواريو]