مير عبدالحسين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مير عبدالحسين جي پيدائش شهر ڪلڪتي ۾ 1851ع ڌاري ٿي. 1857ع ۾ پيءُ جي وفات کان پوءِ هو پنهنجي چاچي مير حسن علي خان سان گڏ سنڌ ۾ آيو. هن کي ننڍپڻ کان ئي شاعري جو شوق هو. شاعري ۾ هن "سانگي" لفظ کي تخلص طور ڪم آندو آهي. سانگيءَ جي وفات 12 جون 1924ع ۾ ٿي. سانگي جي ڪتابن ۾ ديوان سانگي، لطائف لطيفي ۽ ڪليات سانگي مشهور سمجهيا وڃن ٿا. مير عبدالحسين خان ’سانگي شهداداڻي خاندان جو آخري فرمان روا، شاعر، نثر نويس ۽ افسانه نگار، مير عبدالحسين خان سانگي، مير عباس علي خان -ٽالپر- جو فرزند هو. سندس سنڌي شاعريءَ ۾ تخلص ”سانگي“ ۽ -اردو- ۽ فارسيءَ ۾ ”عبدالحسين“ هو. مير عباس علي خان ڪلڪتي ۾ نظربنديءَ واري دور ۾ هڪ -انگريز- خاتون سان شادي ڪئي هئي. جنهن مان 1851ع ۾ عبدالحسين خان سانگي پيدا ٿيو. ٻي شادي پهرين زال جي مرڻ کان پوءِ ڪيائين، جنهن مان کيس مير احمد حسين ڄائو، جنهن ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، جڏهن مير عبدالحسين ڇهن ورهين جو هو ته سندس والد جو ڪلڪتي ۾ انتقال ٿيو ۽ پاڻ پنهنجي چاچي مير حسن علي خان سان گڏ رهڻ لڳو. 1863ع ۾ مير حسن علي خان جڏهن سنڌ واپس آيو ته مير عبدالحسين خان به -ان- سان گڏ سنڌ آيو. ڪجهه وقت سانگي پنهنجي چاچي مير حسن علي سان رهيو، پر پوءِ مير صاحب، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان سان گڏ رهيو. جتي سندس والده به رهندي هئي. مير سانگيءَ کي ڪلڪتي ۾ فارسي -تعليم-، سيد ميرزا حسن علي عرف مرزا بزرگ ”وفا“ کان ملي. سنڌ ۾ اچڻ بعد سندس سنڌيءَ جو -استاد- -آخوند- احمد ولد -آخوند- عبدالعليم هالائي مقرر ٿيو. فارسي ۽ -اردو- شعر ۾ مولانا ابوالحسن لکنويءَ ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ سيد غلام محمد شاهه ”گدا“ سندس -استاد- هئا. مير عبدالحسين جڏهن اوڻيهن سالن جو ٿيو ته کيس ”هزهائينس“ جو خطاب مليو. سانگيءَ جي عمر جا پهريان ويهه سال پنهنجي وڏن جي سايي ۾ آرام ۽ آسودگيءَ ۾ گذريا، پر 1871ع ۾ مهراڻ جي ڪيٽيءَ ۾، جتي پاڻ شڪار ڪرڻ ويندو هو، اتي هڪ ڀيري شڪار ڪندي اوچتو سندس نظر هڪ مهاڻي ذات جي عورت تي پئي، جنهن جي هڪ ئي نظر سندس هوش وڃائي ڇڏيا. سانگي آيو ته شڪار ڪرڻ لاءِ هو پر هاڻي پاڻ شڪار ٿي ويو ۽ بيساخته چئي ڏنائين: پــاڻ آهـيـان شـڪـار ٿـيـو هـاڻــي ”سانگي“ ڪهڙو وڃي شڪار ڪريان آخرڪار عشق رنگ لاتو ۽ مير صاحب ملاح ڇوڪري بيبي حاجران کي نڪاح ۾ آندو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي تي پاڻ جمعي جي رات حاضري ڀرڻ ويندو هو ۽ صبح جو حيدرآباد ورندو هو. مير صاحب ۽ سندس گهر واري بيبي حاجران کي چار سال مس ٿيا، جو بيبي حاجران 24 رمضان 1291هه/ 1874ع ڌاري گذاري وئي. مير صاحب پنهنجي هن گهر واريءَ جي مڙهه کي ڀٽ شاهه کڻائي ويو ۽ حضرت شاهه عبداللطيف جي روضي جي ڇانو ۾ دفن ڪرايائين. سانگيءَ جي زندگيءَ جو ٻيو دور 1877ع کان شروع ٿئي ٿو. جنهن ۾ هن هڪ انگريزياڻي، ڊاڪٽر رائيٽ جي ڌيءُ سان شادي ڪئي. هي دور به سانگيءَ لاءِ عجب هو. -اهل- ۽ عيال جي پرورش، نالي ماتر پينشن، (1807ع ۾) مير حسن علي خان جي وفات ۽ ملڪيت جي مقدمي جي ناڪاميءَ سانگيءَ جي دل ۽ دماغ تي وڏو اثر ڪيو. مير عبدالحسين خان سانگيءَ کي شاعري ورثي ۾ ملي هئي ۽ هن پنهنجي شاعريءَ جو آغاز -اردو- شاعريءَ سان ڪيو هو. جيئن ته مير صاحب جي پيدائش ڪلڪتي ۾ ٿي هئي، -ان- ڪري ننڍپڻ جا ست -اٺ- سال اتي ئي گذاريائين. سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ سندس -تعليم- لاءِ جيڪي -استاد- مقرر ٿيا، -تن- مان هڪ مولوي سيد ابوالحسن لکنوي هو، جيڪو پاڻ به شاعر هو. مير صاحب کي -اردو- شاعريءَ جو ذوق مولانا صاحب جي صحبت ۾ ٿيو. بعد ۾ سنڌي شعر چوڻ لڳو. سنڌي ۽ اردوءَ سان گڏ فارسيءَ ۾ به طبع آزمائي ڪيائين. سانگي عالم، اديب ۽ عاشق مزاج شاعر هو، سندس علمي وسعت سندس شاعرانه شعور ۾ اضافو ڪيو، جنهنڪري هن شاعريءَ جي مقصد کي سمجهيو ۽ خاص ڪري نئين سنڌي شاعريءَ جي رائج رجحانن توڙي نين تقاضائن کي محسوس ڪيو ۽ -ان- ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ڪئي. ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ سانگيءَ غزل ۾ نئين ماحول ۽ ٻوليءَ ۾ وڌيڪ ڪامياب تجربو ڪيو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ شيراز ۽ اتان جي باغن ۽ بلبلن جي ذڪر بجاءِ حيدرآباد ۽ سنڌو درياهه جي ڪناري کي ڳايو. مهراڻ جي ڪيٽيءَ ۽ گهاري کي حافظ جي مصليٰ ۽ رڪن -آباد- سان -تشبيهه- ڏنائين. ڊاڪٽر محمد -ابراهيم خليل- مير سانگي جي -باري- ۾ لکيو آهي ته ”سانگي سنڌي ٻوليءَ جو اهو پهريون شاعر آهي، جنهن موزون شاعري ۾ قدرتي نظارن تي دلچسپ نموني لکيو آهي ۽ تخيلات جي دائري کان نڪري حقيقت نگاري ۾ قدم رکيو آهي.“ سانگي جنهن دور ۾ پيدا ٿيو ۽ ننڍو ٿي وڏو ٿيو، اهو سنڌ تي انگريزن جي اوائلي قبضي ۽ تسلط وارو دور هو. جنهن نئون سياسي، سماجي ۽ ادبي ماحول پيدا ڪيو. سياسي لحاظ کان انگريزن جي غاصبانه قبضي جي ڪري هڪ ته وطن جي -آزادي- ختم ٿي ٻيو ته سندس خاندان تي زوال آيو ۽ تڪليفن مٿان تڪليفون آيون. سانگي پنهنجي هر شعر ۾ وطن تي فرنگيءَ جي قبضي، وطن جي تباهي ۽ ويراني، عزيزن دوستن کان دوريءَ جو ذڪر کليءَ طرح ڪيو آهي. انهي غلاميءَ ۾ مير صاحب جنهن بهادريءَ سان انگريزن خلاف قلم کنيو، -ان- جو مثال همعصر شاعرن ۽ اديبن وٽ نه ٿو ملي. وطن جي ويرانيءَ سان گڏ مير صاحب کي پنهنجي خاندان جي زوال ۽ ڌارين جي نا انصافين جو احساس هو. سانگي پهريون سنڌي شاعر هو، جنهن پنهنجي شعر ۾ وطن پرستيءَ ۽ قوميت جي جذبي جو اظهار ڪيو ۽ ڌارين جي غلاميءَ خلاف آواز بلند ڪيو. مير صاحب جوانيءَ وارو زمانو شعر شاعريءَ ۽ شڪار جي شوق ۾ گذاريو. کيس مئجسٽريٽ به بنايو ويو. -ان- وقت مير صاحب جي عمر 27 سال هئي ۽ 45 سال هن عهدي تي فائز رهيو. 1922ع ۾ هن عهدي -تان- استعيفا ڏيڻ چاهيائين ٿي، پر وقت جي ڪليڪٽر اصرار ڪيو ته توهان ڪيس هلائيندا رهو. سندس عمر به وڏي هئي پر ڏکن سانگيءَ کي پيري ۾ داخل ڪري ڇڏيو هو، -ان- ڪري مير صاحب ڪيس هلائڻ -بند- ڪري ڇڏيا. حيدرآباد شهر ۾ مير صاحب کان سواءِ مير شاهنواز خان پٽ مير علي قاسم خان آنرري مئجسٽريٽ هو پر پهرئين ڪلاس جا پاور فقط سانگيءَ، قاضي -امام- علي ۽ ديوان جڳت راءِ کي مليل هئا. سانگي مئي 1924ع ۾ بيمار ٿيو ۽ 12 جون 1924ع مطابق 8 ذيقعد 1342 هه ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش مير عباس علي خان واري مقبري ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو ۽ ڇهن مهينن بعد سندس وصيت مطابق سندس مڙهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مقبري جي صحن ۾ سندس پهرين گهر واريءَ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. مير صاحب حضرت شاهه عبداللطيف جي ڪلام جو غور سان مطالعو ڪيو ۽ شاهه سائينءَ جي سوانح حيات ۽ سندس ڪلام تي ابتدائي قلم کنيو. سانگيءَ جون جيڪي تصنيفون هن وقت تائين مليون آهن: سي هن ريت آهن. (1) سوز سانگي (ڪافيون)، (2) لطائف لطيفي (حضرت شاهه عبداللطيف جي سوانح فارسي)، (3) ديوان سانگي (ٽي جلد)، (4) ڪهاڻي محبت هاڻي، (5) قصص راحت افزا، (6) -آکاڻي- رات وهاڻي، (7) قصه دلچسپ، (8) داستان فرحت افزان، (9) فارسي شاعرن جي ڪلام مان -انتخاب-،(10) مثنوي مشتمل برسر گذشت دار وگير (هن مثنوي ۾ مير حسن علي خان جي وفات کانپوءِ مير نور محمد خان ۽ مير سانگي جي وچ ۾ ملڪيت -تان- تڪرار ٿيو، جنهن ۾ سانگيءَ کي شڪست ملي، انجو مڪمل احوال آهي- هيءَ مثنوي اڻ ڇپيل آهي)، (11) -اردو- شاعرن جي ڪلام مان -انتخاب-، (12) صرف ونحو تي فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب.


. غزل جي اوائلي دؤر جي شاعرن ۾ مير عبدالحسين سانگي مرحوم (وفات 1924ع) جو نالو نمايان حيثيت رکي ٿو. هن جي غزل ۾ حسن و عشق جي بيانن سان گڏ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي عڪاسي به ملي ٿي. هن پڻ بدلجندڙ تهذيب ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي. خاص طرح سان مغربي تهذيب جو وڏو نقصان اهو بيان ڪيو اٿس، ته هيءَ تهذيب اسان کي پنهنجي مذهب کان پري رکي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. آزاديءَ جي تحريڪ ۽ سنڌي شاعري ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع